Oct 15, 2013

عيد جو ڏينهن ۽ عيد جي نماز


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Apr 23, 2013

وليمي جو کاڌو



حضرت ابوهريره کا روايت آهي ته رسول پاڪ صلي الله عليه والسلم جن فرمايو:
”بدترين کاڌو وليمي جو اهو کاڌو آهي جنهن ۾ اميرن کي دعوت ڏجي ۽ فقيرن کي ڇڏي ڏجي۔۔۔“
(مشڪوات ص:278)



وليمي جي لاءِ هڪ پلاٽ ۾ خوبصورت شاميانا ۽ ٽينٽ وغيره لڳايا ويا هيا۔۔۔ ڀت انتظاميه جي ڪوشش هئي ته پاڙي جي غريبن جا ٻار ڀت کائڻ لائڻ لاءِ اندر داخل ٿي نه سگهن۔۔۔ پر ان باوجود هڪ ٻار خبر ناهي ڪيئن اندر داخل ٿي ويو ۽ کاڌي تائين به اچي پهتو۔۔۔ هن هڪ پليٽ کنئي ۽ اڃان چانورن جي ٿالهه طرف وڌيو ئي هيو ته ڀت انتظاميه جي هڪ ماڻهون کيس ڏسي ورتو ۔۔۔ هن پري کان ئي رڙ ڪري کيس روڪيو ۽ هڪ ٻه ٿڦڙ هڻندي کائنس پليٽ ڦري ٻاهر ڪڍي ڇڏيو۔۔۔ جن ڏٺو انهن کي به ڪاوڙ لڳي ته آخر هي ٻار اندر ڪيئن داخل ٿيو۔۔۔
ساڳي ئي هنڌ اميرن جا ٻار به کاڌو کائي رهيا هئا۔۔۔ جن کي غريب جو ٻار پري کان حسرت سان ڏسندو رهيو۔۔ شام جو جڏهن وليمون ختم ٿيو ته پليٽن ۾ بي شمار کاڌو بچي پيو جيڪو پاڙي جي مٽن مائٽن ۾ ورهايو ويو۔۔۔ پر اهو غريب ٻار بکيو ئي رهيو ۔۔۔ ڪجهه دير کان پوءِ ڪجهه بچيل کاڌو پلاٽ جي هڪ طرف اڇلايو ويو ويو۔۔۔ ۽ آخر ڪار غريب جي ٻار ان اڇايل کاڌي مان هڪ خشڪ نان ڳولي کنيو ۽ کائي پنهنجو بکايل پيٽ ڀريو۔۔۔

اها ئي اسان جي وليمي جي روايت آهي۔۔۔
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Mar 21, 2013

بک تهذيب جا اصول وساري ٿي ڇڏي...


ٻڌو... جيڪڏهن توهان ٻڌي ٿا سگهو...
هي آهي اسلامي جهموريه پاڪستان
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Feb 16, 2013

ڇا توهان ڪاوڙ تي قابو رکو ٿا۔۔۔؟

[IMG]

هڪ دفعي هڪ استاد پنهنجي شاگرد سان گڏ پيادل ڪنهن سفر تي نڪتو۔۔ رستي ۾ کين هڪ ننڍي تلاءَ ڀرسان گذرڻ ٿيو۔۔۔ استاد پيدل هلڻ ڪري ٿڪجي پيو ۽ کيس اُڃ پڻ ستايو هيو ان ڪري ڀرسان ئي موجود هڪ ڇانودار وڻ هيٺان ويهي رهيو۔۔۔

شاگرد استاد جي پوئواري ڪندي پڻ وڻ جي هيٺان پڙاء ڪيو۔۔۔ استاد شاگرد کي ڀرسان موجود ان تلاء ڏانهن اشارو ڪندي پاڻي ڀري اچڻ جو چيو۔۔۔

شاگرد جڏهن تلاء ڀرسان پهتو ته هن ڏٺو ته تلاء مان هڪ مينهن جو واڙو گذري رهيو آهي۔۔۔ ۽ ان جي گذرڻ سان تلاء جو پاڻي مٽي سان ملي گدلو ٿي چڪو آهي۔۔۔ هن سوچيو ته اهڙو گندو پاڻي پنهنجي استاد لاءِ ڪيئن کڻي وڃان۔۔۔ سو هُو هٿين خالي واپس موٽيو ۽ استاد کي چيائين ۔۔”استادِ محترم تلاء جو پاڻي مينهن جي گذرڻ ڪري مٽيءَ سان ملي گندو ٿي چڪو آهي۔۔ جيڪو پيئڻ جي قابل نه آهي۔۔“

اڌ ڪلاڪ کان پوءِ استاد شاگرد کي هڪ دفعو ٻيهر تلاء مان پاڻي ڀري اچڻ جو چيو۔۔ شاگرد انتهائي فرمانبرداري سان اٿيو ۽ تلاء ڏانهن روانو ٿيو۔۔

هن دفعي وري هن محسوس ڪيو ته تلاء جو پاڻي مٽي سان آلوده آهي ۽ پيئڻ جي قابل نه آهي۔۔ هُو هڪ دفعو ٻيهر هٿين خالي واپس وريو ۽ استاد سان ساڳي ڳالهه ڪئي۔۔

ڪجهه وقت کان پوءِ استاد هڪ دفعو وري شاگرد کي تلاء مان پاڻي کڻي اچڻ لاءِ چيو۔۔۔شاگرد استاد جي چوڻ تي فرمانبرداري سان اٿيو ۽ تلاء ڏانهن روانو ٿيو۔۔ هن دفعي شاگرد کي تلاءِ صاف ۽ ان ۾ موجود پاڻي مٽي کان پاڪ نظر آيو۔۔ مٽي پاڻي جي تري ۾ ويهي چڪي هئي ۽ پاڻي پيئڻ جي قابل هيو۔۔ هن هڪ ٿانوء ۾ استاد جي لاءِ پاڻي ڀريو ۽ واپس روانو ٿيو۔۔

استاد پاڻي کي ڏسي پنهنجي شاگرد کي چيو۔۔۔ ”ڏٺئي۔۔۔ تو پاڻي کي صاف ڪرڻ لاءِ ڇا ڪيو۔۔۔؟“

”بس انتظار۔۔۔ !۔۔ ايسيتائين جو مٽي پاڻمرادو پاڻي جي تهه ۾ ويهي وئي۔۔ ۽ تو صاف پاڻي حاصل ڪري ورتو۔۔۔ تنهنجو دماغ به ائين آهي۔۔۔ جڏهن سمجهين ته تون پريشان آهين ۔۔ ته ان کي به ڇڏي ڏي۔۔۔ ايسيتائين جو هوُ پاڻمرادو پريشاني کان آجو ٿي وڃي۔۔۔“

سبق: جڏهن توهان ڪاوڙ ۾ هجو۔۔ ته پاڻ کي ٿڌو ٿيڻ لاءِ وقت ڏيو۔۔۔ جنهن کان پوءِ توهان درست فيصلو ڪري سگهندو۔۔۔

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Feb 7, 2013

بهترين سبق

imagesڪلاس روم ۾ خاموشي ڇانيل هئي ۔۔ شاگردن جي نظر ڪڏهن استاد ڏانهن ته ڪڏهن بورڊ ڏانهن ٿي وئي۔۔ استاد جي سوال جو جواب ڪنهن وٽ به نه هو۔۔ سوال هيو ئي اهڙو۔۔۔ بس استاد ڪلاس ۾ داخل ٿيو ۽ ڪجهه ڳالهائڻ بنا بورڊ تي چاڪ سان هڪ مٿان کان هيٺ ليڪ ڪڍي ورتي۔۔ ۽ پوءِ شاگرد ڏانهن مهڙ ڪري پڇيائين۔۔۔ ”توهان مان ڪير آ جيڪو هن ليڪي کي ڇهڻ بنا ننڍو ڪري ڏيکاري۔۔۔۔؟“
”اهو ناممڪن آهي۔۔۔“ آخر ڪار ڪلاس جي سڀ کان قابل ۽ مانيٽر شاگر طفيل اٿي بيهي چيو۔۔۔ ”ليڪي کي ننڍو ڪرڻ لاءِ ان کي مٽائڻو پوندو۔۔۔ جڏهن ته توهان ان ليڪي کي ڇهڻ کان به روڪيو ٿا۔۔۔“
طفيل جي جواب جي سڀني شاگردن تائيد ڪئي۔۔۔ استاد هڪ گهري نظر ڪلاس تي وڌي ۽ ڪجهه چوڻ کانسواءِ ئي بورڊ تي موجود ليڪي ڀرسان هڪ ٻيو ليڪو ڪڍيو۔۔ پر هي ليڪو پهرين ليڪي کان وڏو هو۔۔۔ ۽ سڀني شاگردن ڏسي ورتو ته ڪهڙي طرح استاد پهرين ليڪي کي ڇهڻ بنا ننڍو ثابت ڪري ورتو۔۔۔
ٻين کي نقصان ڏيڻ بنا۔۔۔ انهن کي بدنام ڪرڻ بنا۔۔۔ انهن سان حسد ڪرڻ بنا۔۔۔ انهن سان الجهڻ بنا۔۔۔ انهن کان اڳتي نڪرڻ جو هنر چند سيڪنڊن ۾ سکي شاگردن بهترين سبق حاصل ڪري ورتو۔۔۔
انسان کي رب پاڪ جن فطرتن سان پيدا ڪيو آهي۔۔ انهن مان هڪ ٻين کان اڳتي نڪرڻ به آهي۔۔ ۽ ائين ڪرڻ جو هڪ طريقو اهو آهي ته ۔۔ ٻين کي ننڍو ڪجي ۔۔۔ پر ائين ڪرڻ سان انسان پاڻ وڏو نه ٿو ٿي وڃي۔۔۔
ٻيو طريقو اهو آهي ته ٻين سان الجهڻ بنا پاڻ کي مضبوط، طاقتور ۽ وڏو بنائڻ تي توجه ڏجي۔۔۔ اهڙي صورت ۾ ٻيا توهان کان ننڍا ٿي ويندا۔۔ پر اصل ڳالهه اها آهي ته اهڙي عمل ۾ انسان پاڻ وڏو ٿي ويندو آهي۔۔ ٻين سان الجهڻ بنا اڳتي وڌڻ دنيا ۾ ترقي جو اصل طريقو آهي۔۔ ۽ اهو ئي طريقو هر ماڻهون يا قوم لاءِ اصل طريقو آهي۔۔۔
شال جتي به رهو ٻين لاءِ آزار نه پر باعثِ رحمت بڻجي رهو۔۔

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Feb 2, 2013

ويراني جو سبب

[IMG]چوندا آهن ته هڪ طوطَي ۽ طوطِي جو گذر هڪ ويران ڳوٺ مان ٿيو۔۔ ويراڻو ڏسي طوطِي نر طوطي کي چيو ”ڪيڏو نه ويرانو آ هن ڳوٺ ۾۔۔۔“

نر طوطي جواب ڏنو۔۔۔ ”لڳي ٿو هتان ڪنهن چٻري جو گذرڻ ٿيو هوندو۔۔۔“

انهي وقت هڪ چٻري جو اتان گذرڻ ٿيو۔۔ هن نر طوطي جي ڳالهه ٻڌي ته بيهندي ٻنهي کي چيائين ۔۔”توهان هن ڳوٺ ۾ مسافر ٿا لڳو۔۔۔ اڄ رات منهنجا مهمان ٿيو ۽ مون سان گڏ رات جي ماني کائو۔۔۔“

چٻري جي محبت سان ڀريل دعوت کان طوطن جو جوڙو انڪار نه ڪري سگهيو ۽ دعوت قبول ڪري ورتي ۔۔

ماني کائي جڏهن انهن اجازت گهري ته چٻري طوطِي جو هٿ پڪڙيندي چيو ”تون ڪاڏي ٿي وڃي۔۔۔“

طوطِي وراڻيو ۔۔۔ ”اها به ڀلا ڪا ڳالهه آ۔۔۔ مان پنهنجي مڙس سان پئي وڃان۔۔“

چٻري کلندي چيو۔۔۔ ”ائين وري ڪيئن ۔۔۔ تون ته منهنجي زال آهين۔۔۔“

اهو ٻڌي نر طوطو اڳتي وڌيو۔۔۔ ۽ ڳالهه گرما گرمي کان به چڙهندي وئي۔۔ آخر جڏهن بحٿ وڌيو ته چٻري هڪ تجويز ڏني ته ۔۔۔ ”ڇو نه عدالت هلي قاضي کان فيصلو ڪرائجي۔۔۔؟“

طوطو راضي ٿي ويو۔۔۔ عدالت پهچي جڏهن مسئلو پيش ڪيو ويو ته قاضي دليلن کي سامهون رکندي چٻري جي حق ۾ فيصلو ڏنو۔۔۔

طوطو ان نا انصافي تي ڪافي رنو، رڙيون ڪندو رهيو پر سندس ڪنهن نه ٻڌي۔۔۔ آخر هُو ڳوٺ مان نڪرڻ لڳو ته چٻري کيس چيو ته ۔۔۔”ادا اڪيلو ڪاڏي پيو وڃي۔۔۔ پنهنجي زال ته وٺيون وڃ۔۔۔ “

طوطي حيران ٿيندي جواب ڏنو۔۔ ”پر اها هاڻي منهنجي زال ڪاٿي۔۔۔ عدالت ته تنهنجي حق ۾ فيصلو ڏنو آهي۔۔ “

چٻري نرمي سان وراڻيو۔۔ ”نه دوست۔۔۔! هي منهنجي نه پر تنهنجي ئي زال آهي۔۔ بس مان توکي اهو ٻڌائڻ ٿي گهريو ۔۔۔ ڳوٺ ويران چٻرن جي ڪري نه ٿيندا آهن پر اهي تڏهن ويران ٿيندا آهن جڏهن ملڪ مان انصاف اٿي وڃي۔۔“

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Jan 30, 2013

سڀ کان پهرين ذميداري۔۔۔۔۔۔۔۔

[IMG]

هڪ ڊاڪٽر تڪڙو تڪڙو اسپتال داخل ٿيو ۽ ڪنهن سان ملڻ کان سواءِ ئي تڪڙو لباس تبديل ڪري آپريشن ٿيٽر ڏانهن روانو ٿيو۔۔۔ ڇو ته کيس فون ڪال ڪري ايمرجنسي ۾ گهرايو ويو هو۔۔۔

آپريشن ٿيٽر جي دروازي تي هڪ ضعيف ماڻهون ويٺو هو۔۔ جيڪو کيس ڏسندي ئي اٿي بيٺو ۔۔ ۽ کائنس ڪاوڙ ۾ پڇيائين۔۔۔ ”تو اچڻ ۾ ايترو وقت ڇو لاتو ۔۔ توکي خبر نه هئي ته منهنجي پٽ جي زندگي خطري ۾ آ۔۔ ۽ توکي پنهنجي ذميداري جو احساس آهي۔۔؟“

ڊاڪٽر مسڪرايو ۽ جواب ڏنائين۔۔ ”معاف ڪجو مان اسپتال ۾ نه هيس ۔۔ بس جيئن ئي مون کي ڪال ملي تيئن ئي تڪڙو پهتو آهيان۔۔ اميد ته توهان صبر ڪندو ۽ مون کي ڪم ڪرڻ ڏيندو۔۔“

همراه وڌيڪ ڪاوڙ ۾ چيو۔۔ ”صبر ڪريان۔۔ جيڪڏهن منهنجي پٽ جي جاءِ تي اندر تنهنجو پٽ هجي ها ته تون صبر ڪرين ها۔۔ ؟“

ڊاڪٽر مسڪرائيندي جواب ڏنو۔۔”پاڪ ڪلام فرمائي ٿو ۔۔۔ توهان کي مٽي مان پيدا ڪيو ويو آهي ۽ مٽي ۾ ئي دفن ڪيو ويندو۔۔ الله پاڪ مهربان آهي۔۔ زندگي موت ان جي هٿ ۾ آهي ۔۔۔ ڊاڪٽر ته صرف وسيلو آهي ۔۔ توهان رب پاڪ کان پنهنجي پٽ جي زندگي لاءِ دعا گهرو۔۔۔“

والد هڪ دفعو وري ڪاوڙ ۾ چيو۔۔۔۔ ”ٻين کي مشورو ۽ نصيحت ڏيڻ سولو ڪم آهي۔۔“

آپريشن ڪجهه ڪلاڪ هليو ۽ ڊاڪٽر آپريشن جي ڪاميابي سان ٻاهر آيو۔۔ ”خدا جو شڪر ادا ڪريو۔۔ توهان جو پٽ هاڻي بهتر آهي۔۔ “ ڊاڪٽر مريض جي والد جو جواب ٻڌڻ کانسواءِ ئي تڪڙو ٻاهر نڪتو ۽ ويندي ويندي ٻيهر چيائين۔۔۔”توهان کي ڪا پريشاني هجي ته نرس سان رابطو ڪجو۔۔“

ڀرسان ئي موجود نرس کان مريض جي والد پڇيو۔۔ ”ڊاڪٽر ايترو تڪڙو ڇو ويو هليو۔۔ مون کي پنهنجي پٽ بابت کائنس اڃان پڇڻو هيو۔۔۔“

نرس ڀريل اکين سان جواب ڏنو۔۔”ڊاڪٽر جو پٽ ڪالهه روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ وفات ڪري ويو هو۔۔ ۽ سندس جنازي نماز ٿيڻ کان اڳ ئي کيس فون ڪري هن آپريشن لاءِ گهرايو ويو هو۔۔ هاڻي جڏهن توهان جو پٽ جو آپريشن ڪري چڪو ته هن کي پنهنجي پٽ جي جنازي ۾ شرڪت ڪرڻي هئي۔۔۔“

سبق: ڪنهن به قصوروار نه سمجهو۔۔ ڇو ته توهان کي ناهي خبر ته انهن جو ڪهڙو حال آهي۔۔

سنڌ سلامت تان کينل

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

انسانيت..

زندگي خدا جي ڏِنل هِڪ اهِڙي خوبصورت سُوکڙي آهي جِنهن جو ڪوبه انسان تصور ئي نه ٿو ڪري سگهي۔اِن جي قدر ڪرڻ ۽اُن جي اهميت سمجهڻ گهُرجي۔انسان ايترو ته مادا پرست ٿي ويو آهي جو انسان کي انسان جو احساس ئي نه رهيو آهي۔اڄ ڪلهه جي دور ۾ ڳاڙهو رنگ اسان جي زندگين ۾ ايتري قدر ته شامِل ٿي ويو آهي جو اُهو ڪو ڏينهن ناهي جو اسان جي نظرن اڳيان ڳاڙهو رنگ نه گذرو هُجي۔هر طرف رت ئي رت ،قتلِ عام،معصوم بيگُناهه ماڻهو جي موت ۔اسان انسانيت کي پنهنجي وجود مان ڪڍي ڦِٽو ڪري ڇڏيو آهي۔انسان مان جڏهن انسانيت کي ڌار ڪري ڇڏجي ته باقي انسان ۾ ڇا بچيو؟ڪجه به نه۔خالي ۽ کوکلو وجود۔۽ بي جان جسم۔ڇا اسان اِهو سڀ روڪي نٿا سگهون؟جواب آهي ها روڪي سگهون ٿا۔پنهنجن روين، سٺن عملن،۽ سُٺي ڪردار سان۔رب پاڪ اسان کي اشرف المخلوقات ڪري هِن جهان ۾موڪليو۔۽ اسان خدا ٿيڻ جي ڪوششن ۾ لڳي وياسين۔پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائڻ بجاءِ ٻين جي زندگين ۾لئيا پائڻ شروع ڪياسين۔اچو ته گڏجيانسانيت کي بچايون۔۽جيترو ٿي سگهي محبتون ورهايون هِڪٻئي جي ڪم اچون۔جي اگر واٽ ويندي ٻن ماڻهن ۾ جهيڙو ڏِسون ته بجاءِ اِن جي ته اِهو چئي اُتان گذري وڃون ته اِنهن جو پنهنجو مسئلو آهي،اُنهن جو مسئلو حل ڪيون۔ٿي سگهي ٿو ته الله پاڪ جي ذات کي توهان جو اِهو عمل پسند اچي ۽توهان جا ڪيل ڄاڻي واڻي يا اڻڄاڻائي ۾ ڪيل گُناه ۽ خطائون بخشي ڇڏي۔اچو ته پنهنجي پاڻ سان اِهو عهد ڪيون ته اسن سڀ هِڪ آهيون اسان سڀني جي وجود ۾ رب جي هٿن جو لمس آهي چاهي اُهي هندو هُجن،عيسائي هُجن يا مُسلمان هُجن ۔ پراسان سڀ الله جي مخلوق آهيون اچو ته پنهنجن سُتل احساسن کي جاڳايون ۽ پنهنجن سُٺن عملن سان پنهنجا پنهنجاگُناه ۽ غلطيون بخشرايون۔

سهڻي پارس جي ٿورن سان

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Jan 29, 2013

روح کي ڇهندڙ پيغام ... جي سمجهي سگهو ...

ٽائيم هجي ته هي 7 منٽن واري وڊيو ڏسو...
فلم ڏسندي هڪ لمحي لاءِ فرض ڪريو ته هن وڊيو جا سمورا ڪردار هتان جا آهن.. اهڙن ڪردارن کي غور سان ڏسو ... يقينن توهان کي هڪ زبردست ميسيج ملندو... جيڪو سڌو توهان جي روح کي وڃي ڇهندو ...
پوء ڇا ٿوري دير لاءِ وقت ڪڍندو...؟

ڌرمام… تامل وڊيو.. .انگريزي سب ٽائيٽل سان
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Jan 28, 2013

نياڻيون الله جي رحمت آهن..

[IMG]
نياڻيون سڀني جي مقدر ۾ ڪاٿي هونديون آهن۔۔۔ گهر جيڪو خدا کي پسند هجي ته هونديون آهن۔۔۔
پنهنجي ڌيئرن ۽ ڀينرن سان شفقت سان پيش اچو ۔۔۔ ڇو ته اهي الله جي رحمت هونديون آهن۔۔۔ انهن کي ڪڏهن به بار نه سمجهو۔۔۔ انهن کي الله جي امانت سمجهي شفقت ۽ محبت سان پاليو۔۔۔ ۽ انهن جي سٺي دنيوي ۽ ديني تربيت ڪريو۔۔ اهي توهان جي گهر جون مهمان آهن۔۔۔ امانت آهن ۔۔۔ آخر انهن کي پنهنجي گهر وڃڻو آهي۔۔ جتي خبر ناهي ته سندن زندگي ڪيتري خوش گوار گذري۔۔۔
*********************
حضرت ابنِ عباس رضي الله تعالى عنه فرمائين ٿا۔۔ ته رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو: ”جنهن مرد جون ٻه ڌيئر بالغ ٿي وڃن۔۔۔ ۽ انهن سان حسنِ سلوڪ رکي (سٺو کارائي پياري ۽ ديني ادب سيکاري) جيسيتائين اهي ڌيئر گڏ رهن ۽ حسنِ سلوڪ ۾ گهٽتائي ٿيڻ نه ڏئي۔۔۔ ته اهي ڌيئر ئي کيس جنت ڏياريينديون۔۔۔ “
حوالو: ابنِ ماجه : جلد ٽيون: حديث نمبر 550
*********************
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

پرديسي ڏانهن ديس مان آيل خط جو نمونو…

نوٽ؛ دوستو! ڪجهه ڏينهن اڳ مون هڪ پرديسي مظلوم مڙس جو هڪ خط اوهانکي پڙهايو هو، اڄ اوهانجي خدمت ۾ ديس کان آيل ڌرم پتنيءَ جي خط جو نمونو ڏيکاريانٿو ... اميد ته پرديس ۾ ويٺل سڀني مڙسن کي پسند ايندو .... شاعر هجڻ جي دعوا ناهي بس ڪنهنجي اندر جي اڌمن کي سنڌي ويس پارايو اٿم ...!!!

نثار ابڙو

*****
مليو آهي خط پيارا، ته موڪل اچي رهيو آهــين،
منهنجن خوابن ۾ صبح و شام، اچـي رهيو آهين،
جڏهن ايندي ته مون لئه ڏينهن عيــد جو هوندو،
عجب ڏيک منهنجا پيارا، تنهنجي ديد جو هوندو،

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Jan 27, 2013

اليڪشن اچي پئي...


اليڪشن اچي پئي...
ڪنهن کي برياني کائڻي آ....؟
ڪنهن کي پنهنجي گهر واري ڳلي پڪي ڪرائڻي آ...؟
ميٽر جو مسئلو ڪنهن کي حل ڪرائڻو آ...؟
ڪنهن ڪنهن کي سرڪاري نوڪري ۾ ڀرتي ٿيڻو آ...؟
ته پنهنجيون درخواستون تيار رکو... ڇو ته ويجهڙ ۾ اهي سڀ توهان جي سامهون هوندا ..
جيڪي هر پنجن سالن کان پوء نظر ايندا آهن...
هرڪو چوندو آ مان انقلاب آڻيندس...
ڪنهن جي هٿ ۾ بيلچو هوندو...
ڪنهن جي هٿ م ڪتاب هوندو...
ڪنهن جي ڪلهن تي شينهن جو پتلو هوندو..
ڪو سائيڪل کي ملڪ جي ترقي جو نشان چوندو..
ڪو تير کڻي ملڪ فتح ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندو..
مطلب جيترا اميدوار اوترا نشان...
بس فيصلو توهان کي ڪرڻو آ... ته...
هڪ ڏينهن جي مزيدار برياني ۽ پنجن سالن جا فاقا کپن ... يا
هڪ ڏينهن جو فاقو ۽ پنجن سالن جو افاقو کپي...
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Jan 26, 2013

ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه...

چوندا آهن ته هڪ دفعي هڪ سردار ڪنهن رستي تان گذرندي ڪيلي جي کل تي پير رکي ويٺو .. ۽ مٿي ڀر اچي پٽ سان لڳو... ڌڪ ته لڳس پر مٿو کنيندو هليو ويو... اتفاق سان ڪجهه ڏينهن کان پوء وري ساڳي رستي تان سندس گذرڻ ٿيو ... هڪ دفعو وري اتي ڪيلي جي کل پئي هئي.. پر سردار ڏسي ورتي... ۽ بيهي رهيو.. ڪجهه سوچي مٿو کنهيائين... ۽ چيائين... ”اڄ وري ڪرڻو پوندو....“.. گڏ ڪيلي جي کل تي پير رکي ڇڏيائين...

توهان کي اندازو ته ٿي ويو هوندو ته پوء ڇا ٿيو هوندو... اسان جي حالت به ان سردار وانگر آ.. اسان به هر اليڪشن ۾ ...

ڪيلي جي کل کي ڏسندا ته آهيون...

پراڻا ڌڪ به ياد ڪندا آهيون..

مٿو به کنهندا آهيون..

فيس بوڪ تي انهن کي گهٽ وڌ به چوندا آهيون.. پر انهن کان بچڻ بجاءِ ...

ڪل ڀي ڀٽو زنده ٿا .. آج ڀي ڀٽو زنده هي...

تير ڀائي ميرا ڀائي .. الطاف ڀائي الطاف ڀائي..

قدم بڙهائو نواز شريف .. هم تمهاري ساٿ هين...

جهڙا نعرا هڻندي ... ڪيلي جي کل تي پير رکي ڇڏيندا آهيون... ۽ پوء ايندڙ پنجن سالن تائين ساڳيا لاٽون ساڳيا چُگهه...

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

مَردن جي ايمانداري۔۔۔

اسڪولي دور ۾ هڪ ڪهاڻي پڙهي هئي ۔۔۔ جنهن ڪافي متاثر ڪيو هيو۔۔ پر اڄ نيٽ گردي ڪندي ان ڪهاڻي جو جديد ورجن نظر مان گذريو۔۔۔ سوچيو سنگت آڏو آڻجي۔۔
**********
[IMG]هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته ڪو غريب ڪاٺير هوندو هو۔۔ هو روزانو ڪاٺيون ڪٽيندو هو ۽ انهن کي کپائي گذر سفر ڪندو هو۔۔ هڪ دفعي هو ڪاٺيون ڪٽي واپس ڳوٺ ڏانهن ٿي آيو ته رستي ۾ ايندڙ ندي تي موجود پل تان گذرندي سندس ڪهاڙي ندي ۾ ڪري پئي۔۔۔
ڪاٺير وٽ اها هڪ ئي ڪهاڙي هئي۔۔ نئين ڪهاڙي وٺڻ سندس وس ۾ نه هو۔۔ ان ڪري پنهنجي روزي حاصل ڪرڻ واري اوزار کي وڃائيڻ تي هن روئڻ شروع ڪيو ۔۔ ٿوري ئي دير ۾ ندي مان هڪ پاڪدامن نوجوان انسان ظاهر ٿيو ۽ کائنس روئڻ جو سبب پڇيو۔۔
ڪاٺير کيس پنهنجي ڪهاڙي گم ڪرڻ جو ذڪر ڪيو۔۔ نوجوان پاڻي اندران هڪ سوني ڪهاڙي کڻي سندس اڳيان رکي ۽ پڇائين ۔۔۔ ”ڇا تنهنجي هيءَ ڪهاڙي آهي۔۔؟“

ڪاٺير ڪهاڙي ڏسي چيو ته ۔۔”نه منهنجي هي ڪهاڙي نه آهي۔۔“
نوجوان هڪ دفعو ٻيهر پاڻي ۾ ويو ۽ هن دفعي چاندي جي ڪهاڙي ڪاٺير اڳيان آڻيندي پڇيو۔۔”ڇا تنهنجي هيءَ ڪهاڙي آهي۔۔؟“
ڪاٺير هن دفعي انڪار ۾ مٿو ڌوڻيو۔۔ جنهن تي نوجوان هڪ دفعو ٻيهر پاڻي ۾ وڃي سندس واري لوهه جي ڪهاڙي کڻي سندس اڳيان آندي۔۔
هن دفعي ڪاٺير نوجوان جي پڇڻ کان اڳ ئي چيو۔۔ ”ها بلڪل ۔۔! هيءَ منهنجي ڪهاڙي آهي۔۔“
پاڪدامن انسان کي ڪاٺير جي سچائي ۽ ايمانداري ڪافي پسند آئي ۽ کيس ٽئي ڪهاڙيون ڏئي ڇڏيون۔۔
ڪجهه عرصي کان پوءِ ساڳيو ڪاٺير پنهنجي زال سان ان ندي جي پل تان گذري رهيو هيو جڏهن سندس زال نديءَ ۾ ڪري پئي۔۔۔ جنهن تي هن روئڻ شروع ڪري ڏنو۔۔
ٿوري ئي دير ۾ ساڳيو پاڪدامن نوجوان ظاهر ٿيو ۽ کائنس ماجرا پڇي۔۔۔ ڪاٺير کيس ٻڌايو ته سندس زال نديءَ ۾ ڪري پئي آهي۔۔۔ نوجوان پاڻي ۾ واپس موٽيو ۽ پاڻي مان هڪ انتهائي خوبصورت نوجوان ۽ زيورن سان آراستا ڪنوار کي ٻاهر کڻي نڪتو۔۔۔ ۽ ڪاٺير کان پڇيائين ۔۔ ”ڇا تنهنجي هي زال آهي۔۔۔؟“


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

سلوڪ..

سورة العنڪبوت آيت نمبر 8



ترجمو: اسان هر انسان کي پنهنجي پيءُ ماءُ سان احسان ۽ چڱو سلوڪ ڪرڻ جي وصيت ڪئي آهي

مترجم : علامه علي خان ابڙو




هڪ پٽ پڙهي لکي وڏو ماڻهون بڻجي ويو ۔۔ والد جي وفات کان پوءِ سندس امڙ هر طرح جو ڪم ڪري کيس ان قابل بڻايو هو۔۔۔ شادي کان پوءِ سندس زال کي ماء سان شڪايت رهڻ لڳي ته هوءَ سندن اسٽيٽس تي فٽ ناهي۔۔ ماڻهن کي ٻڌائيندي لڄ ٿيندي آهي ته ”اڻ پڙهيل عورت سندس سس آهي۔۔“
ڳالهه وڌڻ تي پٽ هڪ ڏينهن ماءُ کي چيو ۔۔ ”مان هاڻي ان قابل ٿي ويو آهيان جو ڪوبه قرض لاهي سگهان ۔۔۔ مان ۽ تون ٻئي خوش رهنداسين ۔۔ ان ڪري مان چاهيان ٿو ته توهان مون تي ڪيل سمورن خرچن کي وياج سميت حساب ڪري ڏسيو۔۔۔ مان اها رقم ادا ڪندس ۽ پوء اسان الڳ رهي ڪري سکيا رهنداسين۔۔۔“
ماءُ حيرت سان سوچيندي رهي ۽ ڪجهه وقت کانپوء چيائين۔۔۔ ”پٽ۔۔۔ حساب ٿورو وڏو آ۔۔ سوچي ڪري ٻڌائڻو پوندو۔۔ مون کي ٿورو وقت گهرجي۔۔“
پٽ چيو۔۔۔ ”خير آ امان۔۔ ڪا جلدي ناهي ۔۔ ڀلي ٻه چار ڏينهن لڳائي ٻڌائجان۔۔۔“
رات ٿي سڀ سمهي پيا ۔۔۔ ماءُ هڪ لوٽي ۾ پاڻي کنيو ۽ پٽ جي ڪمري ۾ آئي ۔۔۔ پٽ جنهن پاسي ستل هو ان جي هڪ پاسي پاڻي هاري ڇڏيائين۔۔ پٽ پاسو ورايو ته ٻئي پاسي به پاڻي هاري ڇڏيائين۔۔ پٽ جنهن به طرف پاسو پئي ورايو ماء ان جي مخالف پاسي پاڻي هاريندي رهي۔۔۔
پريشان ٿيندي پٽ اٿي پيو۔۔۔ ۽ ماء کي ائين ڪندي ڏسندي ڪاوڙ ۾ چيائين۔۔ ”امان هي ڇا پئي ڪرين۔۔؟ منهنجي بستري کي پاڻي سان آلو ڇو پئي ڪرين۔۔۔؟“
ماءُ جواب ڏنو۔۔ ”پٽ تو مون کان پوري زندگي جو حساب لڳائڻ جو چيو هو۔۔ مان اڃان اهو حساب پئي لڳايو ته مون ڪيتريون راتيون تنهنجي ٻالڪپڻ ۾ تو طرفان بسترو آلو ڪرڻ تي جاڳندي ڪاٽيون هيون۔۔ هي ته پهرين رات آ۔۔ ۽ تون هاڻي کان ئي گهٻرائي وئين۔۔۔ مون ته اڃان حساب شروع ئي نه ڪيو آهي۔۔ جنهن کي تون ادا ڪري سگهين۔۔۔
ماء جي ان ڳالهه پٽ جي دل کي جنجهوڙي ڇڏيو۔۔ پوري رات هن سوچڻ ۾ گذاري ڇڏي۔۔ شايد کيس احساس ٿي چڪو هو ته ماءُ جو قرض ڪڏهن به لاهي ڪونه سگهبو۔۔۔
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Jan 25, 2013

احساس۔۔۔۔ !



هڪ ڳوٺ ۾ هڪ همراه پنهنجي زال ۽ پٽ سان رهندو هو۔۔۔ پٽ ننڍي کان وڏيو ٿيو هو پر ڪو ڪم نه ڪندو هو۔۔ جڏهن ته سندس پيء روزانو ڳوٺ جي ڀرسان شهر ڏانهن ڊيوٽي تي ويندو هو۔۔ پٽ جي واندي ويهڻ تي اڪثر پيء کيس دڙڪا ڏيندو رهندو هو۔۔ پر هميشه ماء پنهنجي پٽ جي پاش ٻڌندي چوندي هئي ته هو اڃان ننڍو آهي۔۔
هڪ ڏينهن والد پٽ تي ڪاوڙ ڪندي پنهنجي زال کي چيو ته ”جيسيتائين هي روزانو ڪمائي نه ايندو تيسين کيس رات جي ماني نه ملندي۔۔“
ٻئي ڏينهن صبح جو پيء پنهنجي ڪم تي شهر ڏانهن روانو ٿي ويو۔۔۔ جنهن کان پوءِ ماء پٽ کي ماني ڏيندي چيو۔۔ ”پٽ تون گهٻراء نه۔۔۔ ! هي وٺ 100 روپيا ۔۔۔ جڏهن پڻهين واپس موٽي ته کيس ڏجانءِ ۔۔ ۽ چئجانءِ ته اڄ مون مزدوري ڪري هي پيسا ڪمايا آهن۔۔۔“
پيء شام جو گهر آيو ۽ پٽ کان پڇيائين ته اڄ تو ڪو ڪم ڪيو ۔۔ ۽ ڪجهه پئسا ڪمايا۔۔۔
پٽ کيسي مان 100 روپيه ڪڍي پيء کي ڏنا۔۔۔ پيء 100 جو نوٽ وٺي غور سان پٽ کي ڏٺو ۽ ڪجهه سوچڻ کان پوءِ اچانڪ 100 جي نوٽ کي ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري دري کان ٻاهر اڇلايو۔۔ ۽ ڪاوڙ ۾ چيو۔۔ ”هي پئسا تو نه ڪمايا آهن۔۔ يقينن هي پئسا توکي ماڻهين ڏنا هوندا ۔۔“
ماء 100 جي نوٽ کي ٽڪرا ٿيندي ڏٺو پر ڪجهه نه ڪڇي۔۔۔ جڏهن ته پٽ ڪجهه چوڻ بنا ٻاهر نڪري ويو۔۔۔
ٻئي ڏينهن شام جو واپسي تي هڪ دفعو وري ساڳي صورتحال ٿي۔۔ پٽ هڪ دفعو وري ماء کان ورتل 100 روپين جو نوٽ پنهنجي پيء کي ڏنو ۔۔۔ پر پيء نوٽ کي وٺي ان کي ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري دري کان ٻاهر اڇلايو۔۔ ۽ ڪاوڙ ۾ چيو۔۔ ”هي پئسا تو نه ڪمايا آهن۔۔ يقينن هي پئسا توکي ماڻهين ڏنا هوندا ۔۔“
هڪ دفعو وري ماء ۽ پٽ ڪجهه نه ڪڇيا۔۔۔
اهڙي طرح ائين روزانو ٿيندو رهيو ۽ ست ڏينهن گذري ويا۔۔۔ آخر ڪار هڪ ڏينهن پٽ کي احساس ٿيو ته گهڻو ڪجهه ٿيو هاڻي کيس ڪجهه ڪرڻ گهرجي۔۔ هاڻي ماء پريشان ٿي ۽ کيس وڌيڪ رقم ڏنائين پر پٽ رقم وٺڻ بنا ئي گهر مان نڪري ويو۔۔۔
هن ڳوٺ ٻاهران هڪ هاري کي ٻني ۾ ٻج ڇٽيندي ڏٺو۔۔ ۽ کيس سندس ڪم ۾ مدد ڪرڻ جي آڇ ڪئي۔۔ هاري سندس محنت سان ڪم ڪرڻ تي خوش ٿي کيس ڪجهه روپيا ڏنا ۔۔۔ جنهن کان پوءِ هي مارڪيٽ ويو جتي هڪ واپاري جو هٿ ونڊائيندي سندس اناج کي گاڏي تي رکرايو ۔۔ جنهن تي واپاري به کيس ڪجهه رقم ڏني۔۔۔ مطلب ته شام جو گهر واپس ويندي سندس وٽ محنت سان ڪمايل 50 روپيا کيسي ۾ موجود هيا۔۔۔
شام جو جڏهن پيء شهر کان واپس گهر موٽيو ته پٽ هن دفعي کيس فخر سان 50 روپيا سندس هٿن ۾ ڏنا۔۔ پيء کيس غور سان ڏٺو ۽ ساڳيو عمل ڪيو۔۔ هن 50 جي نوٽ کي ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري دري کان ٻاهر اڇلايا۔۔ ۽ ڪاوڙ ۾ چيو۔۔ ”هي پئسا تو نه ڪمايا آهن۔۔ يقينن هي پئسا توکي ماڻهين ڏنا هوندا ۔۔“
هن دفعي پٽ جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو۔۔ هن روئندي گهر ٻاهران ڊوڙ پاتي ۽ پيء جي ٽڪرا ڪري اڇايل نوٽ کي ميڙڻ شروع ڪيو۔۔ جڏهن هو سمورا ٽڪرا گڏ ڪري اٿيو ته پنهنجي پيء کي سامهون سندس انتظار ۾ ڏٺائين۔۔۔ پيء کيس ڀاڪر ۾ وٺندي چيو۔۔

”اچ ته ماني کائون۔۔ مون کي خبر آهي ته هي پئسا تو واقعي به ڪمايا آهن۔۔ ڇو ته تون انهن کي ائين ضايع ٿيندي نه ڏسي سگهندي۔۔۔ جو توکي پنهنجي محنت سان حاص ڪيل ان رقم جي اهميت جو احساس ٿي چڪو آهي۔۔ “
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪردار جي اهميت...



هڪ همراه رنگ برنگي ڦوڪڻا کپائي گذر سفر ڪندو هوندو۔۔۔ سندس ڦوڪڻن ۾ نيرا، ساوا ۽ ڦڪا ڦوڪڻا شامل هوندا هئا۔۔۔ هُو جڏهن به محسوس ڪندو هو ته ڌنڌو گهٽجڻ لڳو آهي ته هو هڪ هيليم گيس سان ڀريل ڦوڪڻي کي هوا ۾ ڇڏي ڏيندو هو۔۔۔ جڏهن ٻار ان ڦوڪڻي کي هوا ۾ اڏرندي ڏسندا هئا ته اهو ان همراه کان ڦوڪڻا خريد ڪرڻ لاءِ ڊوڙي ايندا هئا۔۔۔ اهڙي طرح همراهه جو ڌنڌو ٻيهر چمڪي پوندو هو۔۔۔
همراه سمورو ڏينهن بس اهو ئي ڪم ڪندو هو۔۔۔ هڪ ڏينهن هن محسوس ڪيو جهڙوڪ ڪير سندس قميص ڇڪيندو هجي۔۔۔ هن فري پويان ڏٺو ته کيس هڪ ننڍڙو ٻار نظر آيو جنهن کيس چيو ۔۔۔ ”جيڪڏهن توهان ڪاري رنگ وارو ڦوڪڻو به هوا ۾ ڇڏيو ته اهو اڏرندو۔۔۔؟“
همراهه جواب ڏنو۔۔۔ ”پٽ۔۔! اهو ڪو رنگ ناهي بلڪه اها ڦوڪڻي جي اندر موجود گيس آهي جيڪا ڦوڪڻي کي اڏاريندي آهي۔۔۔

سبق: اسان جي زندگي جو مثال به ان ڦوڪڻي وانگر آهي۔۔۔ اسان جي اندر اهو ڀلو ڪردار ئي آهي جيڪو اسان جي زندگي کي اوچو بڻائي ٿو۔۔۔
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

زندگي جي حقيقت۔۔



ٽن دوستن هڪ دفعي چائنا ۾ موڪلون گذارڻ جو فيصلو ڪيو۔۔۔ جئين ته هو چائنا ۾ نوان هئا ان ڪري هوٽل جي 60 منزل تي ئي رهائش وٺي سگهيا۔۔۔ هوٽل جو اصول هيو ته رات جو 12 بجي کان پوءِ لفٽ کي بند ڪيو ويندو هو۔۔۔
ٽئي دوست هڪ ڏينهن هڪ ڪار ڪرائي تي وٺي چائينا جو شهر گهمندا رهيا ۽ مزا ماڻيندا رهيا۔۔۔ ۽ کين وقت گذرڻ جو احساس ئي نه ٿيو۔۔۔ ۽ ائين واپسي تي کين هوٽل پهچندي پهچندي رات جا ساڍا 12 وڄي ويا۔۔۔ ۽ تيسين هوٽل جي اصول مطابق لفٽ کي بند ڪيو ويو هو۔۔۔
پنهنجي ڪمري ۾ پهچڻ لاءِ هاڻي کين 60 منزلون ڏاڪڻن ذريعي طئي ڪرڻيون پئجي ويون۔۔۔ ٽنهي دوستن صلاح ڪئي۔۔۔ هڪ دوست چيو ته پهرين 20 منزلن تائين هو لطيفا ٻڌائيندو رهندو۔۔۔ ٻئي دوست چيو ته وڌيڪ 20 منزلن تائين هو سب آموز ڪهاڻيون ٻڌائيندو ۔۔۔ جڏهن ته ٽئين دوست چيو ته آخري 20 منزلون طئي ڪندي هو ڏکوئندڙ واقعا ٻڌائيندو۔۔۔ اهڙي طرح فاصلو طئي ٿي ويندو۔۔۔
واعدي مطابق پهرين دوست 20 منزلن تائين مزيدار لطيفا ٻڌايا ۔۔۔ جڏهن ته وڌيڪ 20 منزلون طئي ڪندي ٻئي دوست سبق آموز ڪهاڻيون ٻڌايون۔۔۔ اهڙي طرح 40 منزلون طئي ٿي ويون۔۔۔ ۽ دوست ڪافي لاڀائتيون ڳالهيون سکندا رهيا۔۔۔
جنهن کان پوءِ ٽئين دوست جو وارو آيو جنهن چيو ۔۔۔ ”منهنجي پهرين ڏکوئيندڙ ڳالهه اها آهي ته ڪمري جون چاٻيون ته مان هيٺ ڪار ۾ ئي وساري آيو آهيان۔۔۔

سبق: مٿين ڪهاڻي به دراصل اسان کي زندگي جي ڦيري جو درس ڏئي ٿي۔۔۔ زندگي جا پهريان 20 سال اسان مذاقن ۽ خوشين ۾ گهاري ڇڏيون ٿا۔۔۔ جڏهن وڌيڪ 20 سالن دوران اسان محنت ڪندي ڪجهه پيسو ڪمايون ٿا، شادي ڪندي پنهنجا فرض نڀايون ٿا۔۔ ۽ اولاد پيدا ڪري انهن کي بهتر تربيت ڏيون ٿا۔۔۔ اهڙي طرح جڏهن اسان 40 سالن جي عمر کي پهچون ٿا۔۔ ۽ پنهنجا سفيد ٿيندي وار ڏسون ٿا ته آخرت جي تياري ڪرڻ جي سوچ ۾ لڳي وڃون ٿا۔۔۔ پر افسوس جو اسان مان ڪافي اڳتي وڌڻ جون چاٻيون پوئتي وساري ايندا آهن ۔۔ ان ڪري ڪيڏو ڀلو ٿئي جو اسان زندگي جي شروعات ۾ ئي موت جو خوف سامهون رکي پنهنجي آخرت سنوارڻ جون چاٻيون سنڀاليندا رکون۔۔۔
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Jan 19, 2013

زندگي جا رنگ



سمنڊ ڪناري هڪ ٻار کي ڏٺو.. جيڪو واري جو گهر ٺاهيندي پري کان ايندڙ هڪ ٻيڙي تي نظر رکيو ويٺو هو... اچانڪ لهريون اٿيون ۽ ٻيڙي لڏڻ لڳي.. ڪجهه بي چين آواز نڪتا ۽ ٻار کلندي ٽهڪ ڏنو.. ان جي صحتمد ڳلن تي ٺهندڙ چُگهه کي ڏسي مون سوچيو ... اهائي ته زندگي آ..

ايتري ۾ ڇولي آئي ۽ ٻار جو ٺهيل واري جو گهر لوڙهي وئي... ٻار جي وڏين وڏين اکين ۾ پاڻيءَ جون نمڪين لهريون اٿيون ... تڏهن مون سوچيو ته زندگي ته هيءَ آ...
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Jan 15, 2013

غرور جو انت..


رستي تي رکيل هڪ ڏيئي چيو...
”مان ڀٽڪيل مسافرن کي راه ڏيکاريان ٿو... مان سڀ کان وڏو هان...“
مجلس ۾ رکيل ڏيئي چيو....
”ماڻهون منهنجي روشني جي چوڌاري ويهي سٺيون ۽ نيڪ ڳالهيون ڪن ٿا.. ۽ هڪ ٻئي کي نيڪ رستي تي هلڻ جي تلقين ڪن ٿا.. مان نه هجان ها ته اهو نيڪ ڪم بلڪل به نه ٿئي ها.. ان ڪري مان وڏو آهيان....“

ايتري ۾ هوا جو هلڪو جهونڪو آيو ... ۽ ٻئي ڏيئا اجهائي هليو ويو...
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Jan 14, 2013

ملڪ ۾ امن ڪيئن قائم ٿيندو...؟


هڪ دفعي هڪ بادشاهه هڪ ڪنڀر جي گڏهن کي هڪ ئي لائين ۾ هلندي ڏٺو ۔۔۔ هن ڪنڀر کي گهرايو ۽ پڇيو ته ”هي هڪ ئي قطار ۾ سڌا ڪيئن ٿا هلن۔۔۔؟“
ڪنڀر چيو ته ”جيڪو لائين ٽوڙيندو آهي مان ان کي سزا ڏيندو آهيان۔۔“
بادشاهه چيو ته ”منهنجي ملڪ ۾ امن امان قائم ڪري سگهين ٿو۔۔ ؟“
ڪنڀر حامي ڀري ۽ بادشاهه سان گڏ هلي پيو۔۔
سلطنت پهچندي ئي درٻار لڳي ۔۔۔ پهريون مقدمو هڪ چور جو آيو۔۔ ڪنڀر فيصلو ڪندي چور کي چوري ڪرڻ جي جرم ۾ هٿ ڪٽڻ جي سزا ٻڌائي۔۔۔ جلاد وزيرِاعظم جي طرف اشارو ڪيو ته چور کي ان جي سرپرستي حاصل آهي۔۔۔ پر ڪنڀر ٻيهر حڪم ڏنو ته چور جو هٿ ڪٽيو وڃي۔۔۔ وزيرِ اعظم سمجهيو ته شايد جج کي پيغام صحيح سمجهه نه آيو ۔۔۔ ان ڪري هو اڳتي وڌيو۔۔۔ ۽ ڪنڀر جي ڪن ۾ چيائين ته ۔۔۔ ”هي پنهنجو ماڻهون آهي۔۔۔“
ڪنڀر بطورِ جج اعلان ڪيو ته ۔۔۔ ”چور جو هٿ ڪٽيو وڃي ۽ وزيرِاعظم جي زبان ڪٽي وڃي۔۔۔“
بادشاهه فيصلي تي عمل ڪرائي ڇڏيو۔۔۔ رت جي راند ۽ باهه ۾ وڪوڙيل ان ملڪ ۾ ان هڪ ئي فيصلي سان عمل ٿي ويو۔۔۔

جيڪڏهن گنهگار جي سفارش ڪرڻ واري جي زبان ڪٽي ڇڏجي۔۔۔
جيڪڏهن پنهنجن جي سرپرستي ڪرڻ ڇڏي ڏجي۔۔۔
جيڪڏهن مخالفن کي ڦاسائڻ جون چالون بند ڪري ڇڏجن۔۔۔
ته گوليون به بند ٿي وينديون۔۔۔ ته قتل غارت گري به رڪجي ويندي۔۔۔ ۽ ملڪ ۾ امن به قائم ٿي ويندو۔۔۔

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

سڀئي ائين پيا ڪن جي اسان ڪيو ته ڇا ٿي پيو۔۔



سائنسدانن جي هڪ گروهه 5 ڀولڙن کي هڪ پنڃري ۾ بند ڪيو ۔۔۔ پنڃري ۾ هڪ ڏاڪڻ رکي ۽ مٿي ٽوڪري ۾ ڪجهه ڪيلا به رکيا۔۔۔ جڏهن ڪو ڀولڙو ڏاڪڻ تي چڙهڻ شروع ڪندو هو ته سائنسدان هيٺ موجود ڀولڙن تي ٿڌو پاڻي هارڻ شروع ڪندا هئا۔۔۔
ان واقعي کان پوءِ جڏهن به ڪو ڀولڙو ڪيلن جي لالچ ۾ مٿي وڃڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته هيٺ موجود ڀولڙا ان کي ڏاڪڻ تي چڙهڻ نه ڏيندا هئا۔۔۔ ڪجهه دير کانپوءِ ڪيلن جي لالچ باوجود ڪو به ڀولڙو ڏاڪڻ تي چڙهڻ جي همت نه پيو ڪري۔۔۔
سائنسدانن فيصلو ڪيو ته انهن مان هڪ ڀولڙي کي تبديل ڪجي۔۔۔ پهرين جيڪا حرڪت نئين ڀولڙي اچڻ سان ڪئي سا هئي ڏاڪڻ تي چڙهڻ جي پر جلد ئي ٻين ڀولڙن ان کي مارڻ شروع ڪيو۔۔۔ ڪئي دفعا مار کائڻ کانپوءِ نئين ايندڙ ڀولڙي فيصلو ڪري ڇڏيو ته هاڻي ڏاڪڻ تي نه چڙهبو۔۔۔ ايتري تائي جو کيس ان جو سبب معلوم ئي نه هو۔۔۔ته ۔۔۔ ڇو؟
سائنسدانن هڪ ٻيو ڀولڙو تبديل ڪيو۔۔۔ ان جو به ساڳيو حشر ٿيو۔۔ ۽ مزي جي ڳالهه اها هئي ته ان کان اڳ تبديل ٿيندڙ ڀولڙو به نئين ڀولڙي کي مارڻ ۾ شامل هيو۔۔ ان کانپوءِ ٽئين ڀولڙي کي به تبديل ڪيو ويو۔۔۔ جنهن جو پڻ ساڳيو حشر (مار) ٿيو۔۔۔ اهڙي طرح سمورا پراڻا ڀولڙا نون ڀولڙن سان تبديل ڪيا ويا۔۔۔ ۽ سڀني سان اهو سلوڪ ٿيندو رهيو۔۔۔
هاڻي پنڃري ۾ صرف نوان ڀولڙا رهجي ويا هئا۔۔ جن تي ڪڏهن به سائنسدانن ٿڌو پاڻي نه هاريو هيو۔۔ پر پوءِ به اهي ڏاڪڻ تي چڙهندڙ ڀولڙي کي ماريندا رهيا۔۔۔ جيڪڏهن اهو ممڪن هجي ته ڀولڙن کان پڇيو وڃي ته ”توهان ڇو ڏاڪڻ تي چڙهندڙ ڀولڙي کي ماريو ٿا۔۔۔؟“ ته يقينن هو جواب ڏيندا ته ”اسان کي ناهي خبر۔۔۔ اسان ته سڀني کي ائين ڪندي ڏٺو آهي۔۔۔“

اها ڳالهه ٻين کي به سمجهايو ته جيئن هو به پنهنجو پاڻ کان سوال ڪن ته۔۔ ”اسان پنهنجي زندگي ڇو اهڙي طرح گذاري رهيا آهيون ۔۔۔ جهڙي طرح اها گذري پئي ۔۔۔ اسان اهو ڇو ٿا ڪريون جيڪو ٻين کي ڪندي ڏٺو آهي۔۔ ڇا اسان وٽ زندگي گذارڻ لاءِ ڪو طريقي ڪار موجود نه آهي۔۔ ڇا الله تعالى جي رسول صلي الله عليه وسلم جن هر ڪنهن معاملي ۾ اسان جي رهنمائي نه فرمائي آهي۔۔۔“
”ته پوءِ ڪهڙو سبب آهي جو اسان جو حال ٻڪرين ۽ رڍن وانگر هڪ ٻئي پٺيان هلڻ جهڙو آهي۔۔۔ ۽ ڪوبه عمل ڪرڻ لاءِ بس هڪ ئي دليل آهي ته ۔۔۔ سڀئي ائين پيا ڪن جي اسان ڪيو ته ڇا ٿي پيو۔۔“
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Jan 11, 2013

مايوس نه ٿيو .... هو دعا ضرور قبول ڪندو..

سورة غافر آيت نمبر 60

ترجمو:
۽ توهان جو پروردگار چوي ٿو ته مون کي ئي پڪاريو، مان توهان جي سڏ جو جواب ڏيندس. جيڪي ماڻهو منهنجي ٻانهپ ۽ فرمابرداري ڪرڻ کان تڪبر جي ڪري پري ٿا ڀڄن سي يقيناً جلد ئي خوار خراب ٿي جهنم ۾ داخل ٿيندا۔
مترجم : علامه علي خان ابڙو

هڪ غريب خاندان جي ڇوڪر پنهنجي پيء کي چيو ته مون کي سائيڪل وٺي ڏي۔۔۔ غريب پيء لاءِ سائيڪل خريد ڪرڻ مشڪل هو۔۔ هن کيس ٽرڪائي ڇڏيو۔۔ ڇوڪرو بار بار چوندو رهيو ۽ پيء بار بار منع ڪندو رهيو۔۔ آخر ڪار هڪ ڏينهن تنگ ٿي پيء دڙڪا ڏيندي کيس چيو ته ”مون چيو نه ته مان سائيڪل ڪونه خريد ڪري سگهندس۔۔۔ ان ڪري مون کي وري نه چئجانء۔۔۔“
اهو ٻڌي ڇوڪري جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا۔۔ هو ڪجهه دير لاءِ چپ ٿي ويو پر پوءِ چيائين۔۔

”توهان ئي ته منهنجا پيء آهيو۔۔۔ جي توهان کي نه چوندس ته ٻيو ڪنهن کي چوندس۔۔۔“

ان جملي پيء کي تڙپائي ڇڏيو۔۔ اچانڪ هن جو انداز مٽجي ويو۔۔۔۔ تڏهن پيء چيو۔۔۔ ”ٺيڪ آ پٽ۔۔۔ مان تنهنجي لاءِ سائيڪل ضرور وٺندس۔۔۔“ اهو چوندي پيء جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا۔۔ ڪجهه ڏينهن جي وڌيڪ محنت ۽ ڪوشش سان پئسا گڏ ڪيا ۽ پٽ لاءِ سائيڪل خريد ڪري ورتي۔۔
ڇوڪري بظاهر هڪ لفظ چيو هو۔۔ پر اهو اهڙو لفظ هيو۔۔ جنهن جي قيمت هن جي پنهنجي زندگي هئي۔۔ جنهن ۾ پوري هستي شامل ٿي چڪي هئي۔۔ ان لفظ جو مطلب اهو هو ته هن پنهنجو پاڻ کي پنهنجي سرپرست اڳيان بلڪل خالي ڪري ڇڏيو هو۔۔ اهي لفظ چئي هن پنهنجو پاڻ کي ان جاءِ تائين پهچايو هو جتان سندس درخواست سندس سرپرست لاءِ به اهڙو مسئلو بڻجي چڪي هئي جهڙو سندس لاءِ هئي۔۔۔
هي انساني واقعو خدائي واقعي جو مثال آهي۔۔ جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته آخر اها ڪهڙي دعا آهي جيڪا واپس نه ٿي ڪئي وڃي۔۔ هي اها دعا آهي جنهن ۾ بندو پنهنجي پوري هستي کي شامل ٿو ڪري ڇڏي۔۔ جڏهن بندي جي اک مان اهو عاجزي وارو قطرو ٽپڪي ٿو پوي جنهن کي برداشت زمين ۽ آسمان به نه ڪري سگهي۔۔ جڏهن بندو پنهنجو پاڻ کي پنهنجي رب سان ايترو شامل ٿو ڪري ڇڏي جو ”پٽ“ ۽ ”پيء“ هڪ ئي ترازي جي ٻنهي پلڙن جي برابر اچي ويندا آهن۔۔۔
هي اهو لمحو هوندو آهي جڏهن دعا بس زبان مان نڪرندڙ هڪ لفظ ناهي هوندي پر پنهنجي شخصيت کي ختم ڪرڻ جي انتها بڻجي ويندي آهي۔۔ ان وقت خدا جون رحمتون پنهنجي بندي جي مٿان بارش وانگر وسي پونديون آهن۔۔ بندگي ۽ خدائي ٻئي هڪ ٻئي سان راضي ٿي وينديون آهن۔۔ قادرِ مطلق، عاجزِ مطلق کي پنهنجي جهولي ۾ کڻي وٺندو آهي۔۔

جڏهن انسان پنهنجي رب تي ايترو ڀرسو ڪري وٺندو آهي ته ان کانسواء سندس ضرورت پوري ڪرڻ وارو ڪير به ناهي ۔۔ تڏهن رب پاڪ پنهنجي بندي کي مايوس ناهي ڪندو۔۔ ان جي دعا ضرور قبول فرمائيندو آهي۔۔
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Jan 10, 2013

ڏيڻ واري کان گهرو ته سڀ کان ڀلو گهرو...



هڪ نوجوان ڪنهن غريب ڇوڪري کي ڏٺو جيڪو سندس قيمتي ڪار کي غور سان ڏسي رهيو هو۔۔۔ کيس ان غريب ڇوڪر تي ترس آيو۔۔۔ هُو اٿيو ۽ ڇوڪري کي ڪار تي چڪر ڏيڻ جي دعوت ڏني۔۔۔
ڇوڪرو راضي ٿيو ۽ ڪار ۾ ويهندي نوجوان کي چيائين ته ”تنهنجي ڪار ڏاڍي خوبصورت آهي۔۔ هي يقينن قيمتي به هوندي۔۔ ڪيتري قيمت هوندس۔۔۔؟“
نوجوان جواب ڏنو ۔۔۔ ” مون کي ناهي خبر۔۔۔ مون کي ته هي ڪار منهنجي ڀاء سالگره تي تحفي ۾ ڏني آهي۔۔۔“
ڇوڪرو ڪجهه وقت سوچيندو رهيو ۽ پوءِ حسرت سان چيائين ۔۔”توهان جو ڀاء ڪيترو نه ڀلو آهي۔۔۔“
نوجوان مسڪرائيندي چيو ته۔۔۔ ”ڇا تون هي ڪار وٺڻ چاهيندين۔۔۔؟“
ڇوڪري ٿڌو ساهه کڻندي چيو۔۔۔ ”نه۔۔۔! مان ته اهڙو ڀاء وٺڻ چاهيندس۔۔۔“

ڏيڻ واري کان ڪجهه گهرڻ چاهيو ته ڀلو آ ته کيس ئي گهرو۔۔۔ ڇو ته پوء ته سڀ ڪجه ملي ويندو۔۔۔ پوءِ ڇو نه اسان به رب پاڪ کان دنيا جون شيون گهرڻ بجاءِ کيس ئي گهرون۔۔۔ ڇو ته جنهن کي الله مليو۔۔ معنى ان کي سڀ مليو۔۔۔
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

هڪ سبق جيڪي سمجهي سگهن..



مان اهڙن ماڻهن کان آٽوگراف وٺڻ جو خواهش مند آهيان جن تي دنيا جي رنگيني جو بوجهه نه هجي ۔۔۔ مون وٽ جيترا به ڪاغذ آهن انهن تي صحيحون ته گهٽ ماڻهن جون آهن۔۔ پر آڱوٺا گهڻن ماڻهن جا لڳل آهن۔۔۔
ڪنهن ڪاٺير جو آڱوٺو آهي۔۔ ڪنهن واڍي جو آڱوٺو آهي۔۔ ڪنهن قاصائي جو آ۔۔ ۽ ٻين سخت ڌنڌي ڪرڻ وارن جا به آهن۔۔ هاڻي تازو تازو مون جنهن جو آڱوٺو لڳرايو آهي اهو ننڍي ڳوٺ جي هڪ دڪاندارجو آهي۔۔
منهنجي وچين پٽ کي پکين جو وڏو شوق آهي۔۔ هن گهر ۾ پکين کي داڻو کارائڻ لاءِ اهڙا ڊٻا ٽنگي رکيا آهن جنهن مان پاڻمرادو هڪ هڪ داڻو هيٺ ڪرندو رهندو آهي ۽ پکي شوق سان اچي اهي داڻا چڳندا آهن۔۔۔
جڏهن اسان ٻاهران گهمندي پنهنجي شهر پئي موٽياسين ته اسان جو گذر ان ڳوٺ مان ٿيو۔۔۔ دڪان مين روڊ تي ئي هو۔۔۔ ۽ دڪان تي پنجن پنجن ڪلو ٿيلها لٽڪيل هيا۔۔۔ جنهن ۾ ٻاجهري ۽ چانورن جا ٽوٽا ڀريل هئا۔۔ منهنجي پٽ مون کي چيو ته ”بابا ۔۔ هي داڻا پکين لاءِ ڀلا ٿا لڳن۔۔
منهنجو پٽ ان دڪاندار وٽان چانور ۽ ٻاجهري وٺڻ ويو ته دڪاندار کائنس پڇيو ته ”توهان کي هي ٻاجهري ڪهڙي مقصد لاءِ کپي۔۔۔؟“
منهنجي پٽ کيس جواب ڏنو ته ۔۔ ”پکين کي داڻي طور ڏيندس۔۔۔“ تنهن تي دڪاندار کيس چيو ته ”توهان ڪنگني (ٻاجهري نما داڻي جو هڪ قسم جنهن کي انگريزي ۾ Setaria italica چئبو آهي) به ضرور وٺو ڇو ته ڪجهه پکي اهڙا به هوندا آهن جيڪي ٻاجهري کائي نه سگهندا آهن۔۔ اهي ڪنگني کائي وري وري توهان وٽ ضرور ايندا۔۔ “
منهنجي پٽ کيس چيو ته ”توهان ڪنگني به ضرور ڏيو۔۔ ۽ ان رهنمائي لاءِ مان توهان جو ٿورائتو آهيان۔۔۔“
اهي شيون خريد ڪري جڏهن هن کيسي مان ٻٽون گهٽيو ته اهو کيس نه مليو۔۔ ٻٽون جانچڻ لاءِ هو گاڏي کان سواءِ آس پاس به ڳوليو پر کيس نه مليو۔۔ تڏهن منهنجي پٽ ٽئي ٿيليون گاڏي مان واپس کنيون ۽ دڪاندار کي واپس ڏيندي چيو۔۔۔ ” معاف ڪجو۔۔۔ مان ته پنهنجو ٻٽون ئي گهر وساري آيو آهيان۔۔۔“
دڪاندار چيو ۔۔ ”صاحب ۔۔ ڪمال ٿا ڪريو۔۔ هي کڻي وڃو ۔۔ پئسا اچي ويندا۔۔“
منهنجي پٽ کيس چيو۔۔۔ ”توهان ته مون کي سڃاڻو ئي ڪونه ٿا۔۔ “
دڪاندار وراڻي ڏني۔۔ ”صاحب۔۔ جيڪو ماڻهون پکين کي داڻا چڳائيندو هجي۔۔ اهو ڪڏهن به بي ايمان نه ٿو ٿي سگهي۔۔“

مون جهٽ آٽوگراف بڪ ڪڍي ورتي ۽ سندس آڱوٺو هڻائي ورتو۔۔







اشفاق احمد جي ڪتاب زاويه تان ترجمو ڪيل
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Jan 9, 2013

محمود و اياز



سلطان محمود غزنوي وٽ ڪو شخص ونگي کڻي حاضر ٿيو ۔۔۔ سلطان ونگي کي قبول ڪيو ۽ پيش ڪرڻ واري کي انعام ڏنو۔۔۔ پوءِ پنهنجي هٿ سان ونگي جي هڪ ڦاڪ ڪٽي پنهنجي محبوب وزير ”اياز“ کي کائڻ لاءِ ڏني۔۔۔
اياز مزي مزي سان اها ونگي جي ڦاڪ کائي ويو۔۔ ان کانپوء سلطان ونگي جي ٻي ڦاڪ ڪٽي ۽ پاڻ کائڻ لڳو۔۔۔ پر ونگي جي ڦاڪ ايترو ته ڪوڙي هئي جو کيس زبان تي رکڻ ئي مشڪل ٿي پيو۔۔ ان ڪري تڪڙو ٿوڪاري ڪڍي ڇڏي۔۔۔
سلطان حيرت سان اياز کي ڏٺو ۽ چيائين ۔۔۔”اياز ايتري ڪوڙي ڦاڪ تون ڪيئن کائي وئين۔۔۔؟ تنهنجي چهري تي ته ڦاڪ جي ڪوڙاهٽ جو بلڪل به تاثر نه اڀريو۔۔ “
اياز عرض ڪيو۔۔ ”حضور ونگي واقعي ڏاڍي ڪوڙي هئي۔۔۔ وات ۾ وجهندي ئي عقل چيو ته ان کي ٿوڪاري ڪڍي ڇڏ۔۔۔ پر دل چيو ته۔۔۔۔ ”اياز خبردار ۔۔! هي اهي ئي هٿ آهن جن سان تون مٺيون شيون کائيندو آهين۔۔۔ جيڪڏهن هڪ ڏينهن ڪوڙي شيء به ملي ته ڇا ٿيو۔۔۔“ ان ڪري حضور مون ونگي جي ڦاڪ کي اڳ اوهان جي طرفان عنايت ڪيل مٺين شين وانگر ئي کائي ڇڏيو۔۔۔“

اسان کي به گهرجي ته جنهن الله اسان تي بي حساب احسان فرمايا آهن۔۔ جيڪڏهن ڪڏهن ان جي طرفان ڪا مصيبت اچي به وڃي ته ان کي به برداشت ڪريو۔۔۔ ۽ صبر سان قبول ڪريون۔۔۔
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪرپٽ ڪير....؟



دڪاندار هڪ ماچيس جي ڊٻي مان اڌ تيليون ڪڍي پيسا مڪمل ڊٻي جا وٺندو ۽ گڏ ويٺلن کي چوندو۔۔ ”زرداري وڏو ڪرپٽ آ۔۔“
ڪلهه تائين سائيڪل تي گهمندڙ ٽي وي اينڪر ڪنهن کان پئسن جون ٻوريون وٺندو ۽ سڄو ڏينهن زرداري حڪومت کي گاريون ڏيندو۔۔۔
موٽي پيٽ وارو سيٺ هڪ روپيو به ٽيڪس نه ڏيندو ۽ ٻين کي چوندو۔۔ ”پيپلز پارٽي کان ملڪ نه ٿو هلي۔۔ ڪاروبار ڊائون آ۔۔“
سبزي وارو پيسا پورا وٺي ۔۔ خراب ۽ سڙيل سبزي ڏيندو ۽ گهٽ توريندي چوندو۔۔ ”زرداري ڪرپٽ آ۔۔۔“
قاصائي پئسا پورا وٺي ۔۔ گوشت ۾ هڏيون شامل ڪندو۔۔۔ خبر ناهي گوشت حلال جانور جو هوندو يا ڪنهن گڏهه يا ڪتي جو پر چوندو ته ۔۔ ”ڪرپٽ زرداري آ۔۔۔“
کير وارو پاڻي جي بالٽي کير ۾ وجهندو ۽ روئڻ پٽڻ شروع ڪندو ته ۔۔۔ ”ادا حڪومت ڪرپٽ آ۔۔۔“
سرڪاري ڊرائيور سرڪاري گاڏي مان ڊيزل چوري ڪندو ۽ گهر ويندي دوستن کي چوندو ” زرداري ڪرپٽ آ۔۔“
اسڪول جو هيڊماستر اسڪول جي عمارت ۽ فرنيچر جو فنڊ پنهنجي گهر کڻي ويندو پر پٽ تي ويٺل اسڪولي ٻارن کي چوندو ته ”زرداري ڪرپٽ آ۔۔“

ڇا ڊاڪٽر، ڇا انجينيئر ۽ سرڪاري ملازم ۽ آفيسر ۔۔۔ سڀ خدا کي حاضر ناظر ڄاڻيندي سوچيندا ته هو ڇا پيا ڪن۔۔۔؟

جڏهن ته اسان جي پوري معاشري جو مائينڊ سيٽ اهو آهي ته سرڪاري ملازم جو رشتو ويندو ته ڪنواريتا اهو يقين ڪندا ته هي مٿان کان پيسا ٺاهيندو آ نه۔۔۔
اصل خرابي اسان ۾ آ۔۔۔۔ ياد رکو ته الله جو لڪڻ بي آواز هوندو آهي۔۔۔
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Jan 8, 2013

خدا اڄ تائين ان قوم جي حالت ناهي بدلي .........



چوندا آهن ته هڪ جبل جي چوٽي تي لڳل هڪ وڻ تي هڪ عقاب پنهنجو آکيرو ٺاهيو هو۔۔۔ جنهن ۾ هن جا ڏنل چار آنا رکيل هئا۔۔۔ هڪ ڏينهن زلزلي جي جهٽڪي سان هڪ آنو هيٺ ڪري پيو جتي هڪ ڪُڪڙِ جو آشيانو هو۔۔ ڪُڪڙِ عقاب جي آني کي پنهنجو آنو سمجهيو ۽ سيني جي هيٺان رکي ڇڏيو۔۔
هڪ ڏينهن ان مان هڪ ننڍڙو پيارو عقاب پيدا ٿيو۔۔ جنهن پاڻ کي انهي ڪُڪڙِ جو چوزو سمجهيو ۽ کائنس پرورش وٺندو رهيو۔۔ آخر پاڻ کي ڪُڪڙِ سمجهندو وڏو ٿيو ته هڪ ڏينهن ٻين ڪُڪڙين سان کيڏندي پري آسمان جي اوچاين تي ڪجهه عقابن کي اڏرندي ڏٺو۔۔ هُن جي دل سٽ کاڌي ته ڪاش هُو به انهن وانگر اڏري سگهي ها۔۔۔ جڏهن هُن ان ڳالهه جو اظهار ٻين ڪڪڙين سان ڪيو ته انهن سندس جو مذاق اڏايو ۽ ٽهڪ ڏيندي چيو ته تون هڪ ڪُڪڙِ آهين ۽ تنهنجو ڪم عقابن وانگر اڏرڻ ناهي۔۔۔
چون ٿا ان کان پوءِ ان عقاب اڏرڻ جي حسرت دل دٻائيند هڪ وڏي عمر گذري ۽ ڪڪڙين وانگر زندگي گذاري ۽ ڪڪڙين وانگر ئي موت ڏنو۔۔۔

ڪاٽو سوچون دل ۾ رکي زندگي گذارڻ انهن سوچن جو غلام بڻجي زندگي گذارڻ برابر آهي۔۔۔ جيڪڏهن توهان عقاب آهيو ۽ توهان جا خواب آسمانن جي اوچاين تي اڏرڻ جا آهن ته پوءِ پنهنجي خوابن کي حقيقت جو رنگ ڏيڻ لاءِ ڪوشش ڪريو۔۔ ڪنهن ڪُڪڙِ جي ڳالهه تي ڌيان نه ڏيو۔۔ ڇو ته انهن توکي به پاڻ سان گڏ اونهاين ۾ رکيو آهي۔۔ پنهنجي ڪردار کي بلند رکڻ ۽ پنهنجي نظرن کي منزل تي رکندي عزم ۽ حوصلي سان اڳتي وڌائڻ ئي توهان جي ڪاميابي جو رستو هجڻ گهرجي۔۔۔ جي ڳالهه اڳتي نه وڌي ته پنهنجي روزانو جي عادتن کان هٽي ڪري ڪجهه ڪرڻ به ڪاميابين کي آسان بنائڻ آهي۔۔۔ ۽ پوءِ اهو به ته ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ۔۔۔

خدا اڄ تائين ان قوم جي حالت ناهي بدلي
جنهن کي پنهنجي حالت بدلڻ جو خيال نه آيو۔۔۔
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Jan 6, 2013

روئڻ ۾ ڪا برائي ناهي..



روز کلڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهيان... جو سمجهندو هان ته کلڻ سان حوصلا وڌندا آهن ۽ مايوسين کي شڪست ملندي آهي... پر .... اڄ ڪجهه احساسن روئاري وڌو...
اهڙي ڪيفيت ۾ هڪ دوست جي ڪال اچي وئي... منهنجي رنڌيل آواز کي ٻڌي شايد هن ڪيفيت جو اندازو ڪري ورتو.. ۽ منهنجي انڪار به کيس ٻڌائي ڇڏيو ته مان رنل آهيان... چيائين...
”روئڻ ۾ ڪا برائي ناهي.. نِم اکيون نرم دل هجڻ جي نشاني هونديون آهن.. ۽ دلين کي نرم ئي هجڻ گهرجي ... جيڪڏهن دليون ئي سخت ٿي وڃن ته پوء ان ۾ پيار ۽ محبت جو ٻج پوکي نه ٿو سگهجي ۽ جيڪڏهن دلين ۾ محبت باقي نه رهي ته پوءِ انسان پنهنجي منزل جي دڳ کان به ڀٽڪجي وڃي..
محبت اها واحد طاقت آهي جيڪا انسان جا قدم مضبوطي سان ڄمائيندي آهي.. ۽ ان کي ڀٽڪڻ نه ڏيندي آهي.. بس انهن ڳوڙهن جي پٺيان نااميدي ۽ مايوسي نه هجڻ گهرجي .. ڇو ته نااميدي ايمان جي ڪمزوري جي علامت هوندي آهي..

الله پاڪ کان هميشه ڀلائي ۽ سٺي وقت جي اميد رکڻ گهرجي .. اهو پنهنجي بندن کي ان ئي شيء سان نوازيندو آ جنهن جي هُو پنهنجي رب کان توقع رکندا آهن...
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Jan 5, 2013

رب پاڪ جون نعمتون ۽ اسان جو شڪر...



هڪ شخص بهتر گهر خريد ڪرڻ لاءِ پنهنجو پهريون گهر کپائڻ جو فيصلو ڪري ورتو۔۔۔ ان مقصد لاءِ هو پنهنجي ڪنهن اهڙي دوست وٽ پهتو۔۔ جيڪو جائداد جي خريد و فروخت جو ماهر هو۔۔۔
شخص پنهنجي ان دوست کي گهر کپائڻ لاءِ ڪو اشتهار ٺاهڻ جو چيو۔۔ سندس دوست سندس گهر کي چڱي ريت ڄاڻندو هو۔۔ هن اشتهار ۾ گهر جي محل وقوع، رقبو، ڊيزائين، تعميراتي مودا، باغيچو، سوئمنگ پول سمت هر خوبي جو تفصيل سان ذڪر ڪيو۔۔ تحرير مڪمل ٿيڻ تي دوست ان شخص کي اشتهار پڙهي ٻڌايو۔۔
ان شخص اشتهار کي غور سان ٻڌو ۽ پنهنجي دوست کي هڪ دفعو ٻيهر پڙهڻ لاءِ چيو۔۔۔ دوست هڪ دفعو ٻيهر جڏهن اشتهار کي پڙهي ٻڌايو ته اهو شخص تقريبن رڙ ڪندي وراڻيو۔۔۔ ”ڇا مان اهڙي شاندار گهر ۾ رهندو آهيان۔۔۔ ؟ ۽ مان آهيان جو سڄي زندگي اهڙي گهر جا خواب ڏسندو رهيو آهيان۔۔ جنهن ۾ اهي سڀ خوبيون موجود هجن۔۔۔ پر اهو ڪڏهن خيال ئي نه آيو ته مان اهڙي گهر ۾ رهان پيو جنهن ۾ اهي سموريون خوبيون موجود آهين۔۔ مهرباني ڪري اهو اشتهار ضايع ڪري ڇڏ۔۔۔ مون کي گهر کپائڻو ئي ناهي۔۔۔۔

*********
ترسو دوستو منهنجي ڳالهه اڃان ختم نه ٿي آهي۔۔۔ هڪ پراڻي چوڻي آهي ته الله تعالى جيڪي نعمتون توهان کي ڏنيون آهين انهن کي هڪ ڪاغذ تي لکڻ شروع ڪريو ۔۔۔ يقينن ان لکائي کان پوءِ توهان جي زندگي وڌيڪ خوش ۽ خرم ٿي ويندي۔۔
اصل ۾ اسان رب پاڪ جو شڪر ڪرڻ ئي وساري ويٺا آهيون۔۔۔ ڇو ته جيڪي برڪتون ۽ نعمتون اسان مٿان جاري آهين۔۔۔ انهن کي اسان ڳڻڻ ئي نه ٿا چاهيون۔۔۔ اسان ته بس پنهنجيون آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون پريشانيون ۽ ڪوتاهيون ڏسون پيا۔۔۔ ۽ برڪتن ۽ نعمتن کي وساري ڇڏيو آهي۔۔
ڪنهن سچ چيو آهي ته : اسان شڪايت ڪندا آهيون ته الله تعالى گلن جي هيٺان ڪنڊا رکيا آهن۔۔۔ جڏهن ته ٿيڻ اهو گهرجي ته اسان رب پاڪ جو شڪر ادا ڪندي چئون ته ان ڪنڊن جي مٿان به گل پيدا ڪيا آهن۔۔
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Jan 3, 2013

رزق رب جو پر اختيار انسان جو..



هڪ همراه سفر ۾ ته رستي ۾ نماز جو وقت اچي ويجهو ٿيو۔۔ همراه ڪنهن آبادي ۾ داخل ٿيو ۔۔ ۽ پڇا ڪندو مسجد ويجهو پهتو۔۔ جڏهن مسجد ۾ نماز پڙهڻ لاءِ وڃڻ جو ارادو ڪيائين ته خيال ٿيس ته پنهنجي سواري يعني گهوڙي کي ڪنهن جي حوالي ڪجي ۔۔۔ ڇو ته ائين نه ٿئي ته منهنجي غير موجودگي ۾ منهنجي گهوڙي يا ان تي سينگاريل قيمتي زين چوري ڪري وٺي۔۔۔
اڃان ان ئي ڪش مڪش ۾ هيو ته ان جي نظر هڪ نوجوان تي پئي جيڪو پڻ کيس ڏسي رهيو هو۔۔۔ همراه ڇوڪري کي سڏيو ۽ کيس چيائين ته ۔۔ ”پٽ مان مسافر آهيان۔۔۔ نماز جو وقت ٿئي پيو۔۔ نماز پڙهڻ تائين منهنجي گهوڙي ۽ سامان جو خيال ڪندين۔۔۔ ؟“
ڇوڪري چيو۔۔ ”بلڪل جناب ۔۔۔ ! توهان تسلي سان نماز پڙهي وٺو۔۔۔ “
همراه خوش ٿي مسجد ۾ داخل ٿيو۔۔ ۽ جڏهن نماز پڙهي واپس وريو ته ڏٺائين ته نه ڇوڪرو موجود آهي ۽ نه ئي وري گهوڙي تي رکيل قيمتي زين۔۔۔
خير صبر ڪندي بازار ڏانهن رخ ڪيائين ۔۔ جيئن ٻي عارضي زين خريد ڪري سگهي۔۔ هڪ دڪان تي پهتو ته ڏٺائين ته سندس گهوڙي تي لٽڪايل ساڳي زين دڪاندار وٽ لٽڪيل پئي آهي۔۔۔ همراه دڪاندار کان پڇيو ۔۔ ”هي زين تو وٽ ڪيئن پهتي۔۔۔؟“
دڪاندار جواب ڏنو ۔۔۔ ”هڪ ڇوڪرو ٻن درهمن ۾ وڪاڻي ويو آهي۔۔۔“
همراه پنهنجي مٿي تي هٿ رکيو ۔۔۔”ڇوڪرو جيڪڏهن ٿورو صبر ڪري ها ته ان جا اهي ٻه درهم حرام نه هجن ها۔۔ جو مان نماز پڙهي واپسي تي سوچي رهيو هيم ته ڇوڪري کي سامان جي حفاظت ڪرڻ خاطر 2 درهم ڏيان۔۔ پر افسوس۔۔۔ “

ڇوڪري تڪڙ ڪندي پنهنجي ڪمائي حرام ڪري ڇڏي۔۔۔ جيڪڏهن صبر ڪري ها ته کيس اهي ئي 2 درهم جائز طريقي سان ملن ها۔۔۔ انسان کي رزق اوترو ئي ملندو آهي جيترو سندس نصيب ۾ لکيل هوندو آهي۔۔ پر ان کي حلال يا حرام طريقي سان حاصل ڪرڻ اسان جي اختيار ۾ هوندو آهي۔۔
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>