Jan 28, 2013

پرديسي ڏانهن ديس مان آيل خط جو نمونو…

نوٽ؛ دوستو! ڪجهه ڏينهن اڳ مون هڪ پرديسي مظلوم مڙس جو هڪ خط اوهانکي پڙهايو هو، اڄ اوهانجي خدمت ۾ ديس کان آيل ڌرم پتنيءَ جي خط جو نمونو ڏيکاريانٿو ... اميد ته پرديس ۾ ويٺل سڀني مڙسن کي پسند ايندو .... شاعر هجڻ جي دعوا ناهي بس ڪنهنجي اندر جي اڌمن کي سنڌي ويس پارايو اٿم ...!!!

نثار ابڙو

*****
مليو آهي خط پيارا، ته موڪل اچي رهيو آهــين،
منهنجن خوابن ۾ صبح و شام، اچـي رهيو آهين،
جڏهن ايندي ته مون لئه ڏينهن عيــد جو هوندو،
عجب ڏيک منهنجا پيارا، تنهنجي ديد جو هوندو،


گهڻ وزني هڪ ٻه بيگ، پيارا! تنهنجي هٿ ۾ هوندا،
اٽيچي ڪيس ڏهه ٻارنهن، پيارا! توسان پــڪ هوندا،
رنگين ٽي وي ته کوکي کان ئي سڃاڻي وٺنــدس،
فرج به جي گڏ کڻي آئين ته توکي مڃي وٺنـــدس،
ايئرپورٽ تي ايندس آءُ ، پنهنجي جان کي وٺڻ ،
سوزوڪي وين به آڻيندس آءُ، سامان کي کڻـڻ،
تنهنجي لئه ڏسندس، ته هي منهنجو دل کلنـدو،
کُلندا کوکا جڏهن ، ته هي منهنجو دل ڳائيـــندو،
بهارن کي چئه ته، وسائن گل، محبـوب آيـو آ،
جاپاني ساڙهيون مون لئه ڇا خوب وٺي آيو آ،
آءُ ته نه ٿي چاهيان، پر، زماني سان به نڀائڻـي آ،
پوزيشن آخر ته، هن کوٽي دنـيا سان به رکڻــي آ،
ڪجهه نئون ڪپڙو کپـــي، نون ڪـــپڙن ٺاهڻ لئه،
صرف چاليهه وال ڪي ٽي به هجي، ڏيڻ وٺڻ لئه،
ٻه درجن ڪڇا، رومال ۽ گنجيون ڪافي آهـــن،
پوتن لئه هن دفعي صرف ٻه ٿانهه ڪافي آهن،
اتان کان لڪس صابڻ، صرف ڏهه ويهه وٺي اچـــجانءِ،
گرم ڪوٽن لاءِ ڪپڙو، صرف ڇهه پيس وٺـــي اچجـانءِ،
مونـواري ڀاءُ جـــي راڊو واچ، هن دفعـــي نه وســارجانءِ،
منهنجي خئير آهي، باجي جي ساڙهي نه وسارجانءِ،
هي ننڍڙي ناديه، بابا کي هر وقت ياد ڪري ٿي،
گهرائي ڏي قيمتي گـــــڏي، اها فرياد ڪـري ٿي،
هي ڇا! لکيو اٿئي، ايگريمنٽ بس هي آخري هوندو،
تنهنجو هي سال مسقـط ۾ ، هاڻ بس آخري هوندو،
الله جي واسطي پيارا، ايئن نه ڪڏهن سوچجانءِ،
ڪندي هت ڇا اچي پيارا، ڪــجهه ته سوچجانءِ،
اڃان ڊيفينس ۾ پاڻکي، نئون بنگلو به ٺاهڻو آ،
اڃان مائٽن کي امارت جو، جلــوو به ڏيـکارڻو آ،
اڃان ته سير ڪرڻ لاءِ، ٽوٽــا ڪــار به کپي،
اڃان ته پنهنجي گهر ۾، وي سي آر به کپي،
ڪڏهن ته مان به ڏسان، گهـر پنهنجي ۾ ڀارتي فلمون،
محبوب منهنجا،! ڇا ڇا دل ۾ ڪر کڻن ٿيــون حســرتون،
جدا رهي وٺنداسون ڪوڙي شـــان لئه،
اتان جي بيش بها، قيمتي سامـان لئه،
دلبر منهنجا! منهنجي ڳالهين تي ذرا غور ڪـجانءِ،
هن دفعي وارو ايگريمنٽ تون ٻن سالن جو ڪجانءِ،
ويهاري رکيو آهي مون توکي، پنهنجــن خيالن ۾،
دعا آهي منهنجي توکي ، کيڏندو رهه ريــالن ۾،
الله حافظ منهنجي جان، جواب جلد لکي موڪل،
اينديون شيون ڪڏهن ، جواب جلد لکي موڪل،

0 تبصره :

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔

تبصرو لکو يا پيسٽ ڪريو ۽ پبلش ڪريو