Jan 5, 2013

رب پاڪ جون نعمتون ۽ اسان جو شڪر...



هڪ شخص بهتر گهر خريد ڪرڻ لاءِ پنهنجو پهريون گهر کپائڻ جو فيصلو ڪري ورتو۔۔۔ ان مقصد لاءِ هو پنهنجي ڪنهن اهڙي دوست وٽ پهتو۔۔ جيڪو جائداد جي خريد و فروخت جو ماهر هو۔۔۔
شخص پنهنجي ان دوست کي گهر کپائڻ لاءِ ڪو اشتهار ٺاهڻ جو چيو۔۔ سندس دوست سندس گهر کي چڱي ريت ڄاڻندو هو۔۔ هن اشتهار ۾ گهر جي محل وقوع، رقبو، ڊيزائين، تعميراتي مودا، باغيچو، سوئمنگ پول سمت هر خوبي جو تفصيل سان ذڪر ڪيو۔۔ تحرير مڪمل ٿيڻ تي دوست ان شخص کي اشتهار پڙهي ٻڌايو۔۔
ان شخص اشتهار کي غور سان ٻڌو ۽ پنهنجي دوست کي هڪ دفعو ٻيهر پڙهڻ لاءِ چيو۔۔۔ دوست هڪ دفعو ٻيهر جڏهن اشتهار کي پڙهي ٻڌايو ته اهو شخص تقريبن رڙ ڪندي وراڻيو۔۔۔ ”ڇا مان اهڙي شاندار گهر ۾ رهندو آهيان۔۔۔ ؟ ۽ مان آهيان جو سڄي زندگي اهڙي گهر جا خواب ڏسندو رهيو آهيان۔۔ جنهن ۾ اهي سڀ خوبيون موجود هجن۔۔۔ پر اهو ڪڏهن خيال ئي نه آيو ته مان اهڙي گهر ۾ رهان پيو جنهن ۾ اهي سموريون خوبيون موجود آهين۔۔ مهرباني ڪري اهو اشتهار ضايع ڪري ڇڏ۔۔۔ مون کي گهر کپائڻو ئي ناهي۔۔۔۔

*********
ترسو دوستو منهنجي ڳالهه اڃان ختم نه ٿي آهي۔۔۔ هڪ پراڻي چوڻي آهي ته الله تعالى جيڪي نعمتون توهان کي ڏنيون آهين انهن کي هڪ ڪاغذ تي لکڻ شروع ڪريو ۔۔۔ يقينن ان لکائي کان پوءِ توهان جي زندگي وڌيڪ خوش ۽ خرم ٿي ويندي۔۔
اصل ۾ اسان رب پاڪ جو شڪر ڪرڻ ئي وساري ويٺا آهيون۔۔۔ ڇو ته جيڪي برڪتون ۽ نعمتون اسان مٿان جاري آهين۔۔۔ انهن کي اسان ڳڻڻ ئي نه ٿا چاهيون۔۔۔ اسان ته بس پنهنجيون آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون پريشانيون ۽ ڪوتاهيون ڏسون پيا۔۔۔ ۽ برڪتن ۽ نعمتن کي وساري ڇڏيو آهي۔۔
ڪنهن سچ چيو آهي ته : اسان شڪايت ڪندا آهيون ته الله تعالى گلن جي هيٺان ڪنڊا رکيا آهن۔۔۔ جڏهن ته ٿيڻ اهو گهرجي ته اسان رب پاڪ جو شڪر ادا ڪندي چئون ته ان ڪنڊن جي مٿان به گل پيدا ڪيا آهن۔۔

0 تبصره :

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔

تبصرو لکو يا پيسٽ ڪريو ۽ پبلش ڪريو