Jan 26, 2013

مَردن جي ايمانداري۔۔۔

اسڪولي دور ۾ هڪ ڪهاڻي پڙهي هئي ۔۔۔ جنهن ڪافي متاثر ڪيو هيو۔۔ پر اڄ نيٽ گردي ڪندي ان ڪهاڻي جو جديد ورجن نظر مان گذريو۔۔۔ سوچيو سنگت آڏو آڻجي۔۔
**********
[IMG]هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته ڪو غريب ڪاٺير هوندو هو۔۔ هو روزانو ڪاٺيون ڪٽيندو هو ۽ انهن کي کپائي گذر سفر ڪندو هو۔۔ هڪ دفعي هو ڪاٺيون ڪٽي واپس ڳوٺ ڏانهن ٿي آيو ته رستي ۾ ايندڙ ندي تي موجود پل تان گذرندي سندس ڪهاڙي ندي ۾ ڪري پئي۔۔۔
ڪاٺير وٽ اها هڪ ئي ڪهاڙي هئي۔۔ نئين ڪهاڙي وٺڻ سندس وس ۾ نه هو۔۔ ان ڪري پنهنجي روزي حاصل ڪرڻ واري اوزار کي وڃائيڻ تي هن روئڻ شروع ڪيو ۔۔ ٿوري ئي دير ۾ ندي مان هڪ پاڪدامن نوجوان انسان ظاهر ٿيو ۽ کائنس روئڻ جو سبب پڇيو۔۔
ڪاٺير کيس پنهنجي ڪهاڙي گم ڪرڻ جو ذڪر ڪيو۔۔ نوجوان پاڻي اندران هڪ سوني ڪهاڙي کڻي سندس اڳيان رکي ۽ پڇائين ۔۔۔ ”ڇا تنهنجي هيءَ ڪهاڙي آهي۔۔؟“

ڪاٺير ڪهاڙي ڏسي چيو ته ۔۔”نه منهنجي هي ڪهاڙي نه آهي۔۔“
نوجوان هڪ دفعو ٻيهر پاڻي ۾ ويو ۽ هن دفعي چاندي جي ڪهاڙي ڪاٺير اڳيان آڻيندي پڇيو۔۔”ڇا تنهنجي هيءَ ڪهاڙي آهي۔۔؟“
ڪاٺير هن دفعي انڪار ۾ مٿو ڌوڻيو۔۔ جنهن تي نوجوان هڪ دفعو ٻيهر پاڻي ۾ وڃي سندس واري لوهه جي ڪهاڙي کڻي سندس اڳيان آندي۔۔
هن دفعي ڪاٺير نوجوان جي پڇڻ کان اڳ ئي چيو۔۔ ”ها بلڪل ۔۔! هيءَ منهنجي ڪهاڙي آهي۔۔“
پاڪدامن انسان کي ڪاٺير جي سچائي ۽ ايمانداري ڪافي پسند آئي ۽ کيس ٽئي ڪهاڙيون ڏئي ڇڏيون۔۔
ڪجهه عرصي کان پوءِ ساڳيو ڪاٺير پنهنجي زال سان ان ندي جي پل تان گذري رهيو هيو جڏهن سندس زال نديءَ ۾ ڪري پئي۔۔۔ جنهن تي هن روئڻ شروع ڪري ڏنو۔۔
ٿوري ئي دير ۾ ساڳيو پاڪدامن نوجوان ظاهر ٿيو ۽ کائنس ماجرا پڇي۔۔۔ ڪاٺير کيس ٻڌايو ته سندس زال نديءَ ۾ ڪري پئي آهي۔۔۔ نوجوان پاڻي ۾ واپس موٽيو ۽ پاڻي مان هڪ انتهائي خوبصورت نوجوان ۽ زيورن سان آراستا ڪنوار کي ٻاهر کڻي نڪتو۔۔۔ ۽ ڪاٺير کان پڇيائين ۔۔ ”ڇا تنهنجي هي زال آهي۔۔۔؟“



ڪاٺير روئيندي خوبصورت ڪنوار کي ڏٺو ۽ چيائين۔۔۔ ”بلڪل سائين ۔۔ منهنجي هيءَ ئي زال آهي۔۔“
نوجوان ڪاوڙ ۾ چيو۔۔۔ ”تون ڪوڙو آهين ۔۔ هي تنهنجي زال نه آهي۔۔۔ “
ڪاٺير ٻانهون ٻڌندي عرض ڪيو ته۔۔۔ ”معاف ڪجو قبلا سائين ۔۔۔! جيڪڏهن مان انڪار ڪندس ته توهان هڪ دفعو ٻيهر پاڻي ۾ ويندو ۽ هڪ ٻي خوبصورت عورت ساڻ ڪري ايندو ۔۔ ۽ منهنجي انڪار تي توهان وري پاڻي ۾ وڃي منهنجي زال کي ٻاهر ڪڍي ايندو ۔۔۔ ۽ منهنجي ها چوڻ تي خوش ٿي منهنجي ايمانداري جي انعام ۾ مون کي ٽئي عورتون ڏئي ڇڏيندو۔۔۔ ۽ مان انتهائي غريب ماڻهون آهيان۔۔ هڪ ئي وقت ٽنهي عورتن کي سکيو رکي نه سگهندس۔۔۔ ان ڪري ئي مون هن خوبصورت عورت لاءِ ها ڪئي آهي۔۔۔ “
سبق: مرد هميشه ڪنهن سريلي سبب سان ڪوڙ هڻندو آهي۔۔۔












1 تبصره :

Ahmed Musheer لکيو آهي

بهترين ادا

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔

تبصرو لکو يا پيسٽ ڪريو ۽ پبلش ڪريو