Jan 28, 2013

نياڻيون الله جي رحمت آهن..

[IMG]
نياڻيون سڀني جي مقدر ۾ ڪاٿي هونديون آهن۔۔۔ گهر جيڪو خدا کي پسند هجي ته هونديون آهن۔۔۔
پنهنجي ڌيئرن ۽ ڀينرن سان شفقت سان پيش اچو ۔۔۔ ڇو ته اهي الله جي رحمت هونديون آهن۔۔۔ انهن کي ڪڏهن به بار نه سمجهو۔۔۔ انهن کي الله جي امانت سمجهي شفقت ۽ محبت سان پاليو۔۔۔ ۽ انهن جي سٺي دنيوي ۽ ديني تربيت ڪريو۔۔ اهي توهان جي گهر جون مهمان آهن۔۔۔ امانت آهن ۔۔۔ آخر انهن کي پنهنجي گهر وڃڻو آهي۔۔ جتي خبر ناهي ته سندن زندگي ڪيتري خوش گوار گذري۔۔۔
*********************
حضرت ابنِ عباس رضي الله تعالى عنه فرمائين ٿا۔۔ ته رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو: ”جنهن مرد جون ٻه ڌيئر بالغ ٿي وڃن۔۔۔ ۽ انهن سان حسنِ سلوڪ رکي (سٺو کارائي پياري ۽ ديني ادب سيکاري) جيسيتائين اهي ڌيئر گڏ رهن ۽ حسنِ سلوڪ ۾ گهٽتائي ٿيڻ نه ڏئي۔۔۔ ته اهي ڌيئر ئي کيس جنت ڏياريينديون۔۔۔ “
حوالو: ابنِ ماجه : جلد ٽيون: حديث نمبر 550
*********************


پاڻ صلي الله عليه وسليم ڌيئرن جي تعليم ۽ تربيت جي فضيليت بيان ڪندي فرمائين ٿا۔۔۔ ”جنهن شخص کي سندس ڌيئرن جي ڪري ڪنهن طرح آزمائش ۾ وڌو ويندو آهي۔۔ ان باوجود هو ساڻن ڀلائي ڪندو آهي۔۔ ته اهي هن لاءِ جهنم اڳيان پردو بڻجي وينديون آهن۔۔۔“
هن حديث ۾ ڀلائي مان مراد هر طرح جي ڀلائي جهڙوڪ انهن جي پرورش ڀلي طرح ڪري ۔۔۔ انهن سان ڀلو سلوڪ رکي۔۔ ۽ انهن جي تعليم ۽ تربيت جو خاص ۽ ڀلو اهتمام ڪري۔۔۔ پوءِ جڏهن اهي جوان ٿي وڃن ته انهن جي شادي لاءِ ڀلو ۽ ايماندار مڙس چونڊي۔۔۔
حوالو: بخاري الادب بابِ رحمت الولد وتقبيله 5995 ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مسلم: البروالصله بابِ فضل الاحسان الي البنات 2629
*********************
[IMG]
پڪ اٿم ته تصوير ڏسي توهان لائيڪ بٽڻ تي ڪلڪ ڪندو...
جنهن سان ثابت ٿيندو ته اسان ڌيئرن کي پسند ڪندا آهيون... انهن کي چاهيندا آهيون ... ۽ انهن سان محبت ڪندا آهيون.. ڇو ته اهي اسان وٽ مهمان ۽ رب طرفان رحمت ٿينديون آهن..











0 تبصره :

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔

تبصرو لکو يا پيسٽ ڪريو ۽ پبلش ڪريو