سورة العنڪبوت آيت نمبر 8

ترجمو: اسان هر انسان کي پنهنجي پيءُ ماءُ سان احسان ۽ چڱو سلوڪ ڪرڻ جي وصيت ڪئي آهي
مترجم : علامه علي خان ابڙو

هڪ پٽ پڙهي لکي وڏو ماڻهون بڻجي ويو ۔۔ والد جي وفات کان پوءِ سندس امڙ هر طرح جو ڪم ڪري کيس ان قابل بڻايو هو۔۔۔ شادي کان پوءِ سندس زال کي ماء سان شڪايت رهڻ لڳي ته هوءَ سندن اسٽيٽس تي فٽ ناهي۔۔ ماڻهن کي ٻڌائيندي لڄ ٿيندي آهي ته ”اڻ پڙهيل عورت سندس سس آهي۔۔“
ڳالهه وڌڻ تي پٽ هڪ ڏينهن ماءُ کي چيو ۔۔ ”مان هاڻي ان قابل ٿي ويو آهيان جو ڪوبه قرض لاهي سگهان ۔۔۔ مان ۽ تون ٻئي خوش رهنداسين ۔۔ ان ڪري مان چاهيان ٿو ته توهان مون تي ڪيل سمورن خرچن کي وياج سميت حساب ڪري ڏسيو۔۔۔ مان اها رقم ادا ڪندس ۽ پوء اسان الڳ رهي ڪري سکيا رهنداسين۔۔۔“
ماءُ حيرت سان سوچيندي رهي ۽ ڪجهه وقت کانپوء چيائين۔۔۔ ”پٽ۔۔۔ حساب ٿورو وڏو آ۔۔ سوچي ڪري ٻڌائڻو پوندو۔۔ مون کي ٿورو وقت گهرجي۔۔“
پٽ چيو۔۔۔ ”خير آ امان۔۔ ڪا جلدي ناهي ۔۔ ڀلي ٻه چار ڏينهن لڳائي ٻڌائجان۔۔۔“
رات ٿي سڀ سمهي پيا ۔۔۔ ماءُ هڪ لوٽي ۾ پاڻي کنيو ۽ پٽ جي ڪمري ۾ آئي ۔۔۔ پٽ جنهن پاسي ستل هو ان جي هڪ پاسي پاڻي هاري ڇڏيائين۔۔ پٽ پاسو ورايو ته ٻئي پاسي به پاڻي هاري ڇڏيائين۔۔ پٽ جنهن به طرف پاسو پئي ورايو ماء ان جي مخالف پاسي پاڻي هاريندي رهي۔۔۔
پريشان ٿيندي پٽ اٿي پيو۔۔۔ ۽ ماء کي ائين ڪندي ڏسندي ڪاوڙ ۾ چيائين۔۔ ”امان هي ڇا پئي ڪرين۔۔؟ منهنجي بستري کي پاڻي سان آلو ڇو پئي ڪرين۔۔۔؟“
ماءُ جواب ڏنو۔۔ ”پٽ تو مون کان پوري زندگي جو حساب لڳائڻ جو چيو هو۔۔ مان اڃان اهو حساب پئي لڳايو ته مون ڪيتريون راتيون تنهنجي ٻالڪپڻ ۾ تو طرفان بسترو آلو ڪرڻ تي جاڳندي ڪاٽيون هيون۔۔ هي ته پهرين رات آ۔۔ ۽ تون هاڻي کان ئي گهٻرائي وئين۔۔۔ مون ته اڃان حساب شروع ئي نه ڪيو آهي۔۔ جنهن کي تون ادا ڪري سگهين۔۔۔“
ماء جي ان ڳالهه پٽ جي دل کي جنجهوڙي ڇڏيو۔۔ پوري رات هن سوچڻ ۾ گذاري ڇڏي۔۔ شايد کيس احساس ٿي چڪو هو ته ماءُ جو قرض ڪڏهن به لاهي ڪونه سگهبو۔۔۔





