Jan 26, 2013

سلوڪ..

سورة العنڪبوت آيت نمبر 8



ترجمو: اسان هر انسان کي پنهنجي پيءُ ماءُ سان احسان ۽ چڱو سلوڪ ڪرڻ جي وصيت ڪئي آهي

مترجم : علامه علي خان ابڙو




هڪ پٽ پڙهي لکي وڏو ماڻهون بڻجي ويو ۔۔ والد جي وفات کان پوءِ سندس امڙ هر طرح جو ڪم ڪري کيس ان قابل بڻايو هو۔۔۔ شادي کان پوءِ سندس زال کي ماء سان شڪايت رهڻ لڳي ته هوءَ سندن اسٽيٽس تي فٽ ناهي۔۔ ماڻهن کي ٻڌائيندي لڄ ٿيندي آهي ته ”اڻ پڙهيل عورت سندس سس آهي۔۔“
ڳالهه وڌڻ تي پٽ هڪ ڏينهن ماءُ کي چيو ۔۔ ”مان هاڻي ان قابل ٿي ويو آهيان جو ڪوبه قرض لاهي سگهان ۔۔۔ مان ۽ تون ٻئي خوش رهنداسين ۔۔ ان ڪري مان چاهيان ٿو ته توهان مون تي ڪيل سمورن خرچن کي وياج سميت حساب ڪري ڏسيو۔۔۔ مان اها رقم ادا ڪندس ۽ پوء اسان الڳ رهي ڪري سکيا رهنداسين۔۔۔“
ماءُ حيرت سان سوچيندي رهي ۽ ڪجهه وقت کانپوء چيائين۔۔۔ ”پٽ۔۔۔ حساب ٿورو وڏو آ۔۔ سوچي ڪري ٻڌائڻو پوندو۔۔ مون کي ٿورو وقت گهرجي۔۔“
پٽ چيو۔۔۔ ”خير آ امان۔۔ ڪا جلدي ناهي ۔۔ ڀلي ٻه چار ڏينهن لڳائي ٻڌائجان۔۔۔“
رات ٿي سڀ سمهي پيا ۔۔۔ ماءُ هڪ لوٽي ۾ پاڻي کنيو ۽ پٽ جي ڪمري ۾ آئي ۔۔۔ پٽ جنهن پاسي ستل هو ان جي هڪ پاسي پاڻي هاري ڇڏيائين۔۔ پٽ پاسو ورايو ته ٻئي پاسي به پاڻي هاري ڇڏيائين۔۔ پٽ جنهن به طرف پاسو پئي ورايو ماء ان جي مخالف پاسي پاڻي هاريندي رهي۔۔۔
پريشان ٿيندي پٽ اٿي پيو۔۔۔ ۽ ماء کي ائين ڪندي ڏسندي ڪاوڙ ۾ چيائين۔۔ ”امان هي ڇا پئي ڪرين۔۔؟ منهنجي بستري کي پاڻي سان آلو ڇو پئي ڪرين۔۔۔؟“
ماءُ جواب ڏنو۔۔ ”پٽ تو مون کان پوري زندگي جو حساب لڳائڻ جو چيو هو۔۔ مان اڃان اهو حساب پئي لڳايو ته مون ڪيتريون راتيون تنهنجي ٻالڪپڻ ۾ تو طرفان بسترو آلو ڪرڻ تي جاڳندي ڪاٽيون هيون۔۔ هي ته پهرين رات آ۔۔ ۽ تون هاڻي کان ئي گهٻرائي وئين۔۔۔ مون ته اڃان حساب شروع ئي نه ڪيو آهي۔۔ جنهن کي تون ادا ڪري سگهين۔۔۔
ماء جي ان ڳالهه پٽ جي دل کي جنجهوڙي ڇڏيو۔۔ پوري رات هن سوچڻ ۾ گذاري ڇڏي۔۔ شايد کيس احساس ٿي چڪو هو ته ماءُ جو قرض ڪڏهن به لاهي ڪونه سگهبو۔۔۔
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Jan 11, 2013

مايوس نه ٿيو .... هو دعا ضرور قبول ڪندو..

سورة غافر آيت نمبر 60

ترجمو:
۽ توهان جو پروردگار چوي ٿو ته مون کي ئي پڪاريو، مان توهان جي سڏ جو جواب ڏيندس. جيڪي ماڻهو منهنجي ٻانهپ ۽ فرمابرداري ڪرڻ کان تڪبر جي ڪري پري ٿا ڀڄن سي يقيناً جلد ئي خوار خراب ٿي جهنم ۾ داخل ٿيندا۔
مترجم : علامه علي خان ابڙو

هڪ غريب خاندان جي ڇوڪر پنهنجي پيء کي چيو ته مون کي سائيڪل وٺي ڏي۔۔۔ غريب پيء لاءِ سائيڪل خريد ڪرڻ مشڪل هو۔۔ هن کيس ٽرڪائي ڇڏيو۔۔ ڇوڪرو بار بار چوندو رهيو ۽ پيء بار بار منع ڪندو رهيو۔۔ آخر ڪار هڪ ڏينهن تنگ ٿي پيء دڙڪا ڏيندي کيس چيو ته ”مون چيو نه ته مان سائيڪل ڪونه خريد ڪري سگهندس۔۔۔ ان ڪري مون کي وري نه چئجانء۔۔۔“
اهو ٻڌي ڇوڪري جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا۔۔ هو ڪجهه دير لاءِ چپ ٿي ويو پر پوءِ چيائين۔۔

”توهان ئي ته منهنجا پيء آهيو۔۔۔ جي توهان کي نه چوندس ته ٻيو ڪنهن کي چوندس۔۔۔“

ان جملي پيء کي تڙپائي ڇڏيو۔۔ اچانڪ هن جو انداز مٽجي ويو۔۔۔۔ تڏهن پيء چيو۔۔۔ ”ٺيڪ آ پٽ۔۔۔ مان تنهنجي لاءِ سائيڪل ضرور وٺندس۔۔۔“ اهو چوندي پيء جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا۔۔ ڪجهه ڏينهن جي وڌيڪ محنت ۽ ڪوشش سان پئسا گڏ ڪيا ۽ پٽ لاءِ سائيڪل خريد ڪري ورتي۔۔
ڇوڪري بظاهر هڪ لفظ چيو هو۔۔ پر اهو اهڙو لفظ هيو۔۔ جنهن جي قيمت هن جي پنهنجي زندگي هئي۔۔ جنهن ۾ پوري هستي شامل ٿي چڪي هئي۔۔ ان لفظ جو مطلب اهو هو ته هن پنهنجو پاڻ کي پنهنجي سرپرست اڳيان بلڪل خالي ڪري ڇڏيو هو۔۔ اهي لفظ چئي هن پنهنجو پاڻ کي ان جاءِ تائين پهچايو هو جتان سندس درخواست سندس سرپرست لاءِ به اهڙو مسئلو بڻجي چڪي هئي جهڙو سندس لاءِ هئي۔۔۔
هي انساني واقعو خدائي واقعي جو مثال آهي۔۔ جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته آخر اها ڪهڙي دعا آهي جيڪا واپس نه ٿي ڪئي وڃي۔۔ هي اها دعا آهي جنهن ۾ بندو پنهنجي پوري هستي کي شامل ٿو ڪري ڇڏي۔۔ جڏهن بندي جي اک مان اهو عاجزي وارو قطرو ٽپڪي ٿو پوي جنهن کي برداشت زمين ۽ آسمان به نه ڪري سگهي۔۔ جڏهن بندو پنهنجو پاڻ کي پنهنجي رب سان ايترو شامل ٿو ڪري ڇڏي جو ”پٽ“ ۽ ”پيء“ هڪ ئي ترازي جي ٻنهي پلڙن جي برابر اچي ويندا آهن۔۔۔
هي اهو لمحو هوندو آهي جڏهن دعا بس زبان مان نڪرندڙ هڪ لفظ ناهي هوندي پر پنهنجي شخصيت کي ختم ڪرڻ جي انتها بڻجي ويندي آهي۔۔ ان وقت خدا جون رحمتون پنهنجي بندي جي مٿان بارش وانگر وسي پونديون آهن۔۔ بندگي ۽ خدائي ٻئي هڪ ٻئي سان راضي ٿي وينديون آهن۔۔ قادرِ مطلق، عاجزِ مطلق کي پنهنجي جهولي ۾ کڻي وٺندو آهي۔۔

جڏهن انسان پنهنجي رب تي ايترو ڀرسو ڪري وٺندو آهي ته ان کانسواء سندس ضرورت پوري ڪرڻ وارو ڪير به ناهي ۔۔ تڏهن رب پاڪ پنهنجي بندي کي مايوس ناهي ڪندو۔۔ ان جي دعا ضرور قبول فرمائيندو آهي۔۔
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Dec 26, 2012

والدين جي مثال ٻن اکين وانگر آهي...

سورة بني اسرائيل آيت نمبر 23 ۽ 24

ترجمو:
۽ تنهنجي پروردگار حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ته کانئس سواءِ ٻئي ڪنهن جي به ٻانهپ نه ڪيو ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ سا ڀلايون ڪيو. جيڪڏهن ماءُ پيءُ مان ڪو هڪ يا ٻئي تنهنجي حياتيءَ ۾ ٻڍاپڻ جي عمر کي پهچي وڃن (۽ انهن جي خدمت جو بار تنهنجي ذمي ٿئي) ته انهن جي ڪنهن به ڳالهه تي رڳو اف به نه چئه (يعني ڪوبه خفي ٿيڻ جو لفظ نه چئه) نڪي (غصي ۾ اچي) کين جهڻڪڻ شروع ڪري ڏي. هنن سان ڳالهه ٻولهه ادب ۽ عزت سان ڪر.
هنن جي اڳيان محبت ۽ مهربانيءَ سان نماڻائيءَ جو سر جهڪائي رک، سندن حق ۾ (هميشه) دعا گهرندو رهه ته اي منهنجا پروردگار! جهڙيءَ طرح هنن مون کي منهنجي ننڍپڻ ۾ پاليو نپايو، تهڙيءَ طرح تون به هنن تي رحم ڪندو رهه.
مترجم : علامه علي خان ابڙو
دوستو والدين جي مثال ٻن اکين وانگرهوندي آهي۔۔۔ هڪ ساڄي ۽ ٻي کاٻي۔۔۔ جيڪڏهن هڪ اک هلي وڃي ته نظر متاثر ٿيندي آهي۔۔ ۽ جيڪڏهن ٻئي هليون وڃن ته انسان انڌو ٿي پوندو آهي۔۔ ان ڪري پنهنجي والدين جي حفاظت ۽ انهن جو خيال پنهنجي اکين وانگر رکندا ڪريو۔۔۔ ۽ هميشه انهن لاءِ مٿين آيت ۾ ٻڌايل دعا گهرندا رهندا ڪريو۔۔۔

اي منهنجا پروردگار! جهڙيءَ طرح هنن مون کي منهنجي ننڍپڻ ۾ پاليو نپايو، تهڙيءَ طرح تون به هنن تي رحم ڪندو رهه.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Nov 29, 2012

قرآن پاڪ جي تلاوت جو اسان جي زندگي تي اثر…

مٿي پهاڙن تي هڪ بزرگ پنهنجي پوٽي سان گڏ رهندو هو۔۔ هو روزانو صبح جو قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندا هئا۔۔ بزرگ جو پوٽو هميشه ڪوشش ۾ رهندو هو ته هو پنهنجي ڏاڏي جهڙو بڻجي۔۔
هڪ ڏينهن پوٽو چوڻ لڳو ۔۔”ڏاڏا مان به توهان وانگر قرآن پاڪ پڙهڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان۔۔ پر مون کي سمجهه ۾ نه ايندو آهي۔۔۔ جيڪو ٿورو گهڻو سمجهه اچي اهو به جيئن ئي مان قرآن بند ڪندو آهيان وسريو وڃي۔۔ اهڙي قرآن پڙهڻ مان اسان ڇا سکي سگهنداسين۔۔۔ مون کي ته ڪجهه فائدو نظر نه ٿو اچي۔۔۔“
ڏاڏي خاموشي سان کيس ڪوئلن سان ڀريل ٽوڪري خالي ڪري سندس حوالي ڪئي ۔۔ ۽ چيائين ۔۔ ”وڄ۔۔۔ وڃي هيٺان وهندڙ ندي مان پاڻي جي ٽوڪري ڀري اچ۔۔۔“
پوٽي ڏاڏي جو حڪم مڃيندي هيٺ نهر مان پاڻي ڀري موٽيو پر گهر تائين پهچندي پهچندي ٽوڪري مان سڀ پاڻي وهي ويو۔۔ ڏاڏي مسڪرايو ۽ چيائين۔۔”تون هن دفعي وڌيڪ تيز قدم کڻجانء ۽ اچڻ ۾ جلدي ڪجانء۔۔۔“ ۽ ان کي واپس موڪلي ڇڏيو۔۔
هن دفعي ڇوڪرو وڌيڪ تيزي سان واپس موٽندي گهر تائين پهتو ۔۔ پر گهر پهچندي پهچندي هڪ دفعو وري ٽوڪري پاڻي کان خالي ٿي وئي۔۔ تيز هلڻ سان سندس ساهه ڦوڪجي رهيو هو ۔۔ ۽ انهي ڪيفيت ۾ ئي هن ڏاڏا کي چيو۔۔ ”ٽوڪري ۾ پاڻي ڀرڻ ممڪن ئي ناهي۔۔ مان بالٽي ۾ پاڻي ڀري اچان ٿو۔۔۔“
ڏاڏا وراڻيو۔۔۔ ”مون کي پاڻي جي بالٽي نه کپي ۔۔۔ پر پاڻي جي ٽوڪري گهرجي۔۔ تون ٺيڪ طرح ڪوشش نه ٿو ڪرين۔۔۔“ ڏاڏا کيس وري واپس موڪليو ۽ هن دفعي سندس واپسي جو انتظار ڪرڻ لاءِ در تي بيهي رهيو۔۔ ڇوڪري کي خبر هئي ته اهو ناممڪن آهي پر هن پنهنجي ڏاڏا کي ڏيکارڻ لاءِ هڪ دفعو وري نهر مان ٽوڪري ۾ پاڻي ڀريو ۽ تيزي سان واپس ڊوڙندو واپس وريو۔۔ پر واپس ايندي ايندي ٽوڪري مان سمورو پاڻي ضايع ٿي ويو۔۔ واپس پهچي هن ڏاڏا کي چيو۔۔۔ ”ڏٺوَ ڏاڏا۔۔۔ ٽوڪري ۾ پاڻي ڀرڻ بي سود آهي۔۔۔ “
ڏاڏي ٽوڪري ڏانهن ڏٺو ۽ چيائين۔۔ ”ٽوڪري ڏانهن ڏس۔۔۔“ ڇوڪري ٽوڪري کي ڏٺو ۽ پهريون دفعو کيس احساس ٿيو ته ٽوڪري پهرين کان مختلف آهي۔۔ اها هاڻي پراڻي ۽ گندي ٽوڪري بجاءِ اندران ۽ ٻاهران صاف سٿري ٿي چڪي هئي۔۔۔
ڏاڏي چيو۔۔ ” پٽ جڏهن اسان قرآن پڙهندا آهيون ته چاهي اسان ان جو هڪ به لفظ سمجهي نه سگهندا هجون ۔۔ يا ياد نه ڪري سگهندا هجون پر پوءِ به ان جي تلاوت اسان کي اندران ٻاهران ائين ئي صاف ڪري ڇڏيندي آهي۔۔۔ اهڙي طرح الله تعالى اسان جي زندگي تبديل ڪندو آهي۔۔۔
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>