نوٽ؛ دوستو! ڪجهه ڏينهن اڳ مون هڪ پرديسي مظلوم مڙس جو هڪ خط اوهانکي پڙهايو هو، اڄ اوهانجي خدمت ۾ ديس کان آيل ڌرم پتنيءَ جي خط جو نمونو ڏيکاريانٿو ... اميد ته پرديس ۾ ويٺل سڀني مڙسن کي پسند ايندو .... شاعر هجڻ جي دعوا ناهي بس ڪنهنجي اندر جي اڌمن کي سنڌي ويس پارايو اٿم ...!!!نثار ابڙو
*****
مليو آهي خط پيارا، ته موڪل اچي رهيو آهــين،
منهنجن خوابن ۾ صبح و شام، اچـي رهيو آهين،
جڏهن ايندي ته مون لئه ڏينهن عيــد جو هوندو،
عجب ڏيک منهنجا پيارا، تنهنجي ديد جو هوندو،
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته ڪو غريب ڪاٺير هوندو هو۔۔ هو روزانو ڪاٺيون ڪٽيندو هو ۽ انهن کي کپائي گذر سفر ڪندو هو۔۔ هڪ دفعي هو ڪاٺيون ڪٽي واپس ڳوٺ ڏانهن ٿي آيو ته رستي ۾ ايندڙ ندي تي موجود پل تان گذرندي سندس ڪهاڙي ندي ۾ ڪري پئي۔۔۔