Jan 11, 2013

مايوس نه ٿيو .... هو دعا ضرور قبول ڪندو..

سورة غافر آيت نمبر 60

ترجمو:
۽ توهان جو پروردگار چوي ٿو ته مون کي ئي پڪاريو، مان توهان جي سڏ جو جواب ڏيندس. جيڪي ماڻهو منهنجي ٻانهپ ۽ فرمابرداري ڪرڻ کان تڪبر جي ڪري پري ٿا ڀڄن سي يقيناً جلد ئي خوار خراب ٿي جهنم ۾ داخل ٿيندا۔
مترجم : علامه علي خان ابڙو

هڪ غريب خاندان جي ڇوڪر پنهنجي پيء کي چيو ته مون کي سائيڪل وٺي ڏي۔۔۔ غريب پيء لاءِ سائيڪل خريد ڪرڻ مشڪل هو۔۔ هن کيس ٽرڪائي ڇڏيو۔۔ ڇوڪرو بار بار چوندو رهيو ۽ پيء بار بار منع ڪندو رهيو۔۔ آخر ڪار هڪ ڏينهن تنگ ٿي پيء دڙڪا ڏيندي کيس چيو ته ”مون چيو نه ته مان سائيڪل ڪونه خريد ڪري سگهندس۔۔۔ ان ڪري مون کي وري نه چئجانء۔۔۔“
اهو ٻڌي ڇوڪري جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا۔۔ هو ڪجهه دير لاءِ چپ ٿي ويو پر پوءِ چيائين۔۔

”توهان ئي ته منهنجا پيء آهيو۔۔۔ جي توهان کي نه چوندس ته ٻيو ڪنهن کي چوندس۔۔۔“

ان جملي پيء کي تڙپائي ڇڏيو۔۔ اچانڪ هن جو انداز مٽجي ويو۔۔۔۔ تڏهن پيء چيو۔۔۔ ”ٺيڪ آ پٽ۔۔۔ مان تنهنجي لاءِ سائيڪل ضرور وٺندس۔۔۔“ اهو چوندي پيء جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا۔۔ ڪجهه ڏينهن جي وڌيڪ محنت ۽ ڪوشش سان پئسا گڏ ڪيا ۽ پٽ لاءِ سائيڪل خريد ڪري ورتي۔۔
ڇوڪري بظاهر هڪ لفظ چيو هو۔۔ پر اهو اهڙو لفظ هيو۔۔ جنهن جي قيمت هن جي پنهنجي زندگي هئي۔۔ جنهن ۾ پوري هستي شامل ٿي چڪي هئي۔۔ ان لفظ جو مطلب اهو هو ته هن پنهنجو پاڻ کي پنهنجي سرپرست اڳيان بلڪل خالي ڪري ڇڏيو هو۔۔ اهي لفظ چئي هن پنهنجو پاڻ کي ان جاءِ تائين پهچايو هو جتان سندس درخواست سندس سرپرست لاءِ به اهڙو مسئلو بڻجي چڪي هئي جهڙو سندس لاءِ هئي۔۔۔
هي انساني واقعو خدائي واقعي جو مثال آهي۔۔ جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته آخر اها ڪهڙي دعا آهي جيڪا واپس نه ٿي ڪئي وڃي۔۔ هي اها دعا آهي جنهن ۾ بندو پنهنجي پوري هستي کي شامل ٿو ڪري ڇڏي۔۔ جڏهن بندي جي اک مان اهو عاجزي وارو قطرو ٽپڪي ٿو پوي جنهن کي برداشت زمين ۽ آسمان به نه ڪري سگهي۔۔ جڏهن بندو پنهنجو پاڻ کي پنهنجي رب سان ايترو شامل ٿو ڪري ڇڏي جو ”پٽ“ ۽ ”پيء“ هڪ ئي ترازي جي ٻنهي پلڙن جي برابر اچي ويندا آهن۔۔۔
هي اهو لمحو هوندو آهي جڏهن دعا بس زبان مان نڪرندڙ هڪ لفظ ناهي هوندي پر پنهنجي شخصيت کي ختم ڪرڻ جي انتها بڻجي ويندي آهي۔۔ ان وقت خدا جون رحمتون پنهنجي بندي جي مٿان بارش وانگر وسي پونديون آهن۔۔ بندگي ۽ خدائي ٻئي هڪ ٻئي سان راضي ٿي وينديون آهن۔۔ قادرِ مطلق، عاجزِ مطلق کي پنهنجي جهولي ۾ کڻي وٺندو آهي۔۔

جڏهن انسان پنهنجي رب تي ايترو ڀرسو ڪري وٺندو آهي ته ان کانسواء سندس ضرورت پوري ڪرڻ وارو ڪير به ناهي ۔۔ تڏهن رب پاڪ پنهنجي بندي کي مايوس ناهي ڪندو۔۔ ان جي دعا ضرور قبول فرمائيندو آهي۔۔

1 تبصره :

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔

تبصرو لکو يا پيسٽ ڪريو ۽ پبلش ڪريو