Dec 30, 2012

نئون سال مبارڪ هجي۔۔۔


دوستو اڄ سال جو آخري ڏينهن آهي منهنجي گهڙي مطابق ٺيڪ 20 ڪلاڪن کان پوءِ نئون سال شروع ٿي ويندو۔۔۔ ۽ اسان 2012 مان ٽپي 2013 ۾ داخل ٿينداسين ۔۔۔۔
پر سوال اهو آهي ته اسان بحثيتِ قوم 2012 ۾ ڇا حاصل ڪيو۔۔۔؟۔۔۔
قومن کي سٺي قوم بڻجڻ لاءِ انصاف جو هڪ آزاد نظام کپي ۔۔۔ ڇا اسان 2012 ۾ اهڙو نظامِ عدل قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسين۔۔۔
قومن کي ترقي ڪرڻ لاءِ جهموريت کپي ڇا اسان 2012 ۾ ملڪ ۾ خالص جهموريت قائم ڪري سگهيا آهيون ۔۔۔
ملڪ کي ترقي لاءِ ميرٽ هجڻ گهرجي۔۔۔ ڇا اسان 2012 ۾ ملڪ ۾ ميرٽ قائم ڪري سگهيا آهيون۔۔۔
قومن کي پسماندگي مان نڪرڻ لاءِ سيلف ريسپڪٽ، معيشيت، علم، برابري ۽ اعتماد کپي ۔۔۔ ڇا اسان 2012 ۾ اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪري ورتو۔۔
قومن کي زندگي گذارڻ لاءِ زندگي جون ضرورتون کپنديون آهن ۔۔ ڇا اسان 2012 ۾ عوام لاءِ علم، مانيءَ ڳڀو، صحت، اجهو ۽ لٽي جو بندوبست ڪري ورتو۔۔۔

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Dec 26, 2012

توڪل...


گاڏي ٺاهيندڙ اهو مڪينيڪ ڪم ڪندي ڪندي اٿيو ۽ پنڪچر چيڪ ڪرڻ واري ٽٻ جي پاڻي سان پنهنجا هٿ ڌوتا ۽ اهڙن آلن هٿن سان ئي وڃي ماني کائڻ شروع ڪري ڏني۔۔
مون حيرت سان ڏسندي هن کي چيو۔۔۔ ”الله جا بنده اهڙن گندن هٿن سان ماني پيو کائين۔۔۔ بيمار ڪونه ٿي پوندي۔۔۔ هزارين جراثيم تنهنجي پيٽ ۾ هليا ويندا۔۔ ڇا تو ڪڏهن ٽي وي تي ڊيٽول صابڻ وارو اشتهار نه ڏٺو آ۔۔ ان ۾ اهو ٻڌائيندا رهندا آهن۔۔۔“
ان تي هن جواب ڏنو۔۔۔ ”صاحب جڏهن اسان هٿن تي ڪلما پڙهي پاڻي ۾ وجهندا آهيون ته سڀ جراثيم پاڻهين مري ويندا آهن۔۔ ۽ جڏهن بسم الله پڙهي ماني جو گره ٽوڙيندو آهيان ته جراثيمن جي جڳهه تي اسان جي پيٽ برڪت ۽ صحت داخل ٿي ويندي آهي۔۔“

مون کي انهي ميڪنيڪ جي ڳالهين لوڏي وڌو۔۔۔ اهو ته سندس توڪل هو جيڪو هن کي بيمار ٿيڻ نه پيو ڏئي۔۔ مان ان سان هاڻي به ملندو هان۔۔۔ مان ان سان اڄ به ملندو آهيان۔۔ ۽ ايترن سالن جي گذري وڃڻ باوجود هو مون کي پهريان کان وڌيڪ صحتمند نظر ايندو آهي۔۔۔
اشفاق احمد جي ڪتاب زاويه جلد 3 عنوان ”خدا کان وڌيڪ جراثيمن جو خوف“ صفحو 228 جو ترجمون۔۔
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

والدين جي مثال ٻن اکين وانگر آهي...

سورة بني اسرائيل آيت نمبر 23 ۽ 24

ترجمو:
۽ تنهنجي پروردگار حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ته کانئس سواءِ ٻئي ڪنهن جي به ٻانهپ نه ڪيو ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ سا ڀلايون ڪيو. جيڪڏهن ماءُ پيءُ مان ڪو هڪ يا ٻئي تنهنجي حياتيءَ ۾ ٻڍاپڻ جي عمر کي پهچي وڃن (۽ انهن جي خدمت جو بار تنهنجي ذمي ٿئي) ته انهن جي ڪنهن به ڳالهه تي رڳو اف به نه چئه (يعني ڪوبه خفي ٿيڻ جو لفظ نه چئه) نڪي (غصي ۾ اچي) کين جهڻڪڻ شروع ڪري ڏي. هنن سان ڳالهه ٻولهه ادب ۽ عزت سان ڪر.
هنن جي اڳيان محبت ۽ مهربانيءَ سان نماڻائيءَ جو سر جهڪائي رک، سندن حق ۾ (هميشه) دعا گهرندو رهه ته اي منهنجا پروردگار! جهڙيءَ طرح هنن مون کي منهنجي ننڍپڻ ۾ پاليو نپايو، تهڙيءَ طرح تون به هنن تي رحم ڪندو رهه.
مترجم : علامه علي خان ابڙو
دوستو والدين جي مثال ٻن اکين وانگرهوندي آهي۔۔۔ هڪ ساڄي ۽ ٻي کاٻي۔۔۔ جيڪڏهن هڪ اک هلي وڃي ته نظر متاثر ٿيندي آهي۔۔ ۽ جيڪڏهن ٻئي هليون وڃن ته انسان انڌو ٿي پوندو آهي۔۔ ان ڪري پنهنجي والدين جي حفاظت ۽ انهن جو خيال پنهنجي اکين وانگر رکندا ڪريو۔۔۔ ۽ هميشه انهن لاءِ مٿين آيت ۾ ٻڌايل دعا گهرندا رهندا ڪريو۔۔۔

اي منهنجا پروردگار! جهڙيءَ طرح هنن مون کي منهنجي ننڍپڻ ۾ پاليو نپايو، تهڙيءَ طرح تون به هنن تي رحم ڪندو رهه.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

هڪ تصوير جيڪا گهڻو ڪجهه ٻڌائي ٿي...



تاريخ جي بدترين دور مان هن وقت هي قوم گذري رهي آهي۔۔ ڪرپٽ حڪمران، هٿ سان پيدا ڪيل توانائي جو بحران، غربت، مفلسي، ملڪ ۾ جهنگ جو قانون، هر شخص هي سوچڻ تي مجبور آهي ته ”سڀاڻي الائي ڇا ٿيندو“
دنيا جو هي واحد ملڪ آهي جتي امير کي غريب پالي رهيو آهي۔۔۔ غريب ٽيڪس ڏيندو آهي ۽ اهي سياستدان ۽ انهن جو خاندان انهن ٽيڪس جي پيسن منجهان جائدادون بڻائيندا آهن۔۔ انهن جا ٻار پلبا آهن يا وري هي پاڻ عياشيون ڪندا آهن۔۔۔ ان باوجود هتان جي عوام جو خون سستو هوندو آهي۔۔۔
هتان جو عوام فرعون جي دور ۾ پهچي چڪو آهي۔۔ فرعون به پنهنجي غلامن کان ان طرح ڪم وٺندو هو۔۔ اهي ڪم ڪندا هئا۔۔۔ ۽ فرعون پنهنجي وزيرن ۽ مشيرن سان عياشيون ڪندو هو۔۔۔ ان دور جي فرعون لاءِ رب پاڪ حضرت موسى عليه اسلام کي نبي ڪري موڪليو۔۔۔ پر هاڻي ته ڪو نبي به اچڻو ناهي۔۔۔
ڇا ٿيندو هتان جي عوام جو۔۔۔ آخر ڪڏهن ايندو مسيحا ۔۔۔ ؟

مٿين تصوير ڏسي ۽ بيان پڙهي توهان جي ذهن ۾ اسان جي غيور حڪمرانن لاءِ ڪو اخلاقي تبصرو اچي ٿو توهان جي ذهن ۾ ته پيش ڪريو۔۔۔
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Dec 25, 2012

زندگي ۾ پريشانين کي ڪيئن قابو ۾ آڻجي؟


هڪ اسٽيج شو تي هڪ مذاحيه آرٽسٽ آيو ۔۔۔ ۽ هڪ لطيفو ٻڌايو۔۔۔ شو ۾ شريڪ ٿيل سمورا ماڻهون زوردار ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳا۔۔ آرٽسٽ ساڳيو لطيفو ٻيهر ٻڌايو۔۔۔ هن دفعي پهرين جي مقابلي ۾ گهٽ ماڻهون کليا۔۔ آرٽسٽ هڪ دفعو وري ساڳيو لطيفو ٻڌايو۔۔۔ هن دفعي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهون هئا جن لطيفي تي ٽهڪ ڏنا۔۔ ان طرح آرٽسٽ تيسيتائين لطيفو ٻڌائيندو رهيو جيسين ان لطيفي تي ڪو به کلڻ وارو نه مليو۔۔۔ تڏهن آرٽسٽ هڪ جملو چيو۔۔۔


جيڪڏهن توهان ساڳي ئي لطيفي تي وري وري کلي نه ٿا سگهو ته توهان ساڳي ئي پريشاني تي وري وري روئو ڇو ٿا۔۔۔
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Dec 21, 2012

پيار ڇا آهي۔۔۔؟

پيار اهو آ ۔۔۔ جڏهن امڙ منهنجو مٿو چميو۔۔
پيار اهو آ۔۔۔ جڏهن بابا تيسين جاڳندا رهيا جيسين مان رات دير سان گهر پهتس۔۔۔
پيار اهو آ ۔۔ جڏهن ڀيڻ منهنجو ڪم ڪندي چيو۔۔ ”جڏهن منهنجي شادي ٿي ويندي۔۔ ته تنهنجو ڪم ڪير ڪندو۔۔۔“
پيار اهو آ ۔۔ جڏهن وڏي ڀاء چيو ته ”توکي پسند آ۔۔ چڱو تون کڻ۔۔۔ مان ٻيو خريد ڪري وٺندس۔۔“
پيار اهو آ ۔۔ جڏهن ننڍي ڀاء چيو ته ”ڏس هي ڀلو آ نه۔۔۔ هڪ تنهنجو ۔۔۔ هڪ منهنجو۔۔۔“
پيار اهو آ۔۔۔ جڏهن دوست چيو ته۔۔ ”ٽينشن ڇو ٿو وٺين يار۔۔ مان آهيان نه۔۔۔“

الائي ڇو پوء به اسان هميشه پيار جو بس هڪ الڳ ۽ مختلف مطلب رکندا ۽ سمجهندا آهيون۔۔۔
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Dec 5, 2012

توبهه جو در ته هميشه کليل رهندو آهي...



ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته هن پاڻي جي بوندن جي به ڪهڙي قسمت آهي۔۔؟ اسان کي پاڪ ڪندي ۔۔ اسان جي ناپاڪي کڻي وڃي ڪنهن نالي سان ملنديون آهن۔۔

پر جڏهن غور ڪيم ته خبر پئي ته ۔۔ اها نالي به ته ڪاٿي نه ڪاٿي وڃي ڪنهن ندي يا درياء سان ملندي هوندي۔۔ ۽ جيئن ئي هو ڪنهن وهندڙ ندي يا دريا سان ملندي هوندي۔۔ ته اهي پاڻي جون بوندون هڪ دفعو وري پاڪ ٿي وينديون آهن۔۔۔ اهڙي طرح اهي بوندون ندي يا درياء يا سمنڊ سان ملندي ئي وسيع ٿي وينديون آهن۔۔ ۽ پنهنجي انتها کي پهچنديون آهن ۔۔ مطلب اهي بوندون ناپاڪي هٽائڻ جو ڪم ڪندي سمنڊ بڻجي وينديون آهن۔۔۔

سمجهه ۾ آيو ته جيڪو ٻين کي پاڪ ڪندو اهو ۔۔ عارضي وقت لاءِ ناپاڪ سهي پر ان سفر تي رهيو ته ان جو انجام پاڪائي ۽ وڏائي جي انتها هوندو۔۔۔

ساڳيو مثال اسان تي به ٺهي ٿو۔۔ ته جيڪڏهن اسان ڪنهن جي خدمت ڪنداسين ته بظاهر ٿوري پريشاني ٿيندي پر جيڪڏهن اهو سفر جاري رکيو ته ٿي سگهي ٿو الله تعالى پنهنجي پيارن ۾ شمار ڪري اسان جا سڀ ڏک ڏولاوا ڏور ڪري ڇڏي۔۔ ۽ پنهنجي فضل جي ٻاجهه ڪري۔۔۔

حاصل مطلب: ظاهري پريشانين سان گهٻرائي ڪري پنهنجو نيڪي جو سفر روڪي نه ڇڏن گهرجي۔۔ جو توبهه جو دروازو هميشه کليل رهندو آهي۔۔
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Dec 2, 2012

سڀ کان وڏو ڪير..........؟

هيٺين تصوير ڌرتي جي سائيز کي اسان جي نظامِ شمسي جي ٻين گرهن کي ڀيٽيندي 
ظاهر ڪري ٿي۔۔ 
هيٺين تصوير اسان جي نظامِ شمسي ۾ موجود ٻين وڏن گرهن کي ڀيٽيندي اسان جي ڌرتي جي سائيز کي ظاهر ڪري ٿي۔۔ ڏسو مشتري، زحل ۽ نيپچون جي مقابلي ۾ اسان جي ڌرتي ڪيتري ننڍي آهي۔۔۔ هڪ اندازي موجب 1400 ڌرتيون گڏجن ته هڪ مشتري ٺهندي۔۔۔

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>