Apr 23, 2013

وليمي جو کاڌو



حضرت ابوهريره کا روايت آهي ته رسول پاڪ صلي الله عليه والسلم جن فرمايو:
”بدترين کاڌو وليمي جو اهو کاڌو آهي جنهن ۾ اميرن کي دعوت ڏجي ۽ فقيرن کي ڇڏي ڏجي۔۔۔“
(مشڪوات ص:278)



وليمي جي لاءِ هڪ پلاٽ ۾ خوبصورت شاميانا ۽ ٽينٽ وغيره لڳايا ويا هيا۔۔۔ ڀت انتظاميه جي ڪوشش هئي ته پاڙي جي غريبن جا ٻار ڀت کائڻ لائڻ لاءِ اندر داخل ٿي نه سگهن۔۔۔ پر ان باوجود هڪ ٻار خبر ناهي ڪيئن اندر داخل ٿي ويو ۽ کاڌي تائين به اچي پهتو۔۔۔ هن هڪ پليٽ کنئي ۽ اڃان چانورن جي ٿالهه طرف وڌيو ئي هيو ته ڀت انتظاميه جي هڪ ماڻهون کيس ڏسي ورتو ۔۔۔ هن پري کان ئي رڙ ڪري کيس روڪيو ۽ هڪ ٻه ٿڦڙ هڻندي کائنس پليٽ ڦري ٻاهر ڪڍي ڇڏيو۔۔۔ جن ڏٺو انهن کي به ڪاوڙ لڳي ته آخر هي ٻار اندر ڪيئن داخل ٿيو۔۔۔
ساڳي ئي هنڌ اميرن جا ٻار به کاڌو کائي رهيا هئا۔۔۔ جن کي غريب جو ٻار پري کان حسرت سان ڏسندو رهيو۔۔ شام جو جڏهن وليمون ختم ٿيو ته پليٽن ۾ بي شمار کاڌو بچي پيو جيڪو پاڙي جي مٽن مائٽن ۾ ورهايو ويو۔۔۔ پر اهو غريب ٻار بکيو ئي رهيو ۔۔۔ ڪجهه دير کان پوءِ ڪجهه بچيل کاڌو پلاٽ جي هڪ طرف اڇلايو ويو ويو۔۔۔ ۽ آخر ڪار غريب جي ٻار ان اڇايل کاڌي مان هڪ خشڪ نان ڳولي کنيو ۽ کائي پنهنجو بکايل پيٽ ڀريو۔۔۔

اها ئي اسان جي وليمي جي روايت آهي۔۔۔
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Jan 30, 2013

انسانيت..

زندگي خدا جي ڏِنل هِڪ اهِڙي خوبصورت سُوکڙي آهي جِنهن جو ڪوبه انسان تصور ئي نه ٿو ڪري سگهي۔اِن جي قدر ڪرڻ ۽اُن جي اهميت سمجهڻ گهُرجي۔انسان ايترو ته مادا پرست ٿي ويو آهي جو انسان کي انسان جو احساس ئي نه رهيو آهي۔اڄ ڪلهه جي دور ۾ ڳاڙهو رنگ اسان جي زندگين ۾ ايتري قدر ته شامِل ٿي ويو آهي جو اُهو ڪو ڏينهن ناهي جو اسان جي نظرن اڳيان ڳاڙهو رنگ نه گذرو هُجي۔هر طرف رت ئي رت ،قتلِ عام،معصوم بيگُناهه ماڻهو جي موت ۔اسان انسانيت کي پنهنجي وجود مان ڪڍي ڦِٽو ڪري ڇڏيو آهي۔انسان مان جڏهن انسانيت کي ڌار ڪري ڇڏجي ته باقي انسان ۾ ڇا بچيو؟ڪجه به نه۔خالي ۽ کوکلو وجود۔۽ بي جان جسم۔ڇا اسان اِهو سڀ روڪي نٿا سگهون؟جواب آهي ها روڪي سگهون ٿا۔پنهنجن روين، سٺن عملن،۽ سُٺي ڪردار سان۔رب پاڪ اسان کي اشرف المخلوقات ڪري هِن جهان ۾موڪليو۔۽ اسان خدا ٿيڻ جي ڪوششن ۾ لڳي وياسين۔پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائڻ بجاءِ ٻين جي زندگين ۾لئيا پائڻ شروع ڪياسين۔اچو ته گڏجيانسانيت کي بچايون۔۽جيترو ٿي سگهي محبتون ورهايون هِڪٻئي جي ڪم اچون۔جي اگر واٽ ويندي ٻن ماڻهن ۾ جهيڙو ڏِسون ته بجاءِ اِن جي ته اِهو چئي اُتان گذري وڃون ته اِنهن جو پنهنجو مسئلو آهي،اُنهن جو مسئلو حل ڪيون۔ٿي سگهي ٿو ته الله پاڪ جي ذات کي توهان جو اِهو عمل پسند اچي ۽توهان جا ڪيل ڄاڻي واڻي يا اڻڄاڻائي ۾ ڪيل گُناه ۽ خطائون بخشي ڇڏي۔اچو ته پنهنجي پاڻ سان اِهو عهد ڪيون ته اسن سڀ هِڪ آهيون اسان سڀني جي وجود ۾ رب جي هٿن جو لمس آهي چاهي اُهي هندو هُجن،عيسائي هُجن يا مُسلمان هُجن ۔ پراسان سڀ الله جي مخلوق آهيون اچو ته پنهنجن سُتل احساسن کي جاڳايون ۽ پنهنجن سُٺن عملن سان پنهنجا پنهنجاگُناه ۽ غلطيون بخشرايون۔

سهڻي پارس جي ٿورن سان

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Jan 29, 2013

روح کي ڇهندڙ پيغام ... جي سمجهي سگهو ...

ٽائيم هجي ته هي 7 منٽن واري وڊيو ڏسو...
فلم ڏسندي هڪ لمحي لاءِ فرض ڪريو ته هن وڊيو جا سمورا ڪردار هتان جا آهن.. اهڙن ڪردارن کي غور سان ڏسو ... يقينن توهان کي هڪ زبردست ميسيج ملندو... جيڪو سڌو توهان جي روح کي وڃي ڇهندو ...
پوء ڇا ٿوري دير لاءِ وقت ڪڍندو...؟

ڌرمام… تامل وڊيو.. .انگريزي سب ٽائيٽل سان
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Jan 27, 2013

اليڪشن اچي پئي...


اليڪشن اچي پئي...
ڪنهن کي برياني کائڻي آ....؟
ڪنهن کي پنهنجي گهر واري ڳلي پڪي ڪرائڻي آ...؟
ميٽر جو مسئلو ڪنهن کي حل ڪرائڻو آ...؟
ڪنهن ڪنهن کي سرڪاري نوڪري ۾ ڀرتي ٿيڻو آ...؟
ته پنهنجيون درخواستون تيار رکو... ڇو ته ويجهڙ ۾ اهي سڀ توهان جي سامهون هوندا ..
جيڪي هر پنجن سالن کان پوء نظر ايندا آهن...
هرڪو چوندو آ مان انقلاب آڻيندس...
ڪنهن جي هٿ ۾ بيلچو هوندو...
ڪنهن جي هٿ م ڪتاب هوندو...
ڪنهن جي ڪلهن تي شينهن جو پتلو هوندو..
ڪو سائيڪل کي ملڪ جي ترقي جو نشان چوندو..
ڪو تير کڻي ملڪ فتح ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندو..
مطلب جيترا اميدوار اوترا نشان...
بس فيصلو توهان کي ڪرڻو آ... ته...
هڪ ڏينهن جي مزيدار برياني ۽ پنجن سالن جا فاقا کپن ... يا
هڪ ڏينهن جو فاقو ۽ پنجن سالن جو افاقو کپي...
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Jan 14, 2013

ملڪ ۾ امن ڪيئن قائم ٿيندو...؟


هڪ دفعي هڪ بادشاهه هڪ ڪنڀر جي گڏهن کي هڪ ئي لائين ۾ هلندي ڏٺو ۔۔۔ هن ڪنڀر کي گهرايو ۽ پڇيو ته ”هي هڪ ئي قطار ۾ سڌا ڪيئن ٿا هلن۔۔۔؟“
ڪنڀر چيو ته ”جيڪو لائين ٽوڙيندو آهي مان ان کي سزا ڏيندو آهيان۔۔“
بادشاهه چيو ته ”منهنجي ملڪ ۾ امن امان قائم ڪري سگهين ٿو۔۔ ؟“
ڪنڀر حامي ڀري ۽ بادشاهه سان گڏ هلي پيو۔۔
سلطنت پهچندي ئي درٻار لڳي ۔۔۔ پهريون مقدمو هڪ چور جو آيو۔۔ ڪنڀر فيصلو ڪندي چور کي چوري ڪرڻ جي جرم ۾ هٿ ڪٽڻ جي سزا ٻڌائي۔۔۔ جلاد وزيرِاعظم جي طرف اشارو ڪيو ته چور کي ان جي سرپرستي حاصل آهي۔۔۔ پر ڪنڀر ٻيهر حڪم ڏنو ته چور جو هٿ ڪٽيو وڃي۔۔۔ وزيرِ اعظم سمجهيو ته شايد جج کي پيغام صحيح سمجهه نه آيو ۔۔۔ ان ڪري هو اڳتي وڌيو۔۔۔ ۽ ڪنڀر جي ڪن ۾ چيائين ته ۔۔۔ ”هي پنهنجو ماڻهون آهي۔۔۔“
ڪنڀر بطورِ جج اعلان ڪيو ته ۔۔۔ ”چور جو هٿ ڪٽيو وڃي ۽ وزيرِاعظم جي زبان ڪٽي وڃي۔۔۔“
بادشاهه فيصلي تي عمل ڪرائي ڇڏيو۔۔۔ رت جي راند ۽ باهه ۾ وڪوڙيل ان ملڪ ۾ ان هڪ ئي فيصلي سان عمل ٿي ويو۔۔۔

جيڪڏهن گنهگار جي سفارش ڪرڻ واري جي زبان ڪٽي ڇڏجي۔۔۔
جيڪڏهن پنهنجن جي سرپرستي ڪرڻ ڇڏي ڏجي۔۔۔
جيڪڏهن مخالفن کي ڦاسائڻ جون چالون بند ڪري ڇڏجن۔۔۔
ته گوليون به بند ٿي وينديون۔۔۔ ته قتل غارت گري به رڪجي ويندي۔۔۔ ۽ ملڪ ۾ امن به قائم ٿي ويندو۔۔۔

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Jan 9, 2013

ڪرپٽ ڪير....؟



دڪاندار هڪ ماچيس جي ڊٻي مان اڌ تيليون ڪڍي پيسا مڪمل ڊٻي جا وٺندو ۽ گڏ ويٺلن کي چوندو۔۔ ”زرداري وڏو ڪرپٽ آ۔۔“
ڪلهه تائين سائيڪل تي گهمندڙ ٽي وي اينڪر ڪنهن کان پئسن جون ٻوريون وٺندو ۽ سڄو ڏينهن زرداري حڪومت کي گاريون ڏيندو۔۔۔
موٽي پيٽ وارو سيٺ هڪ روپيو به ٽيڪس نه ڏيندو ۽ ٻين کي چوندو۔۔ ”پيپلز پارٽي کان ملڪ نه ٿو هلي۔۔ ڪاروبار ڊائون آ۔۔“
سبزي وارو پيسا پورا وٺي ۔۔ خراب ۽ سڙيل سبزي ڏيندو ۽ گهٽ توريندي چوندو۔۔ ”زرداري ڪرپٽ آ۔۔۔“
قاصائي پئسا پورا وٺي ۔۔ گوشت ۾ هڏيون شامل ڪندو۔۔۔ خبر ناهي گوشت حلال جانور جو هوندو يا ڪنهن گڏهه يا ڪتي جو پر چوندو ته ۔۔ ”ڪرپٽ زرداري آ۔۔۔“
کير وارو پاڻي جي بالٽي کير ۾ وجهندو ۽ روئڻ پٽڻ شروع ڪندو ته ۔۔۔ ”ادا حڪومت ڪرپٽ آ۔۔۔“
سرڪاري ڊرائيور سرڪاري گاڏي مان ڊيزل چوري ڪندو ۽ گهر ويندي دوستن کي چوندو ” زرداري ڪرپٽ آ۔۔“
اسڪول جو هيڊماستر اسڪول جي عمارت ۽ فرنيچر جو فنڊ پنهنجي گهر کڻي ويندو پر پٽ تي ويٺل اسڪولي ٻارن کي چوندو ته ”زرداري ڪرپٽ آ۔۔“

ڇا ڊاڪٽر، ڇا انجينيئر ۽ سرڪاري ملازم ۽ آفيسر ۔۔۔ سڀ خدا کي حاضر ناظر ڄاڻيندي سوچيندا ته هو ڇا پيا ڪن۔۔۔؟

جڏهن ته اسان جي پوري معاشري جو مائينڊ سيٽ اهو آهي ته سرڪاري ملازم جو رشتو ويندو ته ڪنواريتا اهو يقين ڪندا ته هي مٿان کان پيسا ٺاهيندو آ نه۔۔۔
اصل خرابي اسان ۾ آ۔۔۔۔ ياد رکو ته الله جو لڪڻ بي آواز هوندو آهي۔۔۔
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Dec 30, 2012

نئون سال مبارڪ هجي۔۔۔


دوستو اڄ سال جو آخري ڏينهن آهي منهنجي گهڙي مطابق ٺيڪ 20 ڪلاڪن کان پوءِ نئون سال شروع ٿي ويندو۔۔۔ ۽ اسان 2012 مان ٽپي 2013 ۾ داخل ٿينداسين ۔۔۔۔
پر سوال اهو آهي ته اسان بحثيتِ قوم 2012 ۾ ڇا حاصل ڪيو۔۔۔؟۔۔۔
قومن کي سٺي قوم بڻجڻ لاءِ انصاف جو هڪ آزاد نظام کپي ۔۔۔ ڇا اسان 2012 ۾ اهڙو نظامِ عدل قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسين۔۔۔
قومن کي ترقي ڪرڻ لاءِ جهموريت کپي ڇا اسان 2012 ۾ ملڪ ۾ خالص جهموريت قائم ڪري سگهيا آهيون ۔۔۔
ملڪ کي ترقي لاءِ ميرٽ هجڻ گهرجي۔۔۔ ڇا اسان 2012 ۾ ملڪ ۾ ميرٽ قائم ڪري سگهيا آهيون۔۔۔
قومن کي پسماندگي مان نڪرڻ لاءِ سيلف ريسپڪٽ، معيشيت، علم، برابري ۽ اعتماد کپي ۔۔۔ ڇا اسان 2012 ۾ اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪري ورتو۔۔
قومن کي زندگي گذارڻ لاءِ زندگي جون ضرورتون کپنديون آهن ۔۔ ڇا اسان 2012 ۾ عوام لاءِ علم، مانيءَ ڳڀو، صحت، اجهو ۽ لٽي جو بندوبست ڪري ورتو۔۔۔

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Dec 26, 2012

هڪ تصوير جيڪا گهڻو ڪجهه ٻڌائي ٿي...



تاريخ جي بدترين دور مان هن وقت هي قوم گذري رهي آهي۔۔ ڪرپٽ حڪمران، هٿ سان پيدا ڪيل توانائي جو بحران، غربت، مفلسي، ملڪ ۾ جهنگ جو قانون، هر شخص هي سوچڻ تي مجبور آهي ته ”سڀاڻي الائي ڇا ٿيندو“
دنيا جو هي واحد ملڪ آهي جتي امير کي غريب پالي رهيو آهي۔۔۔ غريب ٽيڪس ڏيندو آهي ۽ اهي سياستدان ۽ انهن جو خاندان انهن ٽيڪس جي پيسن منجهان جائدادون بڻائيندا آهن۔۔ انهن جا ٻار پلبا آهن يا وري هي پاڻ عياشيون ڪندا آهن۔۔۔ ان باوجود هتان جي عوام جو خون سستو هوندو آهي۔۔۔
هتان جو عوام فرعون جي دور ۾ پهچي چڪو آهي۔۔ فرعون به پنهنجي غلامن کان ان طرح ڪم وٺندو هو۔۔ اهي ڪم ڪندا هئا۔۔۔ ۽ فرعون پنهنجي وزيرن ۽ مشيرن سان عياشيون ڪندو هو۔۔۔ ان دور جي فرعون لاءِ رب پاڪ حضرت موسى عليه اسلام کي نبي ڪري موڪليو۔۔۔ پر هاڻي ته ڪو نبي به اچڻو ناهي۔۔۔
ڇا ٿيندو هتان جي عوام جو۔۔۔ آخر ڪڏهن ايندو مسيحا ۔۔۔ ؟

مٿين تصوير ڏسي ۽ بيان پڙهي توهان جي ذهن ۾ اسان جي غيور حڪمرانن لاءِ ڪو اخلاقي تبصرو اچي ٿو توهان جي ذهن ۾ ته پيش ڪريو۔۔۔
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Nov 26, 2012

سلطان صلاح الدين ايوبي جي ياد

سلطان صلاح الدين ايوبي جي مزار (شام)
ان مجاهدِ اعظم جي قبر جنهن کي اڄ به فلسطيني پڪاري رهيا آهن..

هڪ اندازي موجب غزه تي گذريل ڏينهن ۾ 1643 ميزائيل اڇلايا ويا..
جنهن مان 364 زمين تان زمين تي مار ڪندڙ...
1114 ايئر ڪرافٽ ذريعي ... ۽ 165 ٽينڪن وسيلي ...
نتيجي ۾ 822 گهرن کي ٽارگيٽ ڪيو ويو جنهن مان ..
76 مڪمل طور تباهه...
187 بري طور تباهه..
۽ 559 جزوي طور تباهه..ٿيا...
جڏهن ته سڀ کان قيمتي جاني نقصان عليحده...

ڇا توهان کي غزه جي هن وڊيو جي خبر آهي ته جيڪا بار بار يوٽيوب ۽ فيس بوڪ تان هٽائي ويندي آهي .. پر وري ڪونه ڪو وري ان کي اپلوڊ ڪري ڇڏيندو آهي..
جي اڳ نه ڏٺي اٿوَ ته حاضر دنيا جي المناڪ وڊيو جنهن کي ڏسي اکين جا ڳوڙها روڪڻ ڏاڍو ڏکيو لڳندو آهي..



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Nov 24, 2012

ڇا اجمل قصاب ... امر سنگهه هو..؟

ڪجهه ڏينهن اڳ انڊين سپريم ڪورٽ جي حڪم تي بمبئي حملن ۾ ملوث اجمل قصاب کي ڦاهي ڏني وئي۔۔ ڦاهي ڏيڻ جي عمل کي راز ۾ رکيو ويو۔۔۔ جنهن ڪري انڊين ميڊيا سميت مختلف سوشل نيٽورڪس تي اهڙيون اهڙيون خبرون اچڻ لڳيون آهن۔۔ جن تي ڪڏهن کل ته ڪڏهن حيرت وٺيو وڃي۔۔۔
خبرون آهن ته اجمل قصاب کي گذريل سال کان ڊينگي بخار هيو ۽ ڦاهي جي سزا کي ان ڪري پوئتي رکيو ٿي ويو ته اجمل قصاب جي صحتيابي بعد کيس ڦاهي ڏني وڃي۔۔۔ ڇو ته قانون به اهيو پيو ٻڌائي۔۔ پر ڪجهه اطلاع آهن ته اجمل قصاب ان بيماري مان بچي نه سگهيو ۽ کيس ڦاهي ڏيڻ جو ڊرامو ڪري انڊين قوم کي خوش ڪرڻ سان گڏو گڏ ڪانگريس پارٽي پنهنجي ساک کي بچائڻ جو فيصلو ڪيو۔۔۔

ڳالهيون کڻي اهي به هجن پر پاڪستاني ٿنڪ ٽينڪ سمجهيو ويندڙ زيد حامد وري ڳالهه ئي مختلف پيو ڪري۔۔۔ هوئن ته سندس شخصيت تي کوڙ ساريون آڱريون به کنيل آهن پر سندس پروگرام ڏسندي اڪثر اختلاف رکندڙ ماڻهون به لاجواب ٿيو وڃن۔۔۔
هتي دوستن جي معلومات خاطر سندس هڪ اردو پروگرام جي مختصر وڊيو ڏيکارجي ٿي ۔۔ جنهن ۾ موصوف ثابت ڪري رهيو آهي ته اجمل قصاب نه رڳو پاڪستاني ناهي پر مسلمان به نه آهي۔۔ ۽ اهو انڊن انٽيليجنس را جو خفيه ايجنٽ آهي۔۔۔ توهان به ڏسو ۽ پنهنجا خيال ڏسيو ته ڇا توهان ساڻس متفق آهيو۔۔۔


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

غزا فلسطين جي حالاتِ زار ۽ اسان مسلمان...


لندن شهر جو منظر
خبرون اهي آهن ته آخر هڪ هفتي جي ظالمانه ڪارواين جن ۾ 150 معصوم ۽ بيگناهه فلسطيني مسلمان مارائڻ کان پوءِ آمريڪا، اسرائيل کي جنگ بندي تي قائل ڪري ورتو۔۔۔
غزا ۾ انسانيت سوز ظلمن باقي مسلمانن کي جنجهوڙيو هجي يا نه پر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اسرائيل طرفان اهڙي ڪڌي عمل کي ننديون ويو۔۔۔ رڳو لنڊن شهر ۾ هزارين ماڻهن جو پلي ڪارڊس روڊن تي نڪري اچڻ ٻڌائي ٿو ته دنيا ۾ حق جا ساٿاري اڃان مئا ڪونهن۔۔




خبر ته اها به آهي ته برازيل جي مشهور فوٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو 15 لک ڊالرز جي ماليت رکندڙ پنهنجي سون جو تيار ڪيل بوٽ غزه جي ٻارن جي نالي ڪري ڇڏيو۔۔۔




انهن خبرن جتي گهڻن ماڻهن کي متاثر ڪيو هوندو۔۔۔ اتي مون کي به سوچڻ تي مجبور ڪيو۔۔ ته اسان کي پنهنجي مسلمان هجڻ تي فخر آهي پر ڏٺو وڃي ته هڪ عيسائي رانديگر ان باوجود اسان کي شڪست ڏئي ويو۔۔ جو هو عيسائي ۽ اڪيلو ٿي ڪري به اهو ڪجهه ڪري ويو جيڪو اسان مسلمانن کان ٿي نه سگهيو۔۔ هن پنهنجي عزيز شيء کي انهن بيوس ۽ تڙپندڙ سسڪندڙ معصوم ٻارن جي نالي ڪري ڇڏي۔۔ پر اسان ته پنهنجي نام نهاد ميڊيا کي ٽي وي جي سامهون ڏسندا رهياسين جتي سياسي ملهه جا مقابلا ۽ بال ٺاڪري جي موت جو سوڳ ۽ آخري رسمون براهِ راست ڏيکاريون ٿي ويون۔۔۔ ۽ اسان کان ڪجهه نه ٿي سگهيو۔۔

اسان کي سوچڻ گهرجي ته اها اسان جي ڪمزور ايمان جي نشاني آهي يا ڪمزور جذبن جي ۔۔۔ اسان اسلام جي عظيم هجڻ جون وڏي آواز سان ڳالهيون ته ڪندا آهيون پر عملي طور اسان بلڪل به پوئتي آهيون۔۔







مڪمل تحرير ۽ تبصره>>