Feb 16, 2013

ڇا توهان ڪاوڙ تي قابو رکو ٿا۔۔۔؟

[IMG]

هڪ دفعي هڪ استاد پنهنجي شاگرد سان گڏ پيادل ڪنهن سفر تي نڪتو۔۔ رستي ۾ کين هڪ ننڍي تلاءَ ڀرسان گذرڻ ٿيو۔۔۔ استاد پيدل هلڻ ڪري ٿڪجي پيو ۽ کيس اُڃ پڻ ستايو هيو ان ڪري ڀرسان ئي موجود هڪ ڇانودار وڻ هيٺان ويهي رهيو۔۔۔

شاگرد استاد جي پوئواري ڪندي پڻ وڻ جي هيٺان پڙاء ڪيو۔۔۔ استاد شاگرد کي ڀرسان موجود ان تلاء ڏانهن اشارو ڪندي پاڻي ڀري اچڻ جو چيو۔۔۔

شاگرد جڏهن تلاء ڀرسان پهتو ته هن ڏٺو ته تلاء مان هڪ مينهن جو واڙو گذري رهيو آهي۔۔۔ ۽ ان جي گذرڻ سان تلاء جو پاڻي مٽي سان ملي گدلو ٿي چڪو آهي۔۔۔ هن سوچيو ته اهڙو گندو پاڻي پنهنجي استاد لاءِ ڪيئن کڻي وڃان۔۔۔ سو هُو هٿين خالي واپس موٽيو ۽ استاد کي چيائين ۔۔”استادِ محترم تلاء جو پاڻي مينهن جي گذرڻ ڪري مٽيءَ سان ملي گندو ٿي چڪو آهي۔۔ جيڪو پيئڻ جي قابل نه آهي۔۔“

اڌ ڪلاڪ کان پوءِ استاد شاگرد کي هڪ دفعو ٻيهر تلاء مان پاڻي ڀري اچڻ جو چيو۔۔ شاگرد انتهائي فرمانبرداري سان اٿيو ۽ تلاء ڏانهن روانو ٿيو۔۔

هن دفعي وري هن محسوس ڪيو ته تلاء جو پاڻي مٽي سان آلوده آهي ۽ پيئڻ جي قابل نه آهي۔۔ هُو هڪ دفعو ٻيهر هٿين خالي واپس وريو ۽ استاد سان ساڳي ڳالهه ڪئي۔۔

ڪجهه وقت کان پوءِ استاد هڪ دفعو وري شاگرد کي تلاء مان پاڻي کڻي اچڻ لاءِ چيو۔۔۔شاگرد استاد جي چوڻ تي فرمانبرداري سان اٿيو ۽ تلاء ڏانهن روانو ٿيو۔۔ هن دفعي شاگرد کي تلاءِ صاف ۽ ان ۾ موجود پاڻي مٽي کان پاڪ نظر آيو۔۔ مٽي پاڻي جي تري ۾ ويهي چڪي هئي ۽ پاڻي پيئڻ جي قابل هيو۔۔ هن هڪ ٿانوء ۾ استاد جي لاءِ پاڻي ڀريو ۽ واپس روانو ٿيو۔۔

استاد پاڻي کي ڏسي پنهنجي شاگرد کي چيو۔۔۔ ”ڏٺئي۔۔۔ تو پاڻي کي صاف ڪرڻ لاءِ ڇا ڪيو۔۔۔؟“

”بس انتظار۔۔۔ !۔۔ ايسيتائين جو مٽي پاڻمرادو پاڻي جي تهه ۾ ويهي وئي۔۔ ۽ تو صاف پاڻي حاصل ڪري ورتو۔۔۔ تنهنجو دماغ به ائين آهي۔۔۔ جڏهن سمجهين ته تون پريشان آهين ۔۔ ته ان کي به ڇڏي ڏي۔۔۔ ايسيتائين جو هوُ پاڻمرادو پريشاني کان آجو ٿي وڃي۔۔۔“

سبق: جڏهن توهان ڪاوڙ ۾ هجو۔۔ ته پاڻ کي ٿڌو ٿيڻ لاءِ وقت ڏيو۔۔۔ جنهن کان پوءِ توهان درست فيصلو ڪري سگهندو۔۔۔

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Feb 7, 2013

بهترين سبق

imagesڪلاس روم ۾ خاموشي ڇانيل هئي ۔۔ شاگردن جي نظر ڪڏهن استاد ڏانهن ته ڪڏهن بورڊ ڏانهن ٿي وئي۔۔ استاد جي سوال جو جواب ڪنهن وٽ به نه هو۔۔ سوال هيو ئي اهڙو۔۔۔ بس استاد ڪلاس ۾ داخل ٿيو ۽ ڪجهه ڳالهائڻ بنا بورڊ تي چاڪ سان هڪ مٿان کان هيٺ ليڪ ڪڍي ورتي۔۔ ۽ پوءِ شاگرد ڏانهن مهڙ ڪري پڇيائين۔۔۔ ”توهان مان ڪير آ جيڪو هن ليڪي کي ڇهڻ بنا ننڍو ڪري ڏيکاري۔۔۔۔؟“
”اهو ناممڪن آهي۔۔۔“ آخر ڪار ڪلاس جي سڀ کان قابل ۽ مانيٽر شاگر طفيل اٿي بيهي چيو۔۔۔ ”ليڪي کي ننڍو ڪرڻ لاءِ ان کي مٽائڻو پوندو۔۔۔ جڏهن ته توهان ان ليڪي کي ڇهڻ کان به روڪيو ٿا۔۔۔“
طفيل جي جواب جي سڀني شاگردن تائيد ڪئي۔۔۔ استاد هڪ گهري نظر ڪلاس تي وڌي ۽ ڪجهه چوڻ کانسواءِ ئي بورڊ تي موجود ليڪي ڀرسان هڪ ٻيو ليڪو ڪڍيو۔۔ پر هي ليڪو پهرين ليڪي کان وڏو هو۔۔۔ ۽ سڀني شاگردن ڏسي ورتو ته ڪهڙي طرح استاد پهرين ليڪي کي ڇهڻ بنا ننڍو ثابت ڪري ورتو۔۔۔
ٻين کي نقصان ڏيڻ بنا۔۔۔ انهن کي بدنام ڪرڻ بنا۔۔۔ انهن سان حسد ڪرڻ بنا۔۔۔ انهن سان الجهڻ بنا۔۔۔ انهن کان اڳتي نڪرڻ جو هنر چند سيڪنڊن ۾ سکي شاگردن بهترين سبق حاصل ڪري ورتو۔۔۔
انسان کي رب پاڪ جن فطرتن سان پيدا ڪيو آهي۔۔ انهن مان هڪ ٻين کان اڳتي نڪرڻ به آهي۔۔ ۽ ائين ڪرڻ جو هڪ طريقو اهو آهي ته ۔۔ ٻين کي ننڍو ڪجي ۔۔۔ پر ائين ڪرڻ سان انسان پاڻ وڏو نه ٿو ٿي وڃي۔۔۔
ٻيو طريقو اهو آهي ته ٻين سان الجهڻ بنا پاڻ کي مضبوط، طاقتور ۽ وڏو بنائڻ تي توجه ڏجي۔۔۔ اهڙي صورت ۾ ٻيا توهان کان ننڍا ٿي ويندا۔۔ پر اصل ڳالهه اها آهي ته اهڙي عمل ۾ انسان پاڻ وڏو ٿي ويندو آهي۔۔ ٻين سان الجهڻ بنا اڳتي وڌڻ دنيا ۾ ترقي جو اصل طريقو آهي۔۔ ۽ اهو ئي طريقو هر ماڻهون يا قوم لاءِ اصل طريقو آهي۔۔۔
شال جتي به رهو ٻين لاءِ آزار نه پر باعثِ رحمت بڻجي رهو۔۔

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Feb 2, 2013

ويراني جو سبب

[IMG]چوندا آهن ته هڪ طوطَي ۽ طوطِي جو گذر هڪ ويران ڳوٺ مان ٿيو۔۔ ويراڻو ڏسي طوطِي نر طوطي کي چيو ”ڪيڏو نه ويرانو آ هن ڳوٺ ۾۔۔۔“

نر طوطي جواب ڏنو۔۔۔ ”لڳي ٿو هتان ڪنهن چٻري جو گذرڻ ٿيو هوندو۔۔۔“

انهي وقت هڪ چٻري جو اتان گذرڻ ٿيو۔۔ هن نر طوطي جي ڳالهه ٻڌي ته بيهندي ٻنهي کي چيائين ۔۔”توهان هن ڳوٺ ۾ مسافر ٿا لڳو۔۔۔ اڄ رات منهنجا مهمان ٿيو ۽ مون سان گڏ رات جي ماني کائو۔۔۔“

چٻري جي محبت سان ڀريل دعوت کان طوطن جو جوڙو انڪار نه ڪري سگهيو ۽ دعوت قبول ڪري ورتي ۔۔

ماني کائي جڏهن انهن اجازت گهري ته چٻري طوطِي جو هٿ پڪڙيندي چيو ”تون ڪاڏي ٿي وڃي۔۔۔“

طوطِي وراڻيو ۔۔۔ ”اها به ڀلا ڪا ڳالهه آ۔۔۔ مان پنهنجي مڙس سان پئي وڃان۔۔“

چٻري کلندي چيو۔۔۔ ”ائين وري ڪيئن ۔۔۔ تون ته منهنجي زال آهين۔۔۔“

اهو ٻڌي نر طوطو اڳتي وڌيو۔۔۔ ۽ ڳالهه گرما گرمي کان به چڙهندي وئي۔۔ آخر جڏهن بحٿ وڌيو ته چٻري هڪ تجويز ڏني ته ۔۔۔ ”ڇو نه عدالت هلي قاضي کان فيصلو ڪرائجي۔۔۔؟“

طوطو راضي ٿي ويو۔۔۔ عدالت پهچي جڏهن مسئلو پيش ڪيو ويو ته قاضي دليلن کي سامهون رکندي چٻري جي حق ۾ فيصلو ڏنو۔۔۔

طوطو ان نا انصافي تي ڪافي رنو، رڙيون ڪندو رهيو پر سندس ڪنهن نه ٻڌي۔۔۔ آخر هُو ڳوٺ مان نڪرڻ لڳو ته چٻري کيس چيو ته ۔۔۔”ادا اڪيلو ڪاڏي پيو وڃي۔۔۔ پنهنجي زال ته وٺيون وڃ۔۔۔ “

طوطي حيران ٿيندي جواب ڏنو۔۔ ”پر اها هاڻي منهنجي زال ڪاٿي۔۔۔ عدالت ته تنهنجي حق ۾ فيصلو ڏنو آهي۔۔ “

چٻري نرمي سان وراڻيو۔۔ ”نه دوست۔۔۔! هي منهنجي نه پر تنهنجي ئي زال آهي۔۔ بس مان توکي اهو ٻڌائڻ ٿي گهريو ۔۔۔ ڳوٺ ويران چٻرن جي ڪري نه ٿيندا آهن پر اهي تڏهن ويران ٿيندا آهن جڏهن ملڪ مان انصاف اٿي وڃي۔۔“

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>