Feb 7, 2013

بهترين سبق

imagesڪلاس روم ۾ خاموشي ڇانيل هئي ۔۔ شاگردن جي نظر ڪڏهن استاد ڏانهن ته ڪڏهن بورڊ ڏانهن ٿي وئي۔۔ استاد جي سوال جو جواب ڪنهن وٽ به نه هو۔۔ سوال هيو ئي اهڙو۔۔۔ بس استاد ڪلاس ۾ داخل ٿيو ۽ ڪجهه ڳالهائڻ بنا بورڊ تي چاڪ سان هڪ مٿان کان هيٺ ليڪ ڪڍي ورتي۔۔ ۽ پوءِ شاگرد ڏانهن مهڙ ڪري پڇيائين۔۔۔ ”توهان مان ڪير آ جيڪو هن ليڪي کي ڇهڻ بنا ننڍو ڪري ڏيکاري۔۔۔۔؟“
”اهو ناممڪن آهي۔۔۔“ آخر ڪار ڪلاس جي سڀ کان قابل ۽ مانيٽر شاگر طفيل اٿي بيهي چيو۔۔۔ ”ليڪي کي ننڍو ڪرڻ لاءِ ان کي مٽائڻو پوندو۔۔۔ جڏهن ته توهان ان ليڪي کي ڇهڻ کان به روڪيو ٿا۔۔۔“
طفيل جي جواب جي سڀني شاگردن تائيد ڪئي۔۔۔ استاد هڪ گهري نظر ڪلاس تي وڌي ۽ ڪجهه چوڻ کانسواءِ ئي بورڊ تي موجود ليڪي ڀرسان هڪ ٻيو ليڪو ڪڍيو۔۔ پر هي ليڪو پهرين ليڪي کان وڏو هو۔۔۔ ۽ سڀني شاگردن ڏسي ورتو ته ڪهڙي طرح استاد پهرين ليڪي کي ڇهڻ بنا ننڍو ثابت ڪري ورتو۔۔۔
ٻين کي نقصان ڏيڻ بنا۔۔۔ انهن کي بدنام ڪرڻ بنا۔۔۔ انهن سان حسد ڪرڻ بنا۔۔۔ انهن سان الجهڻ بنا۔۔۔ انهن کان اڳتي نڪرڻ جو هنر چند سيڪنڊن ۾ سکي شاگردن بهترين سبق حاصل ڪري ورتو۔۔۔
انسان کي رب پاڪ جن فطرتن سان پيدا ڪيو آهي۔۔ انهن مان هڪ ٻين کان اڳتي نڪرڻ به آهي۔۔ ۽ ائين ڪرڻ جو هڪ طريقو اهو آهي ته ۔۔ ٻين کي ننڍو ڪجي ۔۔۔ پر ائين ڪرڻ سان انسان پاڻ وڏو نه ٿو ٿي وڃي۔۔۔
ٻيو طريقو اهو آهي ته ٻين سان الجهڻ بنا پاڻ کي مضبوط، طاقتور ۽ وڏو بنائڻ تي توجه ڏجي۔۔۔ اهڙي صورت ۾ ٻيا توهان کان ننڍا ٿي ويندا۔۔ پر اصل ڳالهه اها آهي ته اهڙي عمل ۾ انسان پاڻ وڏو ٿي ويندو آهي۔۔ ٻين سان الجهڻ بنا اڳتي وڌڻ دنيا ۾ ترقي جو اصل طريقو آهي۔۔ ۽ اهو ئي طريقو هر ماڻهون يا قوم لاءِ اصل طريقو آهي۔۔۔
شال جتي به رهو ٻين لاءِ آزار نه پر باعثِ رحمت بڻجي رهو۔۔

1 تبصره :

Jamil Ahmed لکيو آهي

Jamil Ahmed Nizamani · Works at Education Department, Govt. of Sindh
مون کي چٽيءِ طرح ياد آهي ته جڏهن آئون پرائمري ۾ پڙهندو هئس ته اسان جي هڪ استاد صاحب اهو ئي سوال اسان کان پڇيو هو،جنهنجو جواب استاد صاحب اهو ئي ٻڌايو هو.پر ان مثال ڏيڻ کانپوءِ توهان شاندار نموني سان ان کي زندگھيءَ سان لاڳاپيل ڪري ان مان اسان جي عام زندگيءَ جي لاءِ هڪ بهترين سبق ڪري پيش ڪيو آهي،جنهن جي تعريف ڪرڻ کانسوءِ رهي نه ٿو سگھجي

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔

تبصرو لکو يا پيسٽ ڪريو ۽ پبلش ڪريو