Feb 16, 2013

ڇا توهان ڪاوڙ تي قابو رکو ٿا۔۔۔؟

[IMG]

هڪ دفعي هڪ استاد پنهنجي شاگرد سان گڏ پيادل ڪنهن سفر تي نڪتو۔۔ رستي ۾ کين هڪ ننڍي تلاءَ ڀرسان گذرڻ ٿيو۔۔۔ استاد پيدل هلڻ ڪري ٿڪجي پيو ۽ کيس اُڃ پڻ ستايو هيو ان ڪري ڀرسان ئي موجود هڪ ڇانودار وڻ هيٺان ويهي رهيو۔۔۔

شاگرد استاد جي پوئواري ڪندي پڻ وڻ جي هيٺان پڙاء ڪيو۔۔۔ استاد شاگرد کي ڀرسان موجود ان تلاء ڏانهن اشارو ڪندي پاڻي ڀري اچڻ جو چيو۔۔۔

شاگرد جڏهن تلاء ڀرسان پهتو ته هن ڏٺو ته تلاء مان هڪ مينهن جو واڙو گذري رهيو آهي۔۔۔ ۽ ان جي گذرڻ سان تلاء جو پاڻي مٽي سان ملي گدلو ٿي چڪو آهي۔۔۔ هن سوچيو ته اهڙو گندو پاڻي پنهنجي استاد لاءِ ڪيئن کڻي وڃان۔۔۔ سو هُو هٿين خالي واپس موٽيو ۽ استاد کي چيائين ۔۔”استادِ محترم تلاء جو پاڻي مينهن جي گذرڻ ڪري مٽيءَ سان ملي گندو ٿي چڪو آهي۔۔ جيڪو پيئڻ جي قابل نه آهي۔۔“

اڌ ڪلاڪ کان پوءِ استاد شاگرد کي هڪ دفعو ٻيهر تلاء مان پاڻي ڀري اچڻ جو چيو۔۔ شاگرد انتهائي فرمانبرداري سان اٿيو ۽ تلاء ڏانهن روانو ٿيو۔۔

هن دفعي وري هن محسوس ڪيو ته تلاء جو پاڻي مٽي سان آلوده آهي ۽ پيئڻ جي قابل نه آهي۔۔ هُو هڪ دفعو ٻيهر هٿين خالي واپس وريو ۽ استاد سان ساڳي ڳالهه ڪئي۔۔

ڪجهه وقت کان پوءِ استاد هڪ دفعو وري شاگرد کي تلاء مان پاڻي کڻي اچڻ لاءِ چيو۔۔۔شاگرد استاد جي چوڻ تي فرمانبرداري سان اٿيو ۽ تلاء ڏانهن روانو ٿيو۔۔ هن دفعي شاگرد کي تلاءِ صاف ۽ ان ۾ موجود پاڻي مٽي کان پاڪ نظر آيو۔۔ مٽي پاڻي جي تري ۾ ويهي چڪي هئي ۽ پاڻي پيئڻ جي قابل هيو۔۔ هن هڪ ٿانوء ۾ استاد جي لاءِ پاڻي ڀريو ۽ واپس روانو ٿيو۔۔

استاد پاڻي کي ڏسي پنهنجي شاگرد کي چيو۔۔۔ ”ڏٺئي۔۔۔ تو پاڻي کي صاف ڪرڻ لاءِ ڇا ڪيو۔۔۔؟“

”بس انتظار۔۔۔ !۔۔ ايسيتائين جو مٽي پاڻمرادو پاڻي جي تهه ۾ ويهي وئي۔۔ ۽ تو صاف پاڻي حاصل ڪري ورتو۔۔۔ تنهنجو دماغ به ائين آهي۔۔۔ جڏهن سمجهين ته تون پريشان آهين ۔۔ ته ان کي به ڇڏي ڏي۔۔۔ ايسيتائين جو هوُ پاڻمرادو پريشاني کان آجو ٿي وڃي۔۔۔“

سبق: جڏهن توهان ڪاوڙ ۾ هجو۔۔ ته پاڻ کي ٿڌو ٿيڻ لاءِ وقت ڏيو۔۔۔ جنهن کان پوءِ توهان درست فيصلو ڪري سگهندو۔۔۔

0 تبصره :

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔

تبصرو لکو يا پيسٽ ڪريو ۽ پبلش ڪريو