Mar 21, 2013
بک تهذيب جا اصول وساري ٿي ڇڏي...
Feb 16, 2013
ڇا توهان ڪاوڙ تي قابو رکو ٿا۔۔۔؟
هڪ دفعي هڪ استاد پنهنجي شاگرد سان گڏ پيادل ڪنهن سفر تي نڪتو۔۔ رستي ۾ کين هڪ ننڍي تلاءَ ڀرسان گذرڻ ٿيو۔۔۔ استاد پيدل هلڻ ڪري ٿڪجي پيو ۽ کيس اُڃ پڻ ستايو هيو ان ڪري ڀرسان ئي موجود هڪ ڇانودار وڻ هيٺان ويهي رهيو۔۔۔
شاگرد استاد جي پوئواري ڪندي پڻ وڻ جي هيٺان پڙاء ڪيو۔۔۔ استاد شاگرد کي ڀرسان موجود ان تلاء ڏانهن اشارو ڪندي پاڻي ڀري اچڻ جو چيو۔۔۔
شاگرد جڏهن تلاء ڀرسان پهتو ته هن ڏٺو ته تلاء مان هڪ مينهن جو واڙو گذري رهيو آهي۔۔۔ ۽ ان جي گذرڻ سان تلاء جو پاڻي مٽي سان ملي گدلو ٿي چڪو آهي۔۔۔ هن سوچيو ته اهڙو گندو پاڻي پنهنجي استاد لاءِ ڪيئن کڻي وڃان۔۔۔ سو هُو هٿين خالي واپس موٽيو ۽ استاد کي چيائين ۔۔”استادِ محترم تلاء جو پاڻي مينهن جي گذرڻ ڪري مٽيءَ سان ملي گندو ٿي چڪو آهي۔۔ جيڪو پيئڻ جي قابل نه آهي۔۔“
اڌ ڪلاڪ کان پوءِ استاد شاگرد کي هڪ دفعو ٻيهر تلاء مان پاڻي ڀري اچڻ جو چيو۔۔ شاگرد انتهائي فرمانبرداري سان اٿيو ۽ تلاء ڏانهن روانو ٿيو۔۔
هن دفعي وري هن محسوس ڪيو ته تلاء جو پاڻي مٽي سان آلوده آهي ۽ پيئڻ جي قابل نه آهي۔۔ هُو هڪ دفعو ٻيهر هٿين خالي واپس وريو ۽ استاد سان ساڳي ڳالهه ڪئي۔۔
ڪجهه وقت کان پوءِ استاد هڪ دفعو وري شاگرد کي تلاء مان پاڻي کڻي اچڻ لاءِ چيو۔۔۔شاگرد استاد جي چوڻ تي فرمانبرداري سان اٿيو ۽ تلاء ڏانهن روانو ٿيو۔۔ هن دفعي شاگرد کي تلاءِ صاف ۽ ان ۾ موجود پاڻي مٽي کان پاڪ نظر آيو۔۔ مٽي پاڻي جي تري ۾ ويهي چڪي هئي ۽ پاڻي پيئڻ جي قابل هيو۔۔ هن هڪ ٿانوء ۾ استاد جي لاءِ پاڻي ڀريو ۽ واپس روانو ٿيو۔۔
استاد پاڻي کي ڏسي پنهنجي شاگرد کي چيو۔۔۔ ”ڏٺئي۔۔۔ تو پاڻي کي صاف ڪرڻ لاءِ ڇا ڪيو۔۔۔؟“
”بس انتظار۔۔۔ !۔۔ ايسيتائين جو مٽي پاڻمرادو پاڻي جي تهه ۾ ويهي وئي۔۔ ۽ تو صاف پاڻي حاصل ڪري ورتو۔۔۔ تنهنجو دماغ به ائين آهي۔۔۔ جڏهن سمجهين ته تون پريشان آهين ۔۔ ته ان کي به ڇڏي ڏي۔۔۔ ايسيتائين جو هوُ پاڻمرادو پريشاني کان آجو ٿي وڃي۔۔۔“
سبق: جڏهن توهان ڪاوڙ ۾ هجو۔۔ ته پاڻ کي ٿڌو ٿيڻ لاءِ وقت ڏيو۔۔۔ جنهن کان پوءِ توهان درست فيصلو ڪري سگهندو۔۔۔
Feb 7, 2013
بهترين سبق
ڪلاس روم ۾ خاموشي ڇانيل هئي ۔۔ شاگردن جي نظر ڪڏهن استاد ڏانهن ته ڪڏهن بورڊ ڏانهن ٿي وئي۔۔ استاد جي سوال جو جواب ڪنهن وٽ به نه هو۔۔ سوال هيو ئي اهڙو۔۔۔ بس استاد ڪلاس ۾ داخل ٿيو ۽ ڪجهه ڳالهائڻ بنا بورڊ تي چاڪ سان هڪ مٿان کان هيٺ ليڪ ڪڍي ورتي۔۔ ۽ پوءِ شاگرد ڏانهن مهڙ ڪري پڇيائين۔۔۔ ”توهان مان ڪير آ جيڪو هن ليڪي کي ڇهڻ بنا ننڍو ڪري ڏيکاري۔۔۔۔؟“
”اهو ناممڪن آهي۔۔۔“ آخر ڪار ڪلاس جي سڀ کان قابل ۽ مانيٽر شاگر طفيل اٿي بيهي چيو۔۔۔ ”ليڪي کي ننڍو ڪرڻ لاءِ ان کي مٽائڻو پوندو۔۔۔ جڏهن ته توهان ان ليڪي کي ڇهڻ کان به روڪيو ٿا۔۔۔“
طفيل جي جواب جي سڀني شاگردن تائيد ڪئي۔۔۔ استاد هڪ گهري نظر ڪلاس تي وڌي ۽ ڪجهه چوڻ کانسواءِ ئي بورڊ تي موجود ليڪي ڀرسان هڪ ٻيو ليڪو ڪڍيو۔۔ پر هي ليڪو پهرين ليڪي کان وڏو هو۔۔۔ ۽ سڀني شاگردن ڏسي ورتو ته ڪهڙي طرح استاد پهرين ليڪي کي ڇهڻ بنا ننڍو ثابت ڪري ورتو۔۔۔
ٻين کي نقصان ڏيڻ بنا۔۔۔ انهن کي بدنام ڪرڻ بنا۔۔۔ انهن سان حسد ڪرڻ بنا۔۔۔ انهن سان الجهڻ بنا۔۔۔ انهن کان اڳتي نڪرڻ جو هنر چند سيڪنڊن ۾ سکي شاگردن بهترين سبق حاصل ڪري ورتو۔۔۔
انسان کي رب پاڪ جن فطرتن سان پيدا ڪيو آهي۔۔ انهن مان هڪ ٻين کان اڳتي نڪرڻ به آهي۔۔ ۽ ائين ڪرڻ جو هڪ طريقو اهو آهي ته ۔۔ ٻين کي ننڍو ڪجي ۔۔۔ پر ائين ڪرڻ سان انسان پاڻ وڏو نه ٿو ٿي وڃي۔۔۔
ٻيو طريقو اهو آهي ته ٻين سان الجهڻ بنا پاڻ کي مضبوط، طاقتور ۽ وڏو بنائڻ تي توجه ڏجي۔۔۔ اهڙي صورت ۾ ٻيا توهان کان ننڍا ٿي ويندا۔۔ پر اصل ڳالهه اها آهي ته اهڙي عمل ۾ انسان پاڻ وڏو ٿي ويندو آهي۔۔ ٻين سان الجهڻ بنا اڳتي وڌڻ دنيا ۾ ترقي جو اصل طريقو آهي۔۔ ۽ اهو ئي طريقو هر ماڻهون يا قوم لاءِ اصل طريقو آهي۔۔۔
شال جتي به رهو ٻين لاءِ آزار نه پر باعثِ رحمت بڻجي رهو۔۔
Feb 2, 2013
ويراني جو سبب
چوندا آهن ته هڪ طوطَي ۽ طوطِي جو گذر هڪ ويران ڳوٺ مان ٿيو۔۔ ويراڻو ڏسي طوطِي نر طوطي کي چيو ”ڪيڏو نه ويرانو آ هن ڳوٺ ۾۔۔۔“
نر طوطي جواب ڏنو۔۔۔ ”لڳي ٿو هتان ڪنهن چٻري جو گذرڻ ٿيو هوندو۔۔۔“
انهي وقت هڪ چٻري جو اتان گذرڻ ٿيو۔۔ هن نر طوطي جي ڳالهه ٻڌي ته بيهندي ٻنهي کي چيائين ۔۔”توهان هن ڳوٺ ۾ مسافر ٿا لڳو۔۔۔ اڄ رات منهنجا مهمان ٿيو ۽ مون سان گڏ رات جي ماني کائو۔۔۔“
چٻري جي محبت سان ڀريل دعوت کان طوطن جو جوڙو انڪار نه ڪري سگهيو ۽ دعوت قبول ڪري ورتي ۔۔
ماني کائي جڏهن انهن اجازت گهري ته چٻري طوطِي جو هٿ پڪڙيندي چيو ”تون ڪاڏي ٿي وڃي۔۔۔“
طوطِي وراڻيو ۔۔۔ ”اها به ڀلا ڪا ڳالهه آ۔۔۔ مان پنهنجي مڙس سان پئي وڃان۔۔“
چٻري کلندي چيو۔۔۔ ”ائين وري ڪيئن ۔۔۔ تون ته منهنجي زال آهين۔۔۔“
اهو ٻڌي نر طوطو اڳتي وڌيو۔۔۔ ۽ ڳالهه گرما گرمي کان به چڙهندي وئي۔۔ آخر جڏهن بحٿ وڌيو ته چٻري هڪ تجويز ڏني ته ۔۔۔ ”ڇو نه عدالت هلي قاضي کان فيصلو ڪرائجي۔۔۔؟“
طوطو راضي ٿي ويو۔۔۔ عدالت پهچي جڏهن مسئلو پيش ڪيو ويو ته قاضي دليلن کي سامهون رکندي چٻري جي حق ۾ فيصلو ڏنو۔۔۔
طوطو ان نا انصافي تي ڪافي رنو، رڙيون ڪندو رهيو پر سندس ڪنهن نه ٻڌي۔۔۔ آخر هُو ڳوٺ مان نڪرڻ لڳو ته چٻري کيس چيو ته ۔۔۔”ادا اڪيلو ڪاڏي پيو وڃي۔۔۔ پنهنجي زال ته وٺيون وڃ۔۔۔ “
طوطي حيران ٿيندي جواب ڏنو۔۔ ”پر اها هاڻي منهنجي زال ڪاٿي۔۔۔ عدالت ته تنهنجي حق ۾ فيصلو ڏنو آهي۔۔ “
چٻري نرمي سان وراڻيو۔۔ ”نه دوست۔۔۔! هي منهنجي نه پر تنهنجي ئي زال آهي۔۔ بس مان توکي اهو ٻڌائڻ ٿي گهريو ۔۔۔ ڳوٺ ويران چٻرن جي ڪري نه ٿيندا آهن پر اهي تڏهن ويران ٿيندا آهن جڏهن ملڪ مان انصاف اٿي وڃي۔۔“
Jan 30, 2013
سڀ کان پهرين ذميداري۔۔۔۔۔۔۔۔
![[IMG]](http://files.myopera.com/Rtaluk/blog/sad-doctor.jpg)
هڪ ڊاڪٽر تڪڙو تڪڙو اسپتال داخل ٿيو ۽ ڪنهن سان ملڻ کان سواءِ ئي تڪڙو لباس تبديل ڪري آپريشن ٿيٽر ڏانهن روانو ٿيو۔۔۔ ڇو ته کيس فون ڪال ڪري ايمرجنسي ۾ گهرايو ويو هو۔۔۔
آپريشن ٿيٽر جي دروازي تي هڪ ضعيف ماڻهون ويٺو هو۔۔ جيڪو کيس ڏسندي ئي اٿي بيٺو ۔۔ ۽ کائنس ڪاوڙ ۾ پڇيائين۔۔۔ ”تو اچڻ ۾ ايترو وقت ڇو لاتو ۔۔ توکي خبر نه هئي ته منهنجي پٽ جي زندگي خطري ۾ آ۔۔ ۽ توکي پنهنجي ذميداري جو احساس آهي۔۔؟“
ڊاڪٽر مسڪرايو ۽ جواب ڏنائين۔۔ ”معاف ڪجو مان اسپتال ۾ نه هيس ۔۔ بس جيئن ئي مون کي ڪال ملي تيئن ئي تڪڙو پهتو آهيان۔۔ اميد ته توهان صبر ڪندو ۽ مون کي ڪم ڪرڻ ڏيندو۔۔“
همراه وڌيڪ ڪاوڙ ۾ چيو۔۔ ”صبر ڪريان۔۔ جيڪڏهن منهنجي پٽ جي جاءِ تي اندر تنهنجو پٽ هجي ها ته تون صبر ڪرين ها۔۔ ؟“
ڊاڪٽر مسڪرائيندي جواب ڏنو۔۔”پاڪ ڪلام فرمائي ٿو ۔۔۔ توهان کي مٽي مان پيدا ڪيو ويو آهي ۽ مٽي ۾ ئي دفن ڪيو ويندو۔۔ الله پاڪ مهربان آهي۔۔ زندگي موت ان جي هٿ ۾ آهي ۔۔۔ ڊاڪٽر ته صرف وسيلو آهي ۔۔ توهان رب پاڪ کان پنهنجي پٽ جي زندگي لاءِ دعا گهرو۔۔۔“
والد هڪ دفعو وري ڪاوڙ ۾ چيو۔۔۔۔ ”ٻين کي مشورو ۽ نصيحت ڏيڻ سولو ڪم آهي۔۔“
آپريشن ڪجهه ڪلاڪ هليو ۽ ڊاڪٽر آپريشن جي ڪاميابي سان ٻاهر آيو۔۔ ”خدا جو شڪر ادا ڪريو۔۔ توهان جو پٽ هاڻي بهتر آهي۔۔ “ ڊاڪٽر مريض جي والد جو جواب ٻڌڻ کانسواءِ ئي تڪڙو ٻاهر نڪتو ۽ ويندي ويندي ٻيهر چيائين۔۔۔”توهان کي ڪا پريشاني هجي ته نرس سان رابطو ڪجو۔۔“
ڀرسان ئي موجود نرس کان مريض جي والد پڇيو۔۔ ”ڊاڪٽر ايترو تڪڙو ڇو ويو هليو۔۔ مون کي پنهنجي پٽ بابت کائنس اڃان پڇڻو هيو۔۔۔“
نرس ڀريل اکين سان جواب ڏنو۔۔”ڊاڪٽر جو پٽ ڪالهه روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ وفات ڪري ويو هو۔۔ ۽ سندس جنازي نماز ٿيڻ کان اڳ ئي کيس فون ڪري هن آپريشن لاءِ گهرايو ويو هو۔۔ هاڻي جڏهن توهان جو پٽ جو آپريشن ڪري چڪو ته هن کي پنهنجي پٽ جي جنازي ۾ شرڪت ڪرڻي هئي۔۔۔“
سبق: ڪنهن به قصوروار نه سمجهو۔۔ ڇو ته توهان کي ناهي خبر ته انهن جو ڪهڙو حال آهي۔۔
انسانيت..

زندگي خدا جي ڏِنل هِڪ اهِڙي خوبصورت سُوکڙي آهي جِنهن جو ڪوبه انسان تصور ئي نه ٿو ڪري سگهي۔اِن جي قدر ڪرڻ ۽اُن جي اهميت سمجهڻ گهُرجي۔انسان ايترو ته مادا پرست ٿي ويو آهي جو انسان کي انسان جو احساس ئي نه رهيو آهي۔اڄ ڪلهه جي دور ۾ ڳاڙهو رنگ اسان جي زندگين ۾ ايتري قدر ته شامِل ٿي ويو آهي جو اُهو ڪو ڏينهن ناهي جو اسان جي نظرن اڳيان ڳاڙهو رنگ نه گذرو هُجي۔هر طرف رت ئي رت ،قتلِ عام،معصوم بيگُناهه ماڻهو جي موت ۔اسان انسانيت کي پنهنجي وجود مان ڪڍي ڦِٽو ڪري ڇڏيو آهي۔انسان مان جڏهن انسانيت کي ڌار ڪري ڇڏجي ته باقي انسان ۾ ڇا بچيو؟ڪجه به نه۔خالي ۽ کوکلو وجود۔۽ بي جان جسم۔ڇا اسان اِهو سڀ روڪي نٿا سگهون؟جواب آهي ها روڪي سگهون ٿا۔پنهنجن روين، سٺن عملن،۽ سُٺي ڪردار سان۔رب پاڪ اسان کي اشرف المخلوقات ڪري هِن جهان ۾موڪليو۔۽ اسان خدا ٿيڻ جي ڪوششن ۾ لڳي وياسين۔پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائڻ بجاءِ ٻين جي زندگين ۾لئيا پائڻ شروع ڪياسين۔اچو ته گڏجيانسانيت کي بچايون۔۽جيترو ٿي سگهي محبتون ورهايون هِڪٻئي جي ڪم اچون۔جي اگر واٽ ويندي ٻن ماڻهن ۾ جهيڙو ڏِسون ته بجاءِ اِن جي ته اِهو چئي اُتان گذري وڃون ته اِنهن جو پنهنجو مسئلو آهي،اُنهن جو مسئلو حل ڪيون۔ٿي سگهي ٿو ته الله پاڪ جي ذات کي توهان جو اِهو عمل پسند اچي ۽توهان جا ڪيل ڄاڻي واڻي يا اڻڄاڻائي ۾ ڪيل گُناه ۽ خطائون بخشي ڇڏي۔اچو ته پنهنجي پاڻ سان اِهو عهد ڪيون ته اسن سڀ هِڪ آهيون اسان سڀني جي وجود ۾ رب جي هٿن جو لمس آهي چاهي اُهي هندو هُجن،عيسائي هُجن يا مُسلمان هُجن ۔ پراسان سڀ الله جي مخلوق آهيون اچو ته پنهنجن سُتل احساسن کي جاڳايون ۽ پنهنجن سُٺن عملن سان پنهنجا پنهنجاگُناه ۽ غلطيون بخشرايون۔
Jan 29, 2013
روح کي ڇهندڙ پيغام ... جي سمجهي سگهو ...
ٽائيم هجي ته هي 7 منٽن واري وڊيو ڏسو...
فلم ڏسندي هڪ لمحي لاءِ فرض ڪريو ته هن وڊيو جا سمورا ڪردار هتان جا آهن.. اهڙن ڪردارن کي غور سان ڏسو ... يقينن توهان کي هڪ زبردست ميسيج ملندو... جيڪو سڌو توهان جي روح کي وڃي ڇهندو ...
پوء ڇا ٿوري دير لاءِ وقت ڪڍندو...؟
Jan 28, 2013
نياڻيون الله جي رحمت آهن..
نياڻيون سڀني جي مقدر ۾ ڪاٿي هونديون آهن۔۔۔ گهر جيڪو خدا کي پسند هجي ته هونديون آهن۔۔۔
پنهنجي ڌيئرن ۽ ڀينرن سان شفقت سان پيش اچو ۔۔۔ ڇو ته اهي الله جي رحمت هونديون آهن۔۔۔ انهن کي ڪڏهن به بار نه سمجهو۔۔۔ انهن کي الله جي امانت سمجهي شفقت ۽ محبت سان پاليو۔۔۔ ۽ انهن جي سٺي دنيوي ۽ ديني تربيت ڪريو۔۔ اهي توهان جي گهر جون مهمان آهن۔۔۔ امانت آهن ۔۔۔ آخر انهن کي پنهنجي گهر وڃڻو آهي۔۔ جتي خبر ناهي ته سندن زندگي ڪيتري خوش گوار گذري۔۔۔
حوالو: ابنِ ماجه : جلد ٽيون: حديث نمبر 550
Jan 26, 2013
ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه...
چوندا آهن ته هڪ دفعي هڪ سردار ڪنهن رستي تان گذرندي ڪيلي جي کل تي پير رکي ويٺو .. ۽ مٿي ڀر اچي پٽ سان لڳو... ڌڪ ته لڳس پر مٿو کنيندو هليو ويو... اتفاق سان ڪجهه ڏينهن کان پوء وري ساڳي رستي تان سندس گذرڻ ٿيو ... هڪ دفعو وري اتي ڪيلي جي کل پئي هئي.. پر سردار ڏسي ورتي... ۽ بيهي رهيو.. ڪجهه سوچي مٿو کنهيائين... ۽ چيائين... ”اڄ وري ڪرڻو پوندو....“.. گڏ ڪيلي جي کل تي پير رکي ڇڏيائين...
توهان کي اندازو ته ٿي ويو هوندو ته پوء ڇا ٿيو هوندو... اسان جي حالت به ان سردار وانگر آ.. اسان به هر اليڪشن ۾ ...
ڪيلي جي کل کي ڏسندا ته آهيون...
پراڻا ڌڪ به ياد ڪندا آهيون..
مٿو به کنهندا آهيون..
فيس بوڪ تي انهن کي گهٽ وڌ به چوندا آهيون.. پر انهن کان بچڻ بجاءِ ...
ڪل ڀي ڀٽو زنده ٿا .. آج ڀي ڀٽو زنده هي...
تير ڀائي ميرا ڀائي .. الطاف ڀائي الطاف ڀائي..
قدم بڙهائو نواز شريف .. هم تمهاري ساٿ هين...
جهڙا نعرا هڻندي ... ڪيلي جي کل تي پير رکي ڇڏيندا آهيون... ۽ پوء ايندڙ پنجن سالن تائين ساڳيا لاٽون ساڳيا چُگهه...
مَردن جي ايمانداري۔۔۔
**********
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته ڪو غريب ڪاٺير هوندو هو۔۔ هو روزانو ڪاٺيون ڪٽيندو هو ۽ انهن کي کپائي گذر سفر ڪندو هو۔۔ هڪ دفعي هو ڪاٺيون ڪٽي واپس ڳوٺ ڏانهن ٿي آيو ته رستي ۾ ايندڙ ندي تي موجود پل تان گذرندي سندس ڪهاڙي ندي ۾ ڪري پئي۔۔۔ڪاٺير وٽ اها هڪ ئي ڪهاڙي هئي۔۔ نئين ڪهاڙي وٺڻ سندس وس ۾ نه هو۔۔ ان ڪري پنهنجي روزي حاصل ڪرڻ واري اوزار کي وڃائيڻ تي هن روئڻ شروع ڪيو ۔۔ ٿوري ئي دير ۾ ندي مان هڪ پاڪدامن نوجوان انسان ظاهر ٿيو ۽ کائنس روئڻ جو سبب پڇيو۔۔
ڪاٺير کيس پنهنجي ڪهاڙي گم ڪرڻ جو ذڪر ڪيو۔۔ نوجوان پاڻي اندران هڪ سوني ڪهاڙي کڻي سندس اڳيان رکي ۽ پڇائين ۔۔۔ ”ڇا تنهنجي هيءَ ڪهاڙي آهي۔۔؟“
ڪاٺير ڪهاڙي ڏسي چيو ته ۔۔”نه منهنجي هي ڪهاڙي نه آهي۔۔“
نوجوان هڪ دفعو ٻيهر پاڻي ۾ ويو ۽ هن دفعي چاندي جي ڪهاڙي ڪاٺير اڳيان آڻيندي پڇيو۔۔”ڇا تنهنجي هيءَ ڪهاڙي آهي۔۔؟“
ڪاٺير هن دفعي انڪار ۾ مٿو ڌوڻيو۔۔ جنهن تي نوجوان هڪ دفعو ٻيهر پاڻي ۾ وڃي سندس واري لوهه جي ڪهاڙي کڻي سندس اڳيان آندي۔۔
هن دفعي ڪاٺير نوجوان جي پڇڻ کان اڳ ئي چيو۔۔ ”ها بلڪل ۔۔! هيءَ منهنجي ڪهاڙي آهي۔۔“
پاڪدامن انسان کي ڪاٺير جي سچائي ۽ ايمانداري ڪافي پسند آئي ۽ کيس ٽئي ڪهاڙيون ڏئي ڇڏيون۔۔
ڪجهه عرصي کان پوءِ ساڳيو ڪاٺير پنهنجي زال سان ان ندي جي پل تان گذري رهيو هيو جڏهن سندس زال نديءَ ۾ ڪري پئي۔۔۔ جنهن تي هن روئڻ شروع ڪري ڏنو۔۔
ٿوري ئي دير ۾ ساڳيو پاڪدامن نوجوان ظاهر ٿيو ۽ کائنس ماجرا پڇي۔۔۔ ڪاٺير کيس ٻڌايو ته سندس زال نديءَ ۾ ڪري پئي آهي۔۔۔ نوجوان پاڻي ۾ واپس موٽيو ۽ پاڻي مان هڪ انتهائي خوبصورت نوجوان ۽ زيورن سان آراستا ڪنوار کي ٻاهر کڻي نڪتو۔۔۔ ۽ ڪاٺير کان پڇيائين ۔۔ ”ڇا تنهنجي هي زال آهي۔۔۔؟“
سلوڪ..


هڪ پٽ پڙهي لکي وڏو ماڻهون بڻجي ويو ۔۔ والد جي وفات کان پوءِ سندس امڙ هر طرح جو ڪم ڪري کيس ان قابل بڻايو هو۔۔۔ شادي کان پوءِ سندس زال کي ماء سان شڪايت رهڻ لڳي ته هوءَ سندن اسٽيٽس تي فٽ ناهي۔۔ ماڻهن کي ٻڌائيندي لڄ ٿيندي آهي ته ”اڻ پڙهيل عورت سندس سس آهي۔۔“
ڳالهه وڌڻ تي پٽ هڪ ڏينهن ماءُ کي چيو ۔۔ ”مان هاڻي ان قابل ٿي ويو آهيان جو ڪوبه قرض لاهي سگهان ۔۔۔ مان ۽ تون ٻئي خوش رهنداسين ۔۔ ان ڪري مان چاهيان ٿو ته توهان مون تي ڪيل سمورن خرچن کي وياج سميت حساب ڪري ڏسيو۔۔۔ مان اها رقم ادا ڪندس ۽ پوء اسان الڳ رهي ڪري سکيا رهنداسين۔۔۔“
ماءُ حيرت سان سوچيندي رهي ۽ ڪجهه وقت کانپوء چيائين۔۔۔ ”پٽ۔۔۔ حساب ٿورو وڏو آ۔۔ سوچي ڪري ٻڌائڻو پوندو۔۔ مون کي ٿورو وقت گهرجي۔۔“
پٽ چيو۔۔۔ ”خير آ امان۔۔ ڪا جلدي ناهي ۔۔ ڀلي ٻه چار ڏينهن لڳائي ٻڌائجان۔۔۔“
رات ٿي سڀ سمهي پيا ۔۔۔ ماءُ هڪ لوٽي ۾ پاڻي کنيو ۽ پٽ جي ڪمري ۾ آئي ۔۔۔ پٽ جنهن پاسي ستل هو ان جي هڪ پاسي پاڻي هاري ڇڏيائين۔۔ پٽ پاسو ورايو ته ٻئي پاسي به پاڻي هاري ڇڏيائين۔۔ پٽ جنهن به طرف پاسو پئي ورايو ماء ان جي مخالف پاسي پاڻي هاريندي رهي۔۔۔
پريشان ٿيندي پٽ اٿي پيو۔۔۔ ۽ ماء کي ائين ڪندي ڏسندي ڪاوڙ ۾ چيائين۔۔ ”امان هي ڇا پئي ڪرين۔۔؟ منهنجي بستري کي پاڻي سان آلو ڇو پئي ڪرين۔۔۔؟“
ماءُ جواب ڏنو۔۔ ”پٽ تو مون کان پوري زندگي جو حساب لڳائڻ جو چيو هو۔۔ مان اڃان اهو حساب پئي لڳايو ته مون ڪيتريون راتيون تنهنجي ٻالڪپڻ ۾ تو طرفان بسترو آلو ڪرڻ تي جاڳندي ڪاٽيون هيون۔۔ هي ته پهرين رات آ۔۔ ۽ تون هاڻي کان ئي گهٻرائي وئين۔۔۔ مون ته اڃان حساب شروع ئي نه ڪيو آهي۔۔ جنهن کي تون ادا ڪري سگهين۔۔۔“
ماء جي ان ڳالهه پٽ جي دل کي جنجهوڙي ڇڏيو۔۔ پوري رات هن سوچڻ ۾ گذاري ڇڏي۔۔ شايد کيس احساس ٿي چڪو هو ته ماءُ جو قرض ڪڏهن به لاهي ڪونه سگهبو۔۔۔
Jan 25, 2013
احساس۔۔۔۔ !

هڪ ڳوٺ ۾ هڪ همراه پنهنجي زال ۽ پٽ سان رهندو هو۔۔۔ پٽ ننڍي کان وڏيو ٿيو هو پر ڪو ڪم نه ڪندو هو۔۔ جڏهن ته سندس پيء روزانو ڳوٺ جي ڀرسان شهر ڏانهن ڊيوٽي تي ويندو هو۔۔ پٽ جي واندي ويهڻ تي اڪثر پيء کيس دڙڪا ڏيندو رهندو هو۔۔ پر هميشه ماء پنهنجي پٽ جي پاش ٻڌندي چوندي هئي ته هو اڃان ننڍو آهي۔۔
هڪ ڏينهن والد پٽ تي ڪاوڙ ڪندي پنهنجي زال کي چيو ته ”جيسيتائين هي روزانو ڪمائي نه ايندو تيسين کيس رات جي ماني نه ملندي۔۔“
ٻئي ڏينهن صبح جو پيء پنهنجي ڪم تي شهر ڏانهن روانو ٿي ويو۔۔۔ جنهن کان پوءِ ماء پٽ کي ماني ڏيندي چيو۔۔ ”پٽ تون گهٻراء نه۔۔۔ ! هي وٺ 100 روپيا ۔۔۔ جڏهن پڻهين واپس موٽي ته کيس ڏجانءِ ۔۔ ۽ چئجانءِ ته اڄ مون مزدوري ڪري هي پيسا ڪمايا آهن۔۔۔“
پيء شام جو گهر آيو ۽ پٽ کان پڇيائين ته اڄ تو ڪو ڪم ڪيو ۔۔ ۽ ڪجهه پئسا ڪمايا۔۔۔
پٽ کيسي مان 100 روپيه ڪڍي پيء کي ڏنا۔۔۔ پيء 100 جو نوٽ وٺي غور سان پٽ کي ڏٺو ۽ ڪجهه سوچڻ کان پوءِ اچانڪ 100 جي نوٽ کي ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري دري کان ٻاهر اڇلايو۔۔ ۽ ڪاوڙ ۾ چيو۔۔ ”هي پئسا تو نه ڪمايا آهن۔۔ يقينن هي پئسا توکي ماڻهين ڏنا هوندا ۔۔“
ماء 100 جي نوٽ کي ٽڪرا ٿيندي ڏٺو پر ڪجهه نه ڪڇي۔۔۔ جڏهن ته پٽ ڪجهه چوڻ بنا ٻاهر نڪري ويو۔۔۔
ٻئي ڏينهن شام جو واپسي تي هڪ دفعو وري ساڳي صورتحال ٿي۔۔ پٽ هڪ دفعو وري ماء کان ورتل 100 روپين جو نوٽ پنهنجي پيء کي ڏنو ۔۔۔ پر پيء نوٽ کي وٺي ان کي ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري دري کان ٻاهر اڇلايو۔۔ ۽ ڪاوڙ ۾ چيو۔۔ ”هي پئسا تو نه ڪمايا آهن۔۔ يقينن هي پئسا توکي ماڻهين ڏنا هوندا ۔۔“
هڪ دفعو وري ماء ۽ پٽ ڪجهه نه ڪڇيا۔۔۔
اهڙي طرح ائين روزانو ٿيندو رهيو ۽ ست ڏينهن گذري ويا۔۔۔ آخر ڪار هڪ ڏينهن پٽ کي احساس ٿيو ته گهڻو ڪجهه ٿيو هاڻي کيس ڪجهه ڪرڻ گهرجي۔۔ هاڻي ماء پريشان ٿي ۽ کيس وڌيڪ رقم ڏنائين پر پٽ رقم وٺڻ بنا ئي گهر مان نڪري ويو۔۔۔
هن ڳوٺ ٻاهران هڪ هاري کي ٻني ۾ ٻج ڇٽيندي ڏٺو۔۔ ۽ کيس سندس ڪم ۾ مدد ڪرڻ جي آڇ ڪئي۔۔ هاري سندس محنت سان ڪم ڪرڻ تي خوش ٿي کيس ڪجهه روپيا ڏنا ۔۔۔ جنهن کان پوءِ هي مارڪيٽ ويو جتي هڪ واپاري جو هٿ ونڊائيندي سندس اناج کي گاڏي تي رکرايو ۔۔ جنهن تي واپاري به کيس ڪجهه رقم ڏني۔۔۔ مطلب ته شام جو گهر واپس ويندي سندس وٽ محنت سان ڪمايل 50 روپيا کيسي ۾ موجود هيا۔۔۔
شام جو جڏهن پيء شهر کان واپس گهر موٽيو ته پٽ هن دفعي کيس فخر سان 50 روپيا سندس هٿن ۾ ڏنا۔۔ پيء کيس غور سان ڏٺو ۽ ساڳيو عمل ڪيو۔۔ هن 50 جي نوٽ کي ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري دري کان ٻاهر اڇلايا۔۔ ۽ ڪاوڙ ۾ چيو۔۔ ”هي پئسا تو نه ڪمايا آهن۔۔ يقينن هي پئسا توکي ماڻهين ڏنا هوندا ۔۔“
هن دفعي پٽ جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو۔۔ هن روئندي گهر ٻاهران ڊوڙ پاتي ۽ پيء جي ٽڪرا ڪري اڇايل نوٽ کي ميڙڻ شروع ڪيو۔۔ جڏهن هو سمورا ٽڪرا گڏ ڪري اٿيو ته پنهنجي پيء کي سامهون سندس انتظار ۾ ڏٺائين۔۔۔ پيء کيس ڀاڪر ۾ وٺندي چيو۔۔
”اچ ته ماني کائون۔۔ مون کي خبر آهي ته هي پئسا تو واقعي به ڪمايا آهن۔۔ ڇو ته تون انهن کي ائين ضايع ٿيندي نه ڏسي سگهندي۔۔۔ جو توکي پنهنجي محنت سان حاص ڪيل ان رقم جي اهميت جو احساس ٿي چڪو آهي۔۔ “
ڪردار جي اهميت...

هڪ همراه رنگ برنگي ڦوڪڻا کپائي گذر سفر ڪندو هوندو۔۔۔ سندس ڦوڪڻن ۾ نيرا، ساوا ۽ ڦڪا ڦوڪڻا شامل هوندا هئا۔۔۔ هُو جڏهن به محسوس ڪندو هو ته ڌنڌو گهٽجڻ لڳو آهي ته هو هڪ هيليم گيس سان ڀريل ڦوڪڻي کي هوا ۾ ڇڏي ڏيندو هو۔۔۔ جڏهن ٻار ان ڦوڪڻي کي هوا ۾ اڏرندي ڏسندا هئا ته اهو ان همراه کان ڦوڪڻا خريد ڪرڻ لاءِ ڊوڙي ايندا هئا۔۔۔ اهڙي طرح همراهه جو ڌنڌو ٻيهر چمڪي پوندو هو۔۔۔
همراه سمورو ڏينهن بس اهو ئي ڪم ڪندو هو۔۔۔ هڪ ڏينهن هن محسوس ڪيو جهڙوڪ ڪير سندس قميص ڇڪيندو هجي۔۔۔ هن فري پويان ڏٺو ته کيس هڪ ننڍڙو ٻار نظر آيو جنهن کيس چيو ۔۔۔ ”جيڪڏهن توهان ڪاري رنگ وارو ڦوڪڻو به هوا ۾ ڇڏيو ته اهو اڏرندو۔۔۔؟“
همراهه جواب ڏنو۔۔۔ ”پٽ۔۔! اهو ڪو رنگ ناهي بلڪه اها ڦوڪڻي جي اندر موجود گيس آهي جيڪا ڦوڪڻي کي اڏاريندي آهي۔۔۔“
سبق: اسان جي زندگي جو مثال به ان ڦوڪڻي وانگر آهي۔۔۔ اسان جي اندر اهو ڀلو ڪردار ئي آهي جيڪو اسان جي زندگي کي اوچو بڻائي ٿو۔۔۔
زندگي جي حقيقت۔۔

ٽن دوستن هڪ دفعي چائنا ۾ موڪلون گذارڻ جو فيصلو ڪيو۔۔۔ جئين ته هو چائنا ۾ نوان هئا ان ڪري هوٽل جي 60 منزل تي ئي رهائش وٺي سگهيا۔۔۔ هوٽل جو اصول هيو ته رات جو 12 بجي کان پوءِ لفٽ کي بند ڪيو ويندو هو۔۔۔
ٽئي دوست هڪ ڏينهن هڪ ڪار ڪرائي تي وٺي چائينا جو شهر گهمندا رهيا ۽ مزا ماڻيندا رهيا۔۔۔ ۽ کين وقت گذرڻ جو احساس ئي نه ٿيو۔۔۔ ۽ ائين واپسي تي کين هوٽل پهچندي پهچندي رات جا ساڍا 12 وڄي ويا۔۔۔ ۽ تيسين هوٽل جي اصول مطابق لفٽ کي بند ڪيو ويو هو۔۔۔
پنهنجي ڪمري ۾ پهچڻ لاءِ هاڻي کين 60 منزلون ڏاڪڻن ذريعي طئي ڪرڻيون پئجي ويون۔۔۔ ٽنهي دوستن صلاح ڪئي۔۔۔ هڪ دوست چيو ته پهرين 20 منزلن تائين هو لطيفا ٻڌائيندو رهندو۔۔۔ ٻئي دوست چيو ته وڌيڪ 20 منزلن تائين هو سب آموز ڪهاڻيون ٻڌائيندو ۔۔۔ جڏهن ته ٽئين دوست چيو ته آخري 20 منزلون طئي ڪندي هو ڏکوئندڙ واقعا ٻڌائيندو۔۔۔ اهڙي طرح فاصلو طئي ٿي ويندو۔۔۔
واعدي مطابق پهرين دوست 20 منزلن تائين مزيدار لطيفا ٻڌايا ۔۔۔ جڏهن ته وڌيڪ 20 منزلون طئي ڪندي ٻئي دوست سبق آموز ڪهاڻيون ٻڌايون۔۔۔ اهڙي طرح 40 منزلون طئي ٿي ويون۔۔۔ ۽ دوست ڪافي لاڀائتيون ڳالهيون سکندا رهيا۔۔۔
جنهن کان پوءِ ٽئين دوست جو وارو آيو جنهن چيو ۔۔۔ ”منهنجي پهرين ڏکوئيندڙ ڳالهه اها آهي ته ڪمري جون چاٻيون ته مان هيٺ ڪار ۾ ئي وساري آيو آهيان۔۔۔“
سبق: مٿين ڪهاڻي به دراصل اسان کي زندگي جي ڦيري جو درس ڏئي ٿي۔۔۔ زندگي جا پهريان 20 سال اسان مذاقن ۽ خوشين ۾ گهاري ڇڏيون ٿا۔۔۔ جڏهن وڌيڪ 20 سالن دوران اسان محنت ڪندي ڪجهه پيسو ڪمايون ٿا، شادي ڪندي پنهنجا فرض نڀايون ٿا۔۔ ۽ اولاد پيدا ڪري انهن کي بهتر تربيت ڏيون ٿا۔۔۔ اهڙي طرح جڏهن اسان 40 سالن جي عمر کي پهچون ٿا۔۔ ۽ پنهنجا سفيد ٿيندي وار ڏسون ٿا ته آخرت جي تياري ڪرڻ جي سوچ ۾ لڳي وڃون ٿا۔۔۔ پر افسوس جو اسان مان ڪافي اڳتي وڌڻ جون چاٻيون پوئتي وساري ايندا آهن ۔۔ ان ڪري ڪيڏو ڀلو ٿئي جو اسان زندگي جي شروعات ۾ ئي موت جو خوف سامهون رکي پنهنجي آخرت سنوارڻ جون چاٻيون سنڀاليندا رکون۔۔۔
Jan 19, 2013
زندگي جا رنگ

سمنڊ ڪناري هڪ ٻار کي ڏٺو.. جيڪو واري جو گهر ٺاهيندي پري کان ايندڙ هڪ ٻيڙي تي نظر رکيو ويٺو هو... اچانڪ لهريون اٿيون ۽ ٻيڙي لڏڻ لڳي.. ڪجهه بي چين آواز نڪتا ۽ ٻار کلندي ٽهڪ ڏنو.. ان جي صحتمد ڳلن تي ٺهندڙ چُگهه کي ڏسي مون سوچيو ... اهائي ته زندگي آ..
ايتري ۾ ڇولي آئي ۽ ٻار جو ٺهيل واري جو گهر لوڙهي وئي... ٻار جي وڏين وڏين اکين ۾ پاڻيءَ جون نمڪين لهريون اٿيون ... تڏهن مون سوچيو ته زندگي ته هيءَ آ...
Jan 15, 2013
غرور جو انت..

رستي تي رکيل هڪ ڏيئي چيو...
”مان ڀٽڪيل مسافرن کي راه ڏيکاريان ٿو... مان سڀ کان وڏو هان...“
مجلس ۾ رکيل ڏيئي چيو....
”ماڻهون منهنجي روشني جي چوڌاري ويهي سٺيون ۽ نيڪ ڳالهيون ڪن ٿا.. ۽ هڪ ٻئي کي نيڪ رستي تي هلڻ جي تلقين ڪن ٿا.. مان نه هجان ها ته اهو نيڪ ڪم بلڪل به نه ٿئي ها.. ان ڪري مان وڏو آهيان....“
ايتري ۾ هوا جو هلڪو جهونڪو آيو ... ۽ ٻئي ڏيئا اجهائي هليو ويو...
Jan 14, 2013
ملڪ ۾ امن ڪيئن قائم ٿيندو...؟

هڪ دفعي هڪ بادشاهه هڪ ڪنڀر جي گڏهن کي هڪ ئي لائين ۾ هلندي ڏٺو ۔۔۔ هن ڪنڀر کي گهرايو ۽ پڇيو ته ”هي هڪ ئي قطار ۾ سڌا ڪيئن ٿا هلن۔۔۔؟“
ڪنڀر چيو ته ”جيڪو لائين ٽوڙيندو آهي مان ان کي سزا ڏيندو آهيان۔۔“
بادشاهه چيو ته ”منهنجي ملڪ ۾ امن امان قائم ڪري سگهين ٿو۔۔ ؟“
ڪنڀر حامي ڀري ۽ بادشاهه سان گڏ هلي پيو۔۔
سلطنت پهچندي ئي درٻار لڳي ۔۔۔ پهريون مقدمو هڪ چور جو آيو۔۔ ڪنڀر فيصلو ڪندي چور کي چوري ڪرڻ جي جرم ۾ هٿ ڪٽڻ جي سزا ٻڌائي۔۔۔ جلاد وزيرِاعظم جي طرف اشارو ڪيو ته چور کي ان جي سرپرستي حاصل آهي۔۔۔ پر ڪنڀر ٻيهر حڪم ڏنو ته چور جو هٿ ڪٽيو وڃي۔۔۔ وزيرِ اعظم سمجهيو ته شايد جج کي پيغام صحيح سمجهه نه آيو ۔۔۔ ان ڪري هو اڳتي وڌيو۔۔۔ ۽ ڪنڀر جي ڪن ۾ چيائين ته ۔۔۔ ”هي پنهنجو ماڻهون آهي۔۔۔“
ڪنڀر بطورِ جج اعلان ڪيو ته ۔۔۔ ”چور جو هٿ ڪٽيو وڃي ۽ وزيرِاعظم جي زبان ڪٽي وڃي۔۔۔“
بادشاهه فيصلي تي عمل ڪرائي ڇڏيو۔۔۔ رت جي راند ۽ باهه ۾ وڪوڙيل ان ملڪ ۾ ان هڪ ئي فيصلي سان عمل ٿي ويو۔۔۔
جيڪڏهن پنهنجن جي سرپرستي ڪرڻ ڇڏي ڏجي۔۔۔
جيڪڏهن مخالفن کي ڦاسائڻ جون چالون بند ڪري ڇڏجن۔۔۔
ته گوليون به بند ٿي وينديون۔۔۔ ته قتل غارت گري به رڪجي ويندي۔۔۔ ۽ ملڪ ۾ امن به قائم ٿي ويندو۔۔۔
سڀئي ائين پيا ڪن جي اسان ڪيو ته ڇا ٿي پيو۔۔

سائنسدانن جي هڪ گروهه 5 ڀولڙن کي هڪ پنڃري ۾ بند ڪيو ۔۔۔ پنڃري ۾ هڪ ڏاڪڻ رکي ۽ مٿي ٽوڪري ۾ ڪجهه ڪيلا به رکيا۔۔۔ جڏهن ڪو ڀولڙو ڏاڪڻ تي چڙهڻ شروع ڪندو هو ته سائنسدان هيٺ موجود ڀولڙن تي ٿڌو پاڻي هارڻ شروع ڪندا هئا۔۔۔
ان واقعي کان پوءِ جڏهن به ڪو ڀولڙو ڪيلن جي لالچ ۾ مٿي وڃڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته هيٺ موجود ڀولڙا ان کي ڏاڪڻ تي چڙهڻ نه ڏيندا هئا۔۔۔ ڪجهه دير کانپوءِ ڪيلن جي لالچ باوجود ڪو به ڀولڙو ڏاڪڻ تي چڙهڻ جي همت نه پيو ڪري۔۔۔
سائنسدانن فيصلو ڪيو ته انهن مان هڪ ڀولڙي کي تبديل ڪجي۔۔۔ پهرين جيڪا حرڪت نئين ڀولڙي اچڻ سان ڪئي سا هئي ڏاڪڻ تي چڙهڻ جي پر جلد ئي ٻين ڀولڙن ان کي مارڻ شروع ڪيو۔۔۔ ڪئي دفعا مار کائڻ کانپوءِ نئين ايندڙ ڀولڙي فيصلو ڪري ڇڏيو ته هاڻي ڏاڪڻ تي نه چڙهبو۔۔۔ ايتري تائي جو کيس ان جو سبب معلوم ئي نه هو۔۔۔ته ۔۔۔ ڇو؟
سائنسدانن هڪ ٻيو ڀولڙو تبديل ڪيو۔۔۔ ان جو به ساڳيو حشر ٿيو۔۔ ۽ مزي جي ڳالهه اها هئي ته ان کان اڳ تبديل ٿيندڙ ڀولڙو به نئين ڀولڙي کي مارڻ ۾ شامل هيو۔۔ ان کانپوءِ ٽئين ڀولڙي کي به تبديل ڪيو ويو۔۔۔ جنهن جو پڻ ساڳيو حشر (مار) ٿيو۔۔۔ اهڙي طرح سمورا پراڻا ڀولڙا نون ڀولڙن سان تبديل ڪيا ويا۔۔۔ ۽ سڀني سان اهو سلوڪ ٿيندو رهيو۔۔۔
هاڻي پنڃري ۾ صرف نوان ڀولڙا رهجي ويا هئا۔۔ جن تي ڪڏهن به سائنسدانن ٿڌو پاڻي نه هاريو هيو۔۔ پر پوءِ به اهي ڏاڪڻ تي چڙهندڙ ڀولڙي کي ماريندا رهيا۔۔۔ جيڪڏهن اهو ممڪن هجي ته ڀولڙن کان پڇيو وڃي ته ”توهان ڇو ڏاڪڻ تي چڙهندڙ ڀولڙي کي ماريو ٿا۔۔۔؟“ ته يقينن هو جواب ڏيندا ته ”اسان کي ناهي خبر۔۔۔ اسان ته سڀني کي ائين ڪندي ڏٺو آهي۔۔۔“
”ته پوءِ ڪهڙو سبب آهي جو اسان جو حال ٻڪرين ۽ رڍن وانگر هڪ ٻئي پٺيان هلڻ جهڙو آهي۔۔۔ ۽ ڪوبه عمل ڪرڻ لاءِ بس هڪ ئي دليل آهي ته ۔۔۔ سڀئي ائين پيا ڪن جي اسان ڪيو ته ڇا ٿي پيو۔۔“
Jan 11, 2013
مايوس نه ٿيو .... هو دعا ضرور قبول ڪندو..

۽ توهان جو پروردگار چوي ٿو ته مون کي ئي پڪاريو، مان توهان جي سڏ جو جواب ڏيندس. جيڪي ماڻهو منهنجي ٻانهپ ۽ فرمابرداري ڪرڻ کان تڪبر جي ڪري پري ٿا ڀڄن سي يقيناً جلد ئي خوار خراب ٿي جهنم ۾ داخل ٿيندا۔
مترجم : علامه علي خان ابڙو

هڪ غريب خاندان جي ڇوڪر پنهنجي پيء کي چيو ته مون کي سائيڪل وٺي ڏي۔۔۔ غريب پيء لاءِ سائيڪل خريد ڪرڻ مشڪل هو۔۔ هن کيس ٽرڪائي ڇڏيو۔۔ ڇوڪرو بار بار چوندو رهيو ۽ پيء بار بار منع ڪندو رهيو۔۔ آخر ڪار هڪ ڏينهن تنگ ٿي پيء دڙڪا ڏيندي کيس چيو ته ”مون چيو نه ته مان سائيڪل ڪونه خريد ڪري سگهندس۔۔۔ ان ڪري مون کي وري نه چئجانء۔۔۔“
اهو ٻڌي ڇوڪري جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا۔۔ هو ڪجهه دير لاءِ چپ ٿي ويو پر پوءِ چيائين۔۔
ان جملي پيء کي تڙپائي ڇڏيو۔۔ اچانڪ هن جو انداز مٽجي ويو۔۔۔۔ تڏهن پيء چيو۔۔۔ ”ٺيڪ آ پٽ۔۔۔ مان تنهنجي لاءِ سائيڪل ضرور وٺندس۔۔۔“ اهو چوندي پيء جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا۔۔ ڪجهه ڏينهن جي وڌيڪ محنت ۽ ڪوشش سان پئسا گڏ ڪيا ۽ پٽ لاءِ سائيڪل خريد ڪري ورتي۔۔
ڇوڪري بظاهر هڪ لفظ چيو هو۔۔ پر اهو اهڙو لفظ هيو۔۔ جنهن جي قيمت هن جي پنهنجي زندگي هئي۔۔ جنهن ۾ پوري هستي شامل ٿي چڪي هئي۔۔ ان لفظ جو مطلب اهو هو ته هن پنهنجو پاڻ کي پنهنجي سرپرست اڳيان بلڪل خالي ڪري ڇڏيو هو۔۔ اهي لفظ چئي هن پنهنجو پاڻ کي ان جاءِ تائين پهچايو هو جتان سندس درخواست سندس سرپرست لاءِ به اهڙو مسئلو بڻجي چڪي هئي جهڙو سندس لاءِ هئي۔۔۔
هي انساني واقعو خدائي واقعي جو مثال آهي۔۔ جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته آخر اها ڪهڙي دعا آهي جيڪا واپس نه ٿي ڪئي وڃي۔۔ هي اها دعا آهي جنهن ۾ بندو پنهنجي پوري هستي کي شامل ٿو ڪري ڇڏي۔۔ جڏهن بندي جي اک مان اهو عاجزي وارو قطرو ٽپڪي ٿو پوي جنهن کي برداشت زمين ۽ آسمان به نه ڪري سگهي۔۔ جڏهن بندو پنهنجو پاڻ کي پنهنجي رب سان ايترو شامل ٿو ڪري ڇڏي جو ”پٽ“ ۽ ”پيء“ هڪ ئي ترازي جي ٻنهي پلڙن جي برابر اچي ويندا آهن۔۔۔
هي اهو لمحو هوندو آهي جڏهن دعا بس زبان مان نڪرندڙ هڪ لفظ ناهي هوندي پر پنهنجي شخصيت کي ختم ڪرڻ جي انتها بڻجي ويندي آهي۔۔ ان وقت خدا جون رحمتون پنهنجي بندي جي مٿان بارش وانگر وسي پونديون آهن۔۔ بندگي ۽ خدائي ٻئي هڪ ٻئي سان راضي ٿي وينديون آهن۔۔ قادرِ مطلق، عاجزِ مطلق کي پنهنجي جهولي ۾ کڻي وٺندو آهي۔۔
Jan 10, 2013
ڏيڻ واري کان گهرو ته سڀ کان ڀلو گهرو...

هڪ نوجوان ڪنهن غريب ڇوڪري کي ڏٺو جيڪو سندس قيمتي ڪار کي غور سان ڏسي رهيو هو۔۔۔ کيس ان غريب ڇوڪر تي ترس آيو۔۔۔ هُو اٿيو ۽ ڇوڪري کي ڪار تي چڪر ڏيڻ جي دعوت ڏني۔۔۔
ڇوڪرو راضي ٿيو ۽ ڪار ۾ ويهندي نوجوان کي چيائين ته ”تنهنجي ڪار ڏاڍي خوبصورت آهي۔۔ هي يقينن قيمتي به هوندي۔۔ ڪيتري قيمت هوندس۔۔۔؟“
نوجوان جواب ڏنو ۔۔۔ ” مون کي ناهي خبر۔۔۔ مون کي ته هي ڪار منهنجي ڀاء سالگره تي تحفي ۾ ڏني آهي۔۔۔“
ڇوڪرو ڪجهه وقت سوچيندو رهيو ۽ پوءِ حسرت سان چيائين ۔۔”توهان جو ڀاء ڪيترو نه ڀلو آهي۔۔۔“
نوجوان مسڪرائيندي چيو ته۔۔۔ ”ڇا تون هي ڪار وٺڻ چاهيندين۔۔۔؟“
ڇوڪري ٿڌو ساهه کڻندي چيو۔۔۔ ”نه۔۔۔! مان ته اهڙو ڀاء وٺڻ چاهيندس۔۔۔“
ڏيڻ واري کان ڪجهه گهرڻ چاهيو ته ڀلو آ ته کيس ئي گهرو۔۔۔ ڇو ته پوء ته سڀ ڪجه ملي ويندو۔۔۔ پوءِ ڇو نه اسان به رب پاڪ کان دنيا جون شيون گهرڻ بجاءِ کيس ئي گهرون۔۔۔ ڇو ته جنهن کي الله مليو۔۔ معنى ان کي سڀ مليو۔۔۔
