Feb 2, 2013

ويراني جو سبب

[IMG]چوندا آهن ته هڪ طوطَي ۽ طوطِي جو گذر هڪ ويران ڳوٺ مان ٿيو۔۔ ويراڻو ڏسي طوطِي نر طوطي کي چيو ”ڪيڏو نه ويرانو آ هن ڳوٺ ۾۔۔۔“

نر طوطي جواب ڏنو۔۔۔ ”لڳي ٿو هتان ڪنهن چٻري جو گذرڻ ٿيو هوندو۔۔۔“

انهي وقت هڪ چٻري جو اتان گذرڻ ٿيو۔۔ هن نر طوطي جي ڳالهه ٻڌي ته بيهندي ٻنهي کي چيائين ۔۔”توهان هن ڳوٺ ۾ مسافر ٿا لڳو۔۔۔ اڄ رات منهنجا مهمان ٿيو ۽ مون سان گڏ رات جي ماني کائو۔۔۔“

چٻري جي محبت سان ڀريل دعوت کان طوطن جو جوڙو انڪار نه ڪري سگهيو ۽ دعوت قبول ڪري ورتي ۔۔

ماني کائي جڏهن انهن اجازت گهري ته چٻري طوطِي جو هٿ پڪڙيندي چيو ”تون ڪاڏي ٿي وڃي۔۔۔“

طوطِي وراڻيو ۔۔۔ ”اها به ڀلا ڪا ڳالهه آ۔۔۔ مان پنهنجي مڙس سان پئي وڃان۔۔“

چٻري کلندي چيو۔۔۔ ”ائين وري ڪيئن ۔۔۔ تون ته منهنجي زال آهين۔۔۔“

اهو ٻڌي نر طوطو اڳتي وڌيو۔۔۔ ۽ ڳالهه گرما گرمي کان به چڙهندي وئي۔۔ آخر جڏهن بحٿ وڌيو ته چٻري هڪ تجويز ڏني ته ۔۔۔ ”ڇو نه عدالت هلي قاضي کان فيصلو ڪرائجي۔۔۔؟“

طوطو راضي ٿي ويو۔۔۔ عدالت پهچي جڏهن مسئلو پيش ڪيو ويو ته قاضي دليلن کي سامهون رکندي چٻري جي حق ۾ فيصلو ڏنو۔۔۔

طوطو ان نا انصافي تي ڪافي رنو، رڙيون ڪندو رهيو پر سندس ڪنهن نه ٻڌي۔۔۔ آخر هُو ڳوٺ مان نڪرڻ لڳو ته چٻري کيس چيو ته ۔۔۔”ادا اڪيلو ڪاڏي پيو وڃي۔۔۔ پنهنجي زال ته وٺيون وڃ۔۔۔ “

طوطي حيران ٿيندي جواب ڏنو۔۔ ”پر اها هاڻي منهنجي زال ڪاٿي۔۔۔ عدالت ته تنهنجي حق ۾ فيصلو ڏنو آهي۔۔ “

چٻري نرمي سان وراڻيو۔۔ ”نه دوست۔۔۔! هي منهنجي نه پر تنهنجي ئي زال آهي۔۔ بس مان توکي اهو ٻڌائڻ ٿي گهريو ۔۔۔ ڳوٺ ويران چٻرن جي ڪري نه ٿيندا آهن پر اهي تڏهن ويران ٿيندا آهن جڏهن ملڪ مان انصاف اٿي وڃي۔۔“

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Jan 30, 2013

سڀ کان پهرين ذميداري۔۔۔۔۔۔۔۔

[IMG]

هڪ ڊاڪٽر تڪڙو تڪڙو اسپتال داخل ٿيو ۽ ڪنهن سان ملڻ کان سواءِ ئي تڪڙو لباس تبديل ڪري آپريشن ٿيٽر ڏانهن روانو ٿيو۔۔۔ ڇو ته کيس فون ڪال ڪري ايمرجنسي ۾ گهرايو ويو هو۔۔۔

آپريشن ٿيٽر جي دروازي تي هڪ ضعيف ماڻهون ويٺو هو۔۔ جيڪو کيس ڏسندي ئي اٿي بيٺو ۔۔ ۽ کائنس ڪاوڙ ۾ پڇيائين۔۔۔ ”تو اچڻ ۾ ايترو وقت ڇو لاتو ۔۔ توکي خبر نه هئي ته منهنجي پٽ جي زندگي خطري ۾ آ۔۔ ۽ توکي پنهنجي ذميداري جو احساس آهي۔۔؟“

ڊاڪٽر مسڪرايو ۽ جواب ڏنائين۔۔ ”معاف ڪجو مان اسپتال ۾ نه هيس ۔۔ بس جيئن ئي مون کي ڪال ملي تيئن ئي تڪڙو پهتو آهيان۔۔ اميد ته توهان صبر ڪندو ۽ مون کي ڪم ڪرڻ ڏيندو۔۔“

همراه وڌيڪ ڪاوڙ ۾ چيو۔۔ ”صبر ڪريان۔۔ جيڪڏهن منهنجي پٽ جي جاءِ تي اندر تنهنجو پٽ هجي ها ته تون صبر ڪرين ها۔۔ ؟“

ڊاڪٽر مسڪرائيندي جواب ڏنو۔۔”پاڪ ڪلام فرمائي ٿو ۔۔۔ توهان کي مٽي مان پيدا ڪيو ويو آهي ۽ مٽي ۾ ئي دفن ڪيو ويندو۔۔ الله پاڪ مهربان آهي۔۔ زندگي موت ان جي هٿ ۾ آهي ۔۔۔ ڊاڪٽر ته صرف وسيلو آهي ۔۔ توهان رب پاڪ کان پنهنجي پٽ جي زندگي لاءِ دعا گهرو۔۔۔“

والد هڪ دفعو وري ڪاوڙ ۾ چيو۔۔۔۔ ”ٻين کي مشورو ۽ نصيحت ڏيڻ سولو ڪم آهي۔۔“

آپريشن ڪجهه ڪلاڪ هليو ۽ ڊاڪٽر آپريشن جي ڪاميابي سان ٻاهر آيو۔۔ ”خدا جو شڪر ادا ڪريو۔۔ توهان جو پٽ هاڻي بهتر آهي۔۔ “ ڊاڪٽر مريض جي والد جو جواب ٻڌڻ کانسواءِ ئي تڪڙو ٻاهر نڪتو ۽ ويندي ويندي ٻيهر چيائين۔۔۔”توهان کي ڪا پريشاني هجي ته نرس سان رابطو ڪجو۔۔“

ڀرسان ئي موجود نرس کان مريض جي والد پڇيو۔۔ ”ڊاڪٽر ايترو تڪڙو ڇو ويو هليو۔۔ مون کي پنهنجي پٽ بابت کائنس اڃان پڇڻو هيو۔۔۔“

نرس ڀريل اکين سان جواب ڏنو۔۔”ڊاڪٽر جو پٽ ڪالهه روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ وفات ڪري ويو هو۔۔ ۽ سندس جنازي نماز ٿيڻ کان اڳ ئي کيس فون ڪري هن آپريشن لاءِ گهرايو ويو هو۔۔ هاڻي جڏهن توهان جو پٽ جو آپريشن ڪري چڪو ته هن کي پنهنجي پٽ جي جنازي ۾ شرڪت ڪرڻي هئي۔۔۔“

سبق: ڪنهن به قصوروار نه سمجهو۔۔ ڇو ته توهان کي ناهي خبر ته انهن جو ڪهڙو حال آهي۔۔

سنڌ سلامت تان کينل

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

انسانيت..

زندگي خدا جي ڏِنل هِڪ اهِڙي خوبصورت سُوکڙي آهي جِنهن جو ڪوبه انسان تصور ئي نه ٿو ڪري سگهي۔اِن جي قدر ڪرڻ ۽اُن جي اهميت سمجهڻ گهُرجي۔انسان ايترو ته مادا پرست ٿي ويو آهي جو انسان کي انسان جو احساس ئي نه رهيو آهي۔اڄ ڪلهه جي دور ۾ ڳاڙهو رنگ اسان جي زندگين ۾ ايتري قدر ته شامِل ٿي ويو آهي جو اُهو ڪو ڏينهن ناهي جو اسان جي نظرن اڳيان ڳاڙهو رنگ نه گذرو هُجي۔هر طرف رت ئي رت ،قتلِ عام،معصوم بيگُناهه ماڻهو جي موت ۔اسان انسانيت کي پنهنجي وجود مان ڪڍي ڦِٽو ڪري ڇڏيو آهي۔انسان مان جڏهن انسانيت کي ڌار ڪري ڇڏجي ته باقي انسان ۾ ڇا بچيو؟ڪجه به نه۔خالي ۽ کوکلو وجود۔۽ بي جان جسم۔ڇا اسان اِهو سڀ روڪي نٿا سگهون؟جواب آهي ها روڪي سگهون ٿا۔پنهنجن روين، سٺن عملن،۽ سُٺي ڪردار سان۔رب پاڪ اسان کي اشرف المخلوقات ڪري هِن جهان ۾موڪليو۔۽ اسان خدا ٿيڻ جي ڪوششن ۾ لڳي وياسين۔پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائڻ بجاءِ ٻين جي زندگين ۾لئيا پائڻ شروع ڪياسين۔اچو ته گڏجيانسانيت کي بچايون۔۽جيترو ٿي سگهي محبتون ورهايون هِڪٻئي جي ڪم اچون۔جي اگر واٽ ويندي ٻن ماڻهن ۾ جهيڙو ڏِسون ته بجاءِ اِن جي ته اِهو چئي اُتان گذري وڃون ته اِنهن جو پنهنجو مسئلو آهي،اُنهن جو مسئلو حل ڪيون۔ٿي سگهي ٿو ته الله پاڪ جي ذات کي توهان جو اِهو عمل پسند اچي ۽توهان جا ڪيل ڄاڻي واڻي يا اڻڄاڻائي ۾ ڪيل گُناه ۽ خطائون بخشي ڇڏي۔اچو ته پنهنجي پاڻ سان اِهو عهد ڪيون ته اسن سڀ هِڪ آهيون اسان سڀني جي وجود ۾ رب جي هٿن جو لمس آهي چاهي اُهي هندو هُجن،عيسائي هُجن يا مُسلمان هُجن ۔ پراسان سڀ الله جي مخلوق آهيون اچو ته پنهنجن سُتل احساسن کي جاڳايون ۽ پنهنجن سُٺن عملن سان پنهنجا پنهنجاگُناه ۽ غلطيون بخشرايون۔

سهڻي پارس جي ٿورن سان

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Jan 29, 2013

روح کي ڇهندڙ پيغام ... جي سمجهي سگهو ...

ٽائيم هجي ته هي 7 منٽن واري وڊيو ڏسو...
فلم ڏسندي هڪ لمحي لاءِ فرض ڪريو ته هن وڊيو جا سمورا ڪردار هتان جا آهن.. اهڙن ڪردارن کي غور سان ڏسو ... يقينن توهان کي هڪ زبردست ميسيج ملندو... جيڪو سڌو توهان جي روح کي وڃي ڇهندو ...
پوء ڇا ٿوري دير لاءِ وقت ڪڍندو...؟

ڌرمام… تامل وڊيو.. .انگريزي سب ٽائيٽل سان
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Jan 28, 2013

نياڻيون الله جي رحمت آهن..

[IMG]
نياڻيون سڀني جي مقدر ۾ ڪاٿي هونديون آهن۔۔۔ گهر جيڪو خدا کي پسند هجي ته هونديون آهن۔۔۔
پنهنجي ڌيئرن ۽ ڀينرن سان شفقت سان پيش اچو ۔۔۔ ڇو ته اهي الله جي رحمت هونديون آهن۔۔۔ انهن کي ڪڏهن به بار نه سمجهو۔۔۔ انهن کي الله جي امانت سمجهي شفقت ۽ محبت سان پاليو۔۔۔ ۽ انهن جي سٺي دنيوي ۽ ديني تربيت ڪريو۔۔ اهي توهان جي گهر جون مهمان آهن۔۔۔ امانت آهن ۔۔۔ آخر انهن کي پنهنجي گهر وڃڻو آهي۔۔ جتي خبر ناهي ته سندن زندگي ڪيتري خوش گوار گذري۔۔۔
*********************
حضرت ابنِ عباس رضي الله تعالى عنه فرمائين ٿا۔۔ ته رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو: ”جنهن مرد جون ٻه ڌيئر بالغ ٿي وڃن۔۔۔ ۽ انهن سان حسنِ سلوڪ رکي (سٺو کارائي پياري ۽ ديني ادب سيکاري) جيسيتائين اهي ڌيئر گڏ رهن ۽ حسنِ سلوڪ ۾ گهٽتائي ٿيڻ نه ڏئي۔۔۔ ته اهي ڌيئر ئي کيس جنت ڏياريينديون۔۔۔ “
حوالو: ابنِ ماجه : جلد ٽيون: حديث نمبر 550
*********************
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>