Dec 5, 2012

توبهه جو در ته هميشه کليل رهندو آهي...



ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته هن پاڻي جي بوندن جي به ڪهڙي قسمت آهي۔۔؟ اسان کي پاڪ ڪندي ۔۔ اسان جي ناپاڪي کڻي وڃي ڪنهن نالي سان ملنديون آهن۔۔

پر جڏهن غور ڪيم ته خبر پئي ته ۔۔ اها نالي به ته ڪاٿي نه ڪاٿي وڃي ڪنهن ندي يا درياء سان ملندي هوندي۔۔ ۽ جيئن ئي هو ڪنهن وهندڙ ندي يا دريا سان ملندي هوندي۔۔ ته اهي پاڻي جون بوندون هڪ دفعو وري پاڪ ٿي وينديون آهن۔۔۔ اهڙي طرح اهي بوندون ندي يا درياء يا سمنڊ سان ملندي ئي وسيع ٿي وينديون آهن۔۔ ۽ پنهنجي انتها کي پهچنديون آهن ۔۔ مطلب اهي بوندون ناپاڪي هٽائڻ جو ڪم ڪندي سمنڊ بڻجي وينديون آهن۔۔۔

سمجهه ۾ آيو ته جيڪو ٻين کي پاڪ ڪندو اهو ۔۔ عارضي وقت لاءِ ناپاڪ سهي پر ان سفر تي رهيو ته ان جو انجام پاڪائي ۽ وڏائي جي انتها هوندو۔۔۔

ساڳيو مثال اسان تي به ٺهي ٿو۔۔ ته جيڪڏهن اسان ڪنهن جي خدمت ڪنداسين ته بظاهر ٿوري پريشاني ٿيندي پر جيڪڏهن اهو سفر جاري رکيو ته ٿي سگهي ٿو الله تعالى پنهنجي پيارن ۾ شمار ڪري اسان جا سڀ ڏک ڏولاوا ڏور ڪري ڇڏي۔۔ ۽ پنهنجي فضل جي ٻاجهه ڪري۔۔۔

حاصل مطلب: ظاهري پريشانين سان گهٻرائي ڪري پنهنجو نيڪي جو سفر روڪي نه ڇڏن گهرجي۔۔ جو توبهه جو دروازو هميشه کليل رهندو آهي۔۔

2 تبصره :

Abdul Hafeez Laghari لکيو آهي

ادا بهترين تحرير ۽ تخيل!

رشيد سمون لکيو آهي

وڏا توهان جي خيالن سان سليمان اتفاق نه ڪندو... :)

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔

تبصرو لکو يا پيسٽ ڪريو ۽ پبلش ڪريو